Varsa HD channel with Sardar Bhayo

  • Home
  • Varsa HD channel with Sardar Bhayo

Varsa HD channel with Sardar Bhayo Developing stories and display culture, heritages and role models of societyand hidden sides of segmemts of society.

In an effort to promote religious harmony and mutual respect, a Hindu man organised an Iftar party for his Muslim friend...
16/03/2024

In an effort to promote religious harmony and mutual respect, a Hindu man organised an Iftar party for his Muslim friends in the Tharparkar district of Sindh.

As per details, the man also dedicated a place in his home for the Muslims to offer Maghrib prayers after breaking their fasts.

The picture of the Muslims offering prayer also went viral on social media, garnering appreciation from the netizens.

However, the name of the person, who organised Iftar, was not disclosed in the post.


Copied

05/03/2024

وڻن جي واڍي دراصل فطرت سان کئونس ڪرڻ آهي، وڻ وڍڻ ڀونڏو ڪم آهي، فطرت دشمن عمل

Come to join Walhar Academy Umerkot leads to brightened future of youth cadre through skill development, English Learnin...
23/02/2024

Come to join

Walhar Academy Umerkot leads to brightened future of youth cadre through skill development, English Learning and competency, brainstorming and career counselling.

Seventh consecutive test was held at Walhar Academy. As regular assessment is important to enhance the learning of the students especially when it comes to the learning of language. Which also motivates the learnes to learn more and fill their gap.

ولهار اڪيڊمي عمرڪوٽ رحيم ڪالوني ۾ مقامي عورتن کي هنري سکيا جي تربيت ذريعي پنهنجي پيرن تي بيهاري معاشي طور تي سگهارو بڻائ...
21/02/2024

ولهار اڪيڊمي عمرڪوٽ رحيم ڪالوني ۾ مقامي عورتن کي هنري سکيا جي تربيت ذريعي پنهنجي پيرن تي بيهاري معاشي طور تي سگهارو بڻائي رهي آهي،

ساڳي وقت انگريزي ٻولي English Language" learning" جي سکيا، مختلف مضمون جي ڪوچنگ [Tution]ڪرڻ سان گڏوگڏ پري اسڪولنگ [3 کان 5 سال جي ڄمار جي ٻارڙن]جا ڪلاس هلائڻ جو بندوبست پڻ ڪيو آهي.

Amazing Cow!!!!
21/02/2024

Amazing Cow!!!!

21/02/2024

مَرجي ۽ جِيئجي مِٺي ۾،

هِتي ڪلهي ڪانڌي به اهي ئي هُجن ٿا، جيڪي جيئري جيءُ ۾ جايون ڏيندڙ هوندا آهن، دُنيا ۾ مِٺي زنده دِل اِنسانن جو شهر آهي. مِٺي شهر جي ڪشادن روڊن ۽ ويڪرين گِهٽين جيان ماڻهن جُون دِليون به ڪُشاديون آهن.

اَڄ مِٺي شھر ۾ حسين شاعر سائينداد ساند جي جنازي کي سندن شاعري جي خوبصورت آلاپن سان ڪُلهو ڏيندي ڏسي دِل ڀرجي آئِي آهي. الله پاڪ مرحوم جي مغفرت فرمائي.

اگر تمھاری اولاد میں ایک بیٹا اور ایک بیٹی ہو اور تمھاری استعداد فقط ایک کو درسگاہ بھیجنے کی ہو تو تم بیٹی کو بھیجنا۔مول...
12/11/2023

اگر تمھاری اولاد میں ایک بیٹا اور ایک بیٹی ہو اور تمھاری استعداد فقط ایک کو درسگاہ بھیجنے کی ہو تو تم بیٹی کو بھیجنا۔

مولانا جلال الدین رومی رحمتہ اللہ علیہ

24/05/2023

ٿر ۾ قائم "جديد اسلامي انسٽيٽيوٽ" ، جتي تفريق ۽ تعصب ناهي!
_________________________ سردار ڀيو

ٿر ۾ ديني مدرسن جو نيٽ ورڪ پکڙيل آهي، اتي ساڳي وقت مشنري ادارا به پنهنجو پنهنجو ڪم ڪن پيا، انهن ادارن کي وزٽ ڪري اسان ناهي ڏٺو نه ڪڏهن موقعو مليو آهي، ته اتي بنيادي ڪارج ڪهڙو ڪار فرما آهي...، انهن جي حاصلات حدف ڪهڙو آهي؟ ڳالهيون گهڻيون، آهي پنهنجي جاء تي،
جيڪڏهن مذهبي ادارن ۾ بنا تفريق جي علم جي حصول جو حق هر ڪنهن کي حاصل هجي، ته اهو ساراه جوڳو ڪم چئبو.

تازو سائين ڊاڪٽر عبدالعزيز ڪنڀار، لياقت علي جوڻيجو، ارباب نيڪ محمد، پروفيسر عبدالرؤف سومرو ۽ آئون عمرڪوٽ کان واوڙي مهراڻ پئي وياسون، اتي حافظ مهراڻ سان سندن والده جي وڇوڙي تي ڏک ونڊڻو هو. واٽ ويندي ڇاڇرو شهر کان اورتي هڪڙو ماڳ آهي "اڪ وڊو"، جتي اسان جي گاڏي کي ارباب نيڪ محمد روڪرائي ڇڏي، موصوف پاڻ لهي وڃي عمارت جو مک دروازو کوليائون، ڊاڪٽر عبدالعزيز ڪنڀار گاڏي ڪاهي اندر وڃي چوئنري سان گڏ ٻن خوبصورت لانڍين جي اوٽ ۾ بيهاري، اهو عصر نماز جو ٽاڻو هو

اسان سڀئي گاڏي مان لهي اڳتي اداري کي ڏسڻ لاء وڌياسون، انهي اداري جي عمارت تي لڳل نالي واري پئنافليڪس کي پڙهيو سون، انهي اداري جو نالو "عبدالله بن مسعود اسلامي مرڪز " آهي، ٿوري دير ۾ قاري محمد رمضان نهڙي صاحب اچي اسان سان مليو، قاري صاحب سان اڳ عمرڪوٽ ۾ ڪيئي ملاقاتيون ۽ ڪچهريون هيون.

قاري محمد رمضان نهڙي صاحب کي اسان ٻڌايو ته سڀ کان پهرين اسان کي نماز پڙهڻي آهي، پوء وضو ڪري نماز پڙهي سڌو اداري جي ڪلاس رومن ۾ وياسين، اتي استادن کٿابين کي پڙهايو پئي، حيرانگي سان گڏ اسان کي بيحد خوشي ٿي ته اتي ڪلاس رومن ۾ ڊيسڪن تي کٿابين کي ويٺل ڏٺو، وائيٽ بورڊ تي استادن مختلف مضمون پئي پڙهايا، انگريزي، رياضي ۽ ٻيا مضمون. هر ڪمري ۾ ٽيهارو کن شاگرد ويٺل هئا، هاڻي تازو امتحان ٿيا آهن تنهڪري شاگردن جو تعداد گهڻو گهٽ لڳي رهيو هو.

هن اداري ۾ ٽيهارو کن شاگردن جو تعلق هندو مذهب سان آهي، انهن ۾ اڌ ڇوڪريون آهن، جيڪي مختلف ڳوٺن کان ايندا آهن، هندو شاگردن کي هتي اخلاقيات پڙهائي ويندي آهي. هتي 3 استاد به هندو مقرر ڪيل آهن، جيڪي پنهنجيون ذميداريون نڀائين پيا.

قاري صاحب ٻڌايو ته هتي آس پاس جي ڳوٺن مان اڍائي سئو ٻار ۽ ٻارڙيون تعليم جي حاصلات لاء هتي اچن ٿا، اسان ڪوشش ڪري پسگردائي جي هندو ڀائرن کي راضي ڪيو ته ٻارن کي اسان وٽ موڪليو، ته جيئن اهي تعليم حاصل ڪري سگهن، پهريان ته ڊنل پئي لڳا پوء جڏهن اهو يقين ٿيو ته نصابي تعليم ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ واري ڏبي، ٻارڙن جو خاص خيال رکيو ويندو.

هن اداري پاران شاگردن کي گهران کڻڻ ۽ اداري کان گهرڻ تائين ڇڏڻ جي لاء پوانئنٽ جيپون هلن ٿيون، اهو اسان پنهنجي اکين سان به ڏٺو، ته موڪل مهل ٻارڙا ٻاهر بيٺل پوائنٽ جيپن ۾ چڙهي رهيا هئا. اسان انهن هندو استادن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن سان حال احوال ڪيا،زير تعليم ٻارڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، انهن کان مختلف مضمونن مان سوال به ڪيا. شاگرد تمام گهڻا ذهين لڳي رهيا هئا.

هن اداري ۾ رڳو نصابي تعليم جو بندوبست ٿيل ناهي، هتي مسلمان ٻارن کي ديني تعليم ڏني ويندي آهي، خوبصورت لائبريري به موجود آهي، هتي پاڻي جو بندوبست ٿيل آهي، سڄي عمارت ۾ بجلي ناهي ليڪن سولر سسٽم لڳل آهي. عاليشان ڪشادي مسجد سڳوري زير تعمير آهي، استادن ۽ مهمانن جي رهائش جي لاء ڪمرن جو ڪم جاري آهي.

عبدالله بن مسعود اسلامي انسٽيٽيوٽ ٿر جي رڻ ۾ قائم ڪيل اهڙو ادارو آهي، جيڪو بنا ڪنهن مذهبي تعصب ۽ فرق جي صرف تعليمي شعبي تي ڪم ڪري پيو، هتي عربي، فارسي، سنڌي، ارڏو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ٻارن کي تعليم ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي.
سائين قاري محمد رمضان نهڙي اسان کي ڪتاب تحفي طور پيش ڪيا، چانهه به پياري. اسان کي مدعو ڪيو ته ٻي ڀيري سيڙجي اداري کي وزٽ ڪرڻ لاء اچو، جيتوڻيڪ ڪجهه عرصي بعد اتي پروگرام به رٿيل آهي، ان ۾ شرڪت لاء دعوت ڏيڻ جو پئي چيائون. واٽ ويندي اهڙي اسلامي اداري جو دورو ڪيو، جتي هندو مسلمان ٻارڙا گڏ پڙهي رهيا آهن.

هن اداري جو تعميراتي ڪم ختم ناهي ٿيو، اڃان به توسيع سان گڏ وڌيڪ ڪم ٿيڻو آهي. اسان کي هي ادارو ڏسي خوشي ٿي، اميد ڪجي ٿي ته ساڳي جذبي ۽ عزم سان ٿر ۾ علم جو ڏيئو ٻرندو رهندو، جتي بنا تعصب، نفرت، ويڇو ۽ فرق جي ٻارڙن کي تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو.

Recent Rain showered in Thar Desert Near Mithi, While going to Chelhar, captured natural sciences.
22/03/2023

Recent Rain showered in Thar Desert Near Mithi,

While going to Chelhar, captured natural sciences.

26/02/2023

بہت ہی کمال کی ویڈیو ضرور دیکھیے گا۔
👆🤔😢😭😱یہ ہیں وہ لوگ جو ہم تقریبا 21 کروڑ 99 لاکھ 99ہزار اور 8سو کے قریب پاکستانیون ........ کو آپس میں لڑاتے رہتے ہیں۔ ان لوگوں کی مگر آپس میں محبت ملاحظہ فرمائیں۔

26/02/2023

*Absolutely a rare video. The First official phone call by Queen Elizabeth*.

13/02/2023
14/10/2022

Dengui Fever
ڊينگي بخار جون علامتون ۽ علاج

10/10/2022

سلاوٽ هڪڙي ذات آهي، کيس سلاوٽا سڏيو ويندو آهي۔ اصل ۾ جيسلمير، انڊيا جا رهواسي آهن۔ هن وقت به سلاوٽا گهڻي تعداد ۾ جيسلمير ۾ رهندا آهن جڏهن ته ورهاڱي کان اڳ سلاوٽا حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ اچي آباد ٿيا۔ سلاوٽ بنيادي طور تي عمارتن جي خوبصورت تعمير ۽ ان جي مٿان چٽسالي جي ڪم جا ماهر هئا۔ راجسٿان صوبي ۾ جوڌپور، جئه پور، ٻاهڙمير ۽ جيسلمير ۾ راجائن ۽ مهاراجائن جي محلن تي چٽسالي ۽ پٿر جو ڪم سلاوٽن جو ڪيل آهي۔

حيدرآباد جي هاء ڪورٽ، ڪراچي ۾ وزير اعلي هائوس ۽ ٻين قديم عمارتن جو تعميراتي ۽ چٽسالي جو ڪم به انهن ئي سلاوٽ ڪاريگرن ڪيو هو۔ انهن عمارتن ۾ لڳايل پٿر جيسلمير کان آندل آهي۔

جيسلمير جا اهي سلاوٽا پير سائين محمد راشد شاه روضي ڌڻي جا مريد آهن۔ جيسلمير ۾ پير سائين پاڳارن جا دعوتي به رهيا آهن۔

هن وقت حيدرآباد ۾ مارڪيٽ ٿاڻي ڀرسان تمام سوڙهين گهٽين ۽ ننڍڙن گهرن ۾ رهندڙ هزارين سلاوٽن جا خاندان ڏکيائن کي منهن ڏئي رهيا آهن جيتوڻيڪ ڪيترائي ڊاڪٽرس ۽ انجنيئرس مختلف شعبن ۾ روزگار سان لڳل آهن۔ گهڻي ڀاڱي معاشي طور تي تنگي جو به شڪار آهن۔

نامياري ليکڪ استاد لغاري جو معلوماتي ليکcopied from the wall of Mohammad Usman پير صاحب پاڳاري جي ڏهن سالن بعد درگاه پير...
08/10/2022

نامياري ليکڪ استاد لغاري جو معلوماتي ليک
copied from the wall of Mohammad Usman
پير صاحب پاڳاري جي ڏهن سالن بعد درگاه پير سائين محمد راشد روضي ڌڻي تي ٻنهي صاحبزادن لنڊن کان واپس وطن آڻي گادي بحال ڪرائڻ جي لاء فقيرن هڪ وفد ترتيب ڏنو ويو هو۔ جنهن جو سربراهه حاجي سيد محمد افضل شاهه جيلاني هو، وفد جي ٻين ميمبرن ۾ ڪمال فقير راڄڙ، مولوي محمد صالح مهر، خليفو مير محمد ڀيو ۽ ڪريم ڏنو فقير ڪٽپر شامل هئا. فقيرن جي وفد 1949ع ڌاري، ان وقت جي وزيراعظم لياقت علي خان سان ملاقات ڪئي، جنهن گادي بحال ڪرڻ جو واعدو ڪيو.

پاڪستان جي پهرين وزيراعظم جي حيثيت ۾ لياقت علي خان 1949ع جي آخر ڌاري لنڊن جي دوري تي ويو، جنهن پنهنجي هوٽل واري رهائشگاهه تي برٽش حڪومت جي اجازت سان ٻنهي صاحبزادن کي گهرائي ساڻن ملاقات ڪئي.
1950ع جي اوائل ۾ لياقت علي خان پير صاحب پاڳارا جن جي گادي بحال ڪرڻ جو پڪو واعدو ڪيو، هاڻي درگاهه شريف کي به زيارت لاءِ کوليو ويو. حُرن کي پاس ذريعي اچ وڃ جي اجازت ملي ويئي. ٻئي پاسي واري حاجي محمد علي شاهه ڄاموٽ، حاجي محمد سومر وساڻ، فقير علي بخش لغاري، فقير محمد علي دل، محمد حيات جوڻيجو، علي محمد وساڻ، فقير محمد بچل خاصخيلي، سرائي سانوڻ خان نظاماڻي ۽ حاجي دلبر نظاماڻي به ڪوشش ۽ جدوجهد ۾ مصروف هئا ته ڪنهن به نموني گادي بحال ٿئي.

30- جنوري 1952ع تي گورنر سنڌ پاران ڪجهه فقيرن کي گورنر هائوس ڪراچيءَ ۾ گهرايو ويو، جن ۾ ٻين کان علاوه محمد حيات جوڻيجو، ڪمال فقير راڄڙ، ڪريم ڏنو ڪٽپر، سرائي سانوڻ خان نظاماڻي، محمد بچل خاصخيلي ۽ جمال فقير خاصخيلي به شامل هئا.

گورنر دين محمد شيخ فقيرن کي چيو ته:
”توهان کي مبارڪون هجن، پير صاحب پاڳارا جن جي گادي بحال ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. سورهيه بادشاهه جي وڏي فرزند حضرت سيد شاهه مردان شاهه (ثاني) کي ستون پاڳارو تسليم ڪيو ويو آهي.“ صاحبزادن جي وطن پهچڻ جي تاريخ 1- فيبروري 1952ع ٻڌائي وئي. اها ڳالهه ٻڌي جماعت ۾ خوشيءَ جي لهر ڇانئجي وئي.

رُوءِ راڻي جي ناهِ ڪو، سوڍو سَڀِنِ سُونهَن؛
لاٿَائِين لَطِيفُ چئي، مٿان دِلِيُنِ دُونهَن؛
ڪانهي ٻِي وِرُونهَن، ٿِيو مِڙوئِي مينڌِرو

جَهِڙا گُلَ گُلابَ جا، تَهِڙا مَٿِنِ ويسَ؛
چوٽا تيلَ چَنبيلِيا، هاها! هُو! هَميشَ؛
پَسيو سُونهَن سَيَّدُ چئي، نِينهَن اچَنِ نيشَ؛
لالَنَ جي لِبيسَ، آتَڻِ اَکَرُ نه اُڄَهي

پهرين فيبروري 1952ع مطابق 5 جمادي الاول 1371هجري جمعي جي ڏينهن تي انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون ۽ حضرت پير سائين سڪندر علي شاهه عرف شاهه مردان شاهه (ثاني) ڇٽ ڌڻي ۽ سندن ننڍو ڀاءُ سيد نادر علي شاهه هزارين مريدن جي وچ ۾ هئا. ٻنهي صاحبزادن کي انگريزي لباس پهريل هو، ان وقت ايئرپورٽ تي موجود خاص ماڻهن ۾، محمد حيات جوڻيجو، خليفو محمد عاقل هنڱورو، علي بخش جوڻيجو، خانبهادر غلام محمد وساڻ، سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ، محمد موسيٰ وساڻ، محمد بچل خاصخيلي، مولوي محمد صالح مهر، ڪمال فقير راڄڙ، سرائي سانوڻ خان نظاماڻي، ڪريم ڏنو ڪٽپر، مير محمد ڀيو ۽ حاجي ملوڪ پهوڙ به حاضر هئا.

پير صاحب ايئرپورٽ کان فارغ ٿي، سڀ کان پهريان گورنر هائوس وڃڻا هئا. جنهن لاءِ خانبهادر غلام محمد وساڻ پنهنجي شيور لائيٽ گاڏي اڳتي آڻي بيهاري، گاڏي جي چاٻي هڪ رومال تي رکي، پير صاحب جن کي پيش ڪئي ويئي. گاڏي جو ڊرائيور مٺل شاهه پوئين سيٽ تي ويٺو. گاڏي جي ڊرائيونگ پير صاحب شاهه مردان شاهه جن پاڻ ڪئي ۽ اڳين سيٽ تي سندن ننڍو ڀاءُ نادر علي شاهه ويٺا. وساڻ صاحب ٻِي گاڏي ۾ چڙهي گورنر هائوس ويو. گورنر هائوس ۾ ضروري ميٽنگ کان فارغ ٿي، پير سائين جن ”پير ڳوٺ“ لاءِ روانا ٿيا. اهڙي طرح اهو ڀلارو خوشين وارو ڏينهن به اچي ويو، يعني 4- فيبروري 1952ع مطابق 8 جمادي الاول 1371هه بروز سومر، جڏهن سيد شاهه مردان شاهه (ثاني) جن جي ستين پير صاحب پاڳاري طور دستار بندي ڪئي ويئي.

1- اپريل 1952ع تي اعلان ٿيو ته ”فوراً لوڙها ختم ڪيا وڃن.“ ايئن سڀني لوڙهن جا در کوليا ويا ۽ زوردار گهنٽيون وڄايون ويون، ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاهر (ڀارت ۾) لوڙهن جو تعداد 22 هو. جن جا نالا هيٺين ريت آهن:
(1) کپرو، (2) جهول، (3) سنجهورو،
(4) شهدادپور، (5) شادي پلي، (6) پٿورو، (7) جروار،
(8) جوهي، (9) وارهه، (10) نصيرآباد، (11) سکر،
(12) نوابشاهه، (13) حيدرآباد، (14) ميرپورخاص،
(15) ويساپور (ڀارت)، (16) علي پور (ڀارت)، (17) دهندا (ڀارت)، (18) انڊبري (ڀارت)، (19) احمد آباد (ڀارت)،
(20) احمدنگر (ڀارت)، (21) ڪلياڻ/امرناٿ (ڀارت)،
(22) بڙودا (ڀارت)

ان بعد پير صاحب پاڳارا شاهه مردان شاهه (ثاني) پاران، وطن عزيز پاڪستان لاءِ خدمتن جو سلسلو شروع ٿيو. 1960ع واري ڏهاڪي ۾، حڪومت پاڪستان پاران ”مجاهد فورس“ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ هڪ فوجي آفيسر ميجر محمد اقبال صاحب کپري ۾ آيو. خليفي حاجي محمد عاقل هنڱوري سان ملاقات ڪري، پنهنجو مقصد آڏو رکيائين. خليفي صاحب هڪ ڏينهن جي مهلت گهري ۽ جماعت جي معززين جهڙوڪ: حاجي محمد ابراهيم هڱورجو، قاضي فيض محمد راڄڙ، حاجي محمد يوسف ڪُٻر ۽ دوست محمد فقير هنڱورو سان گڏ ڪراچيءَ ۾ حضرت پير سائين پاڳارا جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي سموري حقيقت عرض رکيائون. پاڻ انهي وقت حڪم فرمايائون ته جيترن ماڻهن جي به ضرورت هجي، يڪدم وڃي پوري ڪريو. ان بعد پير صاحب پاڳارا جي حڪم سان ڀرتي جو پروگرام ٺاهيو ويو. ي ضرورت هئي. ان لاءِ ماڻهن کي اطلاع ڏنو ويو، ٻن ڏينهن ۾ ڪمپنين جي ڀرتي کان به وڌيڪ ماڻهو کپري ۾ اچي گڏ ٿيا. هڪ ڪمپني ’سانگهڙ نمبر-1‘ جي نالي سان ٺهي، جنهن جو پهريون ڪمپني ڪمانڊر حاجي محمد يوسف ڪُٻر مقرر ٿيو. ٻي ڪمپني ’سانگهڙ نمبر-2‘ جي نالي سان ٺهي. جنهن جو ڪمپني ڪمانڊر حاجي عاقل هنڱورو مقرر ٿيو. ٻن ڪمپنين هجڻ ڪري، فقط ٻه ڪمپني ڪمانڊر مقرر ٿي سگهيا. تنهنڪري ٻيا جماعت جا معزز ماڻهو جهڙوڪ: قاضي فيض محمد راڄڙ ۽ فقير دوست محمد پير صاحب جي حڪم جي احترام طور معمولي مجاهد ٿي ڪمپنين ۾ ڀرتي ٿيا. 1964ع ۾ وڌيڪ ٻن ڪمپنين جي ڀرتيءَ لاءِ چيو ويو جيڪي هڪ ’سانگهڙ نمبر-6‘ حاجي محمد ابراهيم هنڱورجي جي سربراهيءَ ۾، ٻي ’سانگهڙ نمبر-7‘ محمد ڪامل هنڱوري جي سربراهيءَ ۾ قائم ڪيون ويون.

اهوئي سبب هو جو 1965ع واري پاڪ ڀارت لڙائيءَ ۾ مجاهد فورس، پارڪ آرمي سان شانه بشانه فتوحات جو سلسلو قائم ڪري، تاريخ ۾ پنهنجي فتوحات جي مهر نصب ڪئي. جن علائقن ۾ مجاهد فورس ڪاميابيون ماڻيون، انهن ۾ مهجلار، سوندرو، رانچلو، موناپو، ڪلون جو تلاءُ ۽ ڏاونَسر جون چونڪيون قابلِ ذڪر آهن. مذڪوره چونڪين ۽ ٻين علائقن ۾ فتوحات حاصل ڪندڙ مجاهدن ۾ حاجي محمد يوسف ڪُٻر، حاجي محمد عاقل هنڱورو، حاجي محمد ابراهيم هڱورجو، محمد ڪامل هنڱورو، ڪمال فقير مڱريو، عبدالله فقير مڱريو، لعل فقير مڱريو، تاجُو فقير ۽ جمال فقير جا نالا هميشه ياد رهندا.

سونَ وَرنِيُون سوڍِيُون، رُپي رانديُون ڪَنِّ؛
اَگَـرَ اوطاقُنِ ۾، کَٿُوريون کَٽُنِّ؛
اوتِيائُون عَبِيرَ جا، مٿي طاقَ تَڙَنِّ؛
ٻاٽَنِ ٻيلون ٻَڌِيون، پَسِيو سُونهَن سَڙَنِّ؛
ٿِيا لاهُوتي لَطِيفُ چئي، پَسَڻَ لَءِ پِريَنِّ؛
اِجهي ٿا اچَنِّ، ڪاڪِ ڪَڪوريِا ڪاپَڙِي

1960ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن آءٌ ٽيون يا چوٿون درجو سنڌي پڙهندو هوس تڏهن پير سائين پاڳارا سانگهڙ ۾ نظاماڻي فقيرن جي دعوت تي تشريف فرما ٿيا هئا. ان وقت اسان جا وڏا سانگهڙ ۽ باکوڙي کان اوڀر طرف ڳوٺ ”دڙيءَ“ ۾ ويٺل هئا، آءٌ ٻار هئس، البت پير سائين جن جي زيارت خاطر بابا کان موڪل وٺي شام جو سانگهڙ ويس. سانگهڙ ۾ چاچا عُمر لغاري جي گهر رات ترسي، صبح جو نظاماڻي پاڙي ۾، جماعت سڳوري جي هجوم ۾ وڃي شامل ٿيس. اتي ڏٺم ته عقيدتمند فقير ”ڀيڄ پاڳارا“ جي نعرن سان خوشي جي عالم ۾ ٻهڪي رهيا هئا. مون ڏٺو ته ڪن فقيرن کي ڳچيءَ ۾ چڙا ٻڌل هئا ۽ اُهي ”ڍڙمنگ ڍڙمنگ“ ڪندا، هيڏانهن هوڏانهن خوشيءَ ۾ ڪُڏڪِي ۽ ڊوڙي رهيا هئا. اُهو خوشيءَ وارو مست الست منظر اڄ تائين به مون کان نه وسريو آهي. مون کي جماعت سڳوري جي هجوم ۾ هندو مسلمان جو ڪو تفرقو نظر نه آيو. ماڻهن جي هشام ۾ مون کي کينپر، گيلو، پرچو، حسن، سانيل ۽ ٽِمون هنڱورو به مليا هئا، جن مون کي ڏسي هڪٻئي کي چيو هو ته: ”ڏسو، محمد عالم لغاري جو ڇوڪرڙو به پير سائين جي زيارت لاءِ آيو آهي.“

1990ع واري ڏهاڪي ۾ گهڻو ڪري آءٌ ناري واري چونڪي سان، نانا آچر فقير هنڱوري جي صحبت جي ڪري، ”درگاهه شريف“ ويندو هئس ۽ ڪيترائي ڏينهن اُتي رهي، ٻين فقيرن سان گڏ درگاهه مبارڪ جي مکيه دروازن تي ڊيوٽي ڏيندو هئس. نانا آچر فقير هنڱوري جي انتقال بعد درگاهه شريف تي منهنجي وڃڻ جو سلسلو سُست ٿي ويو. ان ڪري پير سائين جن جي زيارت دعوتن تي ٿي ويندي هي. پير سائين جن هر دعوت تي، زيارت ڪرائڻ مهل تلقين فرمائيندا هئا ته:

“پنهنجي اولاد کي تعليم ڏيو، نياڻين جي تعليم جو خاص اهتمام ڪريو. پاڙي وارن کي تڪليف هرگز نه پهچايو. قانون جو احترام ڪريو ۽ جڏهن به پنهنجي ڳوٺ وڃو، ته پنهنجي عزيزن، دوستن ۽ پاڙي وارن کي سلام چئجو.”

پير سائين پاڳاري جن جا اهڙي قسم جا سهڻا ۽ دعائيه پيغامات ۽ سلام نانا آچر فقير هنڱورو مرحوم سدائين ٻين کي پهچائيندو رهندو هو. پير سائين پاڳارا حضرت شاهه مردان شاهه (ثاني) ڇٽ ڌڻي قدس سرهٗ پنهنجي اعليٰ اخلاق ۽ ڪردار جي ڪري، هڪ منفرد حيثيت جا مالڪ هئا. جيڪو هڪ ڀيرو به ساڻن مليو ته اُهو کين ڪڏهن به وساري نه سگهندو. روزمرهه جي معاملات ۾ وڏا عالي ظرف، بُردبار، وڏي صبر ۽ سهپ وارا روحاني اڳواڻ هئا. پاڻ هڪ مقتدر روحاني مرڪز جا رهنما ۽ صفِ اول جا سياسي رهبر به هئا. پاڻ سماجيات ۽ سياسيات جا سرچشما ۽ سرواڻ هئا. سندن نالو مُلڪ توڙي ملڪ کان ٻاهر هميشه وڏي عزت ۽ احترام سان ورتو ويندو.

سرور پنڇي هيڪڙو، ڦاهيوال پچاس
تن لهرين گڏ ٿيا، سچي تيري آس
اِنِي نِڪي جنگَيم، ٿَلُ ڊوگر ڀَويوم
اَجَ فريدئي ڪوجڙا، سَو ڪُهان ٿيوم
فريدا سبنئان مَن ماڻڪ، ڊاهڻ مول مَ چنگا
جِي توءِ پري دي سِڪ، هِيانَو نه ڊاه ڪنهين دا.

دنیا جي ٽئين نمبر امیر کرب پتي پنهنجي ڏنل هڪڙي انٽرويو ۾ دلچسپ ڳالهيون ڪيون جن مان ڪجھ اهم هيٺ ڏجن ٿيون.۔1: دنیا ۾ نوڪری...
08/10/2022

دنیا جي ٽئين نمبر امیر کرب پتي پنهنجي ڏنل هڪڙي انٽرويو ۾ دلچسپ ڳالهيون ڪيون جن مان ڪجھ اهم هيٺ ڏجن ٿيون.۔
1: دنیا ۾ نوڪری ڪرڻ وارو ڪو بہ شخص خوشحال نٿو ٿي سگھي۔

2: انسان جي معاشي زندگي تڏھن شروع ٿيندي آھي جڏھن هو پنهنجي ڪم جي شروعات پاڻ ڪندو آھي۔

3:ڪاميابي ۽ ترقي جو تعلیم سان ڪو بہ تعلق ناهي.

4: اگر تعلیم سان پيسو ڪمائي سگھجي ھا تہ اڄ دنیا جو ھر پروفیسر ارب پتي هجي ها۔

5: هن وقت دنیا ۾ ساڍا نو سو ارب پتي آھن۔ انھن ۾ ڪو بہ پروفیسر يا ماهر تعلیم شا مل ناهي۔

6: دنیا ۾ ھمیشہ وچين طبقي جي ماڻھن ترقي ڪئي آھي، اهي ماڻھو وقت جو قدر ۽ قیمت سمجھن ٿا، اهي ماڻھو ڊگرين حاصل ڪرڻ بجاء شاگرديء جي دور ۾ ئي ڪاروبار شروع ڪري ڏيندا آھن ۔

7: ڪامیابي انهن کي ڪاليج یا یونیورسٽی جي بجاء ڪارخاني یا مارڪيٽ مان ملي ويندي آھي۔

8: مان زندگيء ۾ ڪڏھن بہ ڪاليج يا يونيورسٽي نہ ويو آھيان.

9: منهنجي ڪمپنيء ۾ ھن وقت اعلی تعلیم یافتہ 30 هزار مرد ۽ عورتون ڪم ڪن ٿا، اهي تعلیم یافتہ ماڻھون مون کان وزن ، عقل ۽ دماغ ۾ تمام بهتر آھن لیڪن انهن ۾ نوڪری ڇڏڻ جو حوصلو ناهي۔انهن کي پاڻ تي ۽ پنهنجي صلاحيتن تي اعتبار ناهي۔

10: اگر ڪو شخص منهنجي لاء ڪم ڪري سگھي ٿو تہ پنهنجي لاء بہ ڪري سگھي ٿو. بس انهيء لاء ٿورڙي حوصلي جي ضرورت آھي

11: دنیا ۾ ھر شيء جو متبادل موجود آھي صرف محنت جو متبادل ناهي.

12: دنیا ۾ نڪمي ماڻهوء جي لاء ڪابہ جاء پناه ڪانهي پر ڪم ڪرڻ وارن جي لاء سڄي دنيا کلي پئي آھي۔"

13 :: سنڌ جي بيروزگار نوجوانن کي اپيل ڪجي ٿي ته ننڍو وڏو پنھنجو ڪاروبار شروع ڪيو ترقي جو واحد رستو پنھنجو ڪاروبار آھي

08/10/2022

Tribute to award
Legendary Teachers of The Century
05 October,2022

Thar Education Forum Umerkot

08/10/2022

GM Syed speaks

08/10/2022

هن رپورٽ جي ٻڌڻ کانپوء هاڻي ڪا شڪ جي گنجائش ڪونهي ته سنڌ ۽ بلوچستان جي تباهي پويان ڪا قدرتي آفت آ بلڪه چائنا ۽ خفيه ھٿن جو ڪمال آ جن ڪروڙين انسانن جي تباهي جو بندوبست ڪيو هيو جن اڃا تائين هزارين انسانن کي مرڻ لاء ڇڏي ڏنو آ

سنڌي ٻولي جي خاموش خدمتگار حافظ سخي محمد مهراڻ جي موڪلاڻي! __________________________ سردار ڀيوٿر جي سرحدي ڳوٺ واوڙي مهر...
03/10/2022

سنڌي ٻولي جي خاموش خدمتگار حافظ سخي محمد مهراڻ جي موڪلاڻي!
__________________________ سردار ڀيو

ٿر جي سرحدي ڳوٺ واوڙي مهراڻ جي علمي ڦول واڙي جو گلاب جو گل، حافظ سخي محمد مهراڻ، جنهن جي ساه جو پکي اڄ پرواز ڪري ويو!

حافظ صاحب علم جو چراغ، سنڌي ٻولي جو سهڻو ليکڪ، صورتخطي ۽ ڪتابت تي دسترس رکندڙ انسان هو، هن جي ڊگهي عرصي جي علالت ۽ هاڻي سندن هن جنجهٽن جي جهان مان رخصتي ڪنهن سنڌي اخبار جي هڪڙي ڪالم جي خبر، ٽي وي نيوز تي بريڪنگ نيوز ۽ فيسبوڪ جي ديوارن تي مرتئي جي ڄاڻ نه ملندي!

ٽي چار ڪتاب، سوين تحقيقي مضمون لکڻ کانپوء به هن جو سنڌ جي ناميارو اديب ۽ محقق واري ڪرائيٽيريا تي نه لهي سگهڻ يقينن هڪڙي سلسلي جي ڪڙي آهي۔ سنڌ ۾ هن يگاني ۽ خاموش عالم، ليکڪ ۽ ڪاتب جيان هي جهان ڇڏي چڪا آهن۔

اڄ جڏهن منهنجو استاد هن دنيا مان موڪلاڻي ڪري ڏور هليو ويو آهي، سندن مرتئي تي شديد ڏک ٿيو آهي۔ حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻي رحه جي علمي فيض جي درياء جي ڇولين ۾ هڪڙي اهڙي ڇولي هئي، جيڪا اک بند ٿيئڻ تائين به ماٺي نه ٿي، آخري وقت تائين پڙهندو ۽ لکندو رهيو۔ سندن قلم جي مس ڪڏهن نه سڪي! هن پيران پاڳاره جي تاريخ، حرجماعت جي عظيم ۽ سورهيه ڪردارن تي تحقيقي مضمون لکندو رهيو۔ حافظ صاحب مون کي لکڻ ۽ پڙهڻ لاء همٿايو ۽ اتساهيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه اکر لکي سگهان ٿو۔ هن وقت ڪراچي ۾ آهيان، حافظ مهراڻ هي ڏک واري خبر مونکي ڏني آهي، ان موقعي تي حافظ سخي محمد مهراڻ جون ساروڻيون ساريان ٿو۔

آئون پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ کٿابي هئس، اهو1987-88ع جو دور هو، ڳوٺاڻي مسجد ۾ حافظ سخي محمد مهراڻ کٿابين کي قرآن پاڪ جو درس ڏيندو هو۔ ڳوٺ ۾ حافظ صاحب جو وڏو ادب ۽ احترام هوندو هو۔

حافظ صاحب پنهنجي معمولات موجب پنهنجي زندگي گذارڻ کي ترجيع ڏيندو هو، سندن سڄو وقت پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ گذرندو هو۔ مولوي رهائش مسجد جي ڀرسان ڳوٺ جي سرڪاري واٽر سپلاء اسڪيم جي ٻن وڏن تلائن جي آڏو موجود ننڍڙي ڪمري ۾ هوندي هئي، اتي پنهنجي ڪمري اندر ديوار جي خانن ۽ ٽيبل تي مختلف موضوعن ۽ ٻولين ۾ سوين ڪتاب رکيل هئا۔ انهن ۾ گهڻي ڀاڱي ڪتاب مذهبي ۽ پيران پاڳاره جي تاريخ متعلق هوندا هئا، پير صاحب پاڳارن جي سمورين تصنيفن ۽ ملفوظاتين سميت حرتحريڪ جي تاريخ بابت ڪافي ڪتاب زير مطالعو هوندا هئا۔ حافظ صاحب ڪتابن جي مطالعي ۾ مصروف هوندو هو۔

حافظ صاحب بٽر وارن پنن تي ڪاني مان ٺهيل قلم ذريعي لکندو رهندو هو۔ پهريون ڀيرو مون کيس ڪاني مان قلم ٺاهيندي ۽ لکندي ڏٺم، حافظ صاحب جا لکيل اکر موتي هوندا هئا، ڏاڍو سهڻي انداز ۾ ۽ احتياط سان لکندو هو۔ حافظ سائين جي ويجهن شاگردن ۾ هڪڙو آئون هيس، منهنجا اکر سهڻا هوندا هئا، مون کي انڊ پين جو نب ڪٽي لکڻ ۾ دلچسپي رکندو هئس۔ تنهنڪري حافظ صاحب بٽر جا پنا مونکي ڏئي پنهنجي ڀرسان ويهاري لکرائيندو هو۔ مون بٽر جا سوين پنا لکي ڏنا۔ حافظ صاحب ٿورڙن صفحن وارا ننڍڙ ا ڪتاب ڇپرائي ورهائيندو هو۔

حافظ صاحب کي هميشه ٿر جي تاريخ ۾ دلچسپي رهندي هئي، خاص طور تي مهراڻن جي حسب نصب ۽ شجري جي پسمنظر بابت ڳالهيون ڪندو هو، اڳتي هلي ”مهراڻ نامو“ نالي ڪتاب به لکي ڇپرايو ۽ ڪيئي مضمون به لکيائون۔

مون پهريون ڀيرو سندن شهيد خليفي فقير امين مڱريي تي لکيل مضمون روزانه مهراڻ اخبار ۾ پڙهيو هو پوء ڪجهه واڌاري سان سانگهڙ مان شايع ٿيندڙ رسالن جهونگار ۽ منصور ۾ به پڙهيم۔ سئو سالن جي تاريخ رکندڙ چاچي فقير حاجي مير خان مڱرئي مرحوم سان حافظ صاحب ڪچهريون ڪري حرجماعت بابت معلومات حاصل ڪندو هو۔ خليفي شهيد امين فقير مڱرئي جي باري ۾ سندن لکيل مضمون ۾ موجود مواد به انهن ڪچهرين جو نتيجو آهي۔ مرحوم حافظ صاحب اسان جي ڳوٺ جي پوڙهن ڏوڪرن سان رهاڻيون ڪري درگاه پير سائين روضي ڌڻي جي تاريخ، پيران پاڳاره جي دورن ۾ ٿيل واقعن، حرتحريڪ جي تاريخ، پنجهٺ ۽ ايڪهتر وارين لڙاين متعلق معلومات وٺندو هو ۽ پوء اهو پنهنجي هڪڙي رجسٽر تي لکي محفوظ پيو ڪندو هو۔ هو علمي ڪچهريون ڪرڻ جو قائل هو، بي مقصد گفتگو نه ڪندو هو۔

حافظ صاحب جو علم و ادب ۽ تاريخ سان چاه رهيو ئي رهيو، پر ساروڻين جي سفر کي پنهنجي يادگيرين طور تي به لکندو رهيو، ماضي جي پنڌن ۽ پيچرن کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي ته ساڳي وقت جاگرافيائي، سماجي لاهن چاڙهن، معاشي حالتن، ڏک ڏولاون، بک ۽ بدحالين، ثقافتي اهڃاڻن، ورهاڱي جي وڍن، پاڪ - ڀارت جنگين جي دردناڪ ۽ اڻ وسرندڙ واقعن کي سهڻي ٻولي ۾ لکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي۔

هن فقير صفت انسان خاموشي ۾ گهڻو علمي پورهيو ڪيو۔ جو هن جا ڪيئي مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن۔ هڪ ٻه ڪتاب سندن مڪمل به ڪيل آهن، پروف ريڊنگ يا سيٽنگ جو ڪم ناهي ٿي سگهيو۔

حافظ صاحب سالن جا سال اسان جي ڳوٺ ۾ رهي ديني تعليم ڏنائون ۽ پوء سانگهڙ ضلعي ۾ پنجابين جي ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃي رهيو، اتي به ٻارن کي ديني تعليم ڏيڻ سان گڏ ڪتابن جي مطالعي ۽ تحرير واري ڪم ۾ لڳو رهيو۔ ڪجهه سال اتي رهي سگهيو۔

حافظ صاحب پوڙاهپ، ڪنن ۾ ٻوڙاڻ ۽ ٻين سببن جي ڪري واپس اچي پنهنجي اباڻي ڳوٺ مهراڻ واوڙي ۾ رهيو، هي مهراڻن فقيرن جو ڳوٺڙو ٿر ۾ سرحد تي واقع آهي۔ انهي ساڳي ڳوٺ ۾ وڏا عالم پيدا ٿيا آهن، مرحوم حافظ صاحب انهن ۾ گهڻو تڻو ذڪر فقير سليم مهراڻ جو ڪندو هو، اسان جو محترم عالم دين، هن دور جو وڏو اسڪالر مفتي عبدالرزاق مهراڻ سڪندري، جيڪو هيستائين چاليهارو ڪتاب لکي چڪو آهي، سندن علمي ۽ قلمي پورهئي ۾ ”صحيح بخاري“ تي جاري ڪم ئي آهي، مفتي صاحب وسيلن جي اڻ هوند ۾ به هڙان وڙان ڪري ڪافي جلد ڇپرائي چڪو آهي۔ سندن ڀائيٽيو حافظ الهجڙيو مهراڻ اهل علم نوجوان آهي، جيڪو مختلف موضوعن تي سهڻي انداز ۾ لکندو رهي ٿو۔

حافظ سخي محمد صاحب جي زندگي جا پويان ڏهه سال سخت علالت ۾ گذريا، هلڻ ڦرڻ جي سگهه به نه رهي، هو کٽ تي پيل هڏن جو پڃرو هو۔ پنهنجي علالت جي ڏکين گهڙين ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت نه ڇڏيائون، هٿ ڏڪندا هئا، نيڻن جو نور جهڪو ٿي چڪو هو پوء به سندن شريڪ سفر ڏوڪري قرآن پاڪ کي کڻي اڳيان کولي جهلي بيهندي هئس ۽ حافظ صاحب روزانو هڪڙي سيپاري جي تلاوت ڪندو هو ۽ درود پاڪ جو ورد سندن معمول ۾ هو۔ پنهنجي جيون جي آخري گهڙين ۾ اشارن جي ٻولي ۾ ڳالهائيندو هو۔

حافظ صاحب منهنجو استاد هو، جنهن ديني تعليم ڏنائون ۽ سنڌي ٻولي ۾ ڪيئن لکجي ۽ پڙهجي اهو سڀ ڪجهه سمجهايو۔ حافظ صاحب مرحوم جڏهن به اسانجي ڳوٺ ايندو هو ته منهنجي گهر هليو ايندو هو۔

حافظ صاحب اسان جي پاڙي ۾ زير تعمير مسجد کي ڏسڻ لاء آيو هو ۽ ڏاڍو خوش ٿيندي دعائون ڪيون۔ حافظ صاحب فقير صفت، اهل دل ۽ اهل علم انسان هو۔ مرحوم پنهنجي زندگي جي ڏکيائن ۽ مصيبتن جون شڪايتون ڪونه ڪندو هو۔ هو هن دور جو علمي درويش هو، جنهن جي درويشي جو ڏيئو هميشه ٻرندو رهندو۔

هن بابرڪت ۽ بارحمت ميلادالنبي صلي الله عليه وآليه وسلم مهيني ۾ حافظ صاحب جو لاڏاڻو سندن بانصيب هئڻ جي نشاني آهي۔ مرحوم جي مغفرت لاء دعاڳو آهيان۔

30/09/2022

روح جي تازگي ۔۔۔ راڳ

حضرت عبدالمطلب جي دعائن جو قبول ٿيڻ          ________________حافظ مهراڻجهانن جو پالڻهار جي بارگاه ايزديءَ ۾ دعائون  قبول...
29/09/2022

حضرت عبدالمطلب جي دعائن جو قبول ٿيڻ

________________حافظ مهراڻ

جهانن جو پالڻهار جي بارگاه ايزديءَ ۾ دعائون قبول ٿيڻ جو ڪو وقت ٽاڻو مقرر ناهي بس بندي جي اخلاص تي اهو منحصر آهي تہ دعائن جي التجا ڪيتري اخلاص ۽ يقين سان ڪري رهيو آهي، حضور ﷺ جن جي ڏاڏي مبارڪ حضرت عبدالمطلب نريني اولاد لاءِ جنهن ڪامل يقين سان جيڪي دعائون گهريون هيون اهي يقينن ايتري عاجزي انڪساري سان گهريون هيون جو اهي قبوليت جي منزلون طئي ڪري پنهنجي رب جي حضور ۾ پهتل هيون ۽ انهن دعائن جي قبوليت جي نتيجي ۾ ﷲ سائين حضرت عبدالمطلب کي ڏھ پٽ عطا ڪيا....

حضرت عبدالمطلب جي ٻين پٽن جي مقابلي ۾
حضرت عبدالله وڌيڪ سهڻو ۽ ڏياء وارو هو
حضرت عبدالمطلب جنهن پٽن جي عظيم نعمت جي حاصل ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ پٽ جي قربان ڪرڻ جو جيڪو سعيو ڪيو هو پنهنجي ان قول تي برقرار هو
حضرت عبدالله جي ٻين پٽن جي ڀيٽ ۾ سونهن ۽ سيرت سوائي هئي ان ڪري حضرت عبدالمطلب پنهنجي ان وضعدار فرزند کي پنهنجي رب جي نالي قربان ڪرڻ جو پڪو پھ ڪيو هو انهن ڏينهن ۾ يثرب موجوده مديني شريف ۾ هڪ عارف رهندو هو جيڪو آسماني حڪمن ۽ اشارن کي سمجهڻ جي صلاحيت رکندو هو
حضرت عبدالمطلب اٺ تي سوار ٿي يارنهن ڏينهن جو سفر طئي ڪري مديني طيبه جي هن پاڪ سرزمين تي پهتا هئا...

مورخین لکيو آهي تہ جزيرت العرب ۾ انساني خون جي بها هڪ اٺ برابر سمجهي ويندي هئي حضرت عبدالمطلب ان عارف کي تہ آئون ڏهن پٽن جي عيوض ڏھ اٺ قربان ڪيان تہ منهنجي قرباني قبول ٿيندي؟ ۽ آهستي آهستي اٺن جو تعداد وڌائيندو ويو ۽ سئو اٺن تائين تعداد پهتو تہ عارف چيو هاڻي اوهان جي قرباني قبول آهي...

حضرت عبدالمطلب پنهنجي پياري فرزند حضرت عبدالله جي بدلي سئو اٺ قربان ڪيا ۽ اها قرباني قبول ٿي..

حضرت عبدالله جڏهن جواني جي منزل تي پهتو هو تہ مڪي پاڪ جي ڪيترين ئي عورتن سندس سونهن سوڀيا ڏسي شادي جي آڇ ڪئي پر آسمانن تي هي جوڙو لکجي چڪو هو سندس شادي حضرت امان آمنہ رضه سان ٿي
جڏهن ٻنهي جهانن جي سردار حضرت حبيب ﷺ هن جهان ۾ اچڻ وقت اکيون مبارڪ کوليون هيون تہ ان وقت سندس والد حضرت عبدالله هي جهان ڇڏي چڪو هو...

Address


Telephone

+923332118242

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Varsa HD channel with Sardar Bhayo posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Varsa HD channel with Sardar Bhayo:

Videos

Shortcuts

  • Address
  • Telephone
  • Alerts
  • Contact The Business
  • Videos
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share