18/11/2025
سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبرن ۽ وڪيل اڳواڻن ڪراچي بار جو صدر عامر نواز وڙائچ ، سند بار ڪائونسل جو ميمبر وڪيل ڪي بي لغاري ، وڪيل حسيب الله جمالي ۽ ٻيا 27 آئيني ترميم خلاف عوامي رابطا مھم جي سلسلي م ميھڙ پھتا . جتي ميھڙ ۾ وڪيل رستم علي چانڊيو ، رئيس قربان علي چانڊيو پاران کيس چانڊيه ھائوس تي آجياڻو ڏنو ويو. جڏھن ته ميھڙ م شھري اتحاد جي چيئرمين ۽ جي ڊي اڳواڻ نياز علي برڙو جي چانھ پارٽي, سنڌ يونائٽيڏ پارٽي جي آفيس م آجياڻي سميت مختلف ھنڌن تي ٿيل پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي .
ان موقعي تي ڪراچي بار جي صدر ۽ سند بار ڪائونسل جي ميمبر وڪيل عامر نواز وڙائچ تقريبن کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ آئيني بحران آھي 26 ترميم سبب عدالتون تباھ ٿي ويون ۽ 27 ترميم عدالتن جو جنازو ڪڍي ڇڏيو ۽ ھن وقت سپريم ڪورٽ جي عمارت قبرستان بڻجي وئي آھي . 26 ترميم بعد جيڪا ترميم ڪئي وئي آھي ته ججن جي سينارٽي ختم ڪئي وئي آھي. ترميم تحت ججن جي بدليون به سياستدانن جي مرضي مطابق ڪيون وينديون.
تقريبن کي ميھڙ بار جي صدر وڪيل علي اصغر پتوجو ، وڪيل منور جتوئي ، وڪيل شير علي چانڊيو ، وڪيل محمد علي ڪانڌڙو ۽ بين خطاب ڪيو.