HK News

HK News This page use for entertainment, blogs and public figures interviews and many more

12/04/2024

سکہر آرٹس کونسل میں منعقدہ آرٹ گیلری کی شاندار نمائش

16/09/2023

روهڙي : ٽنڊو آدم ۾ بيدردري سان قتل ڪيل قومي ڪارڪن افضل لنڊ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ روھڙي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،
سجاڳ روھڙي ويلفيئر اتحاد جي اڳواڻن فاروق جسڪاڻي، گلزار شر ،فيروز جسڪاڻي ،غلام رسول جاڳيراڻي ،شير زنگيجو ۽ ٻين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ٻيڙي چوڪ کان ريلي ڪڍي روھڙي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڇتي ناري بازي ڪئي تنظيمي اڳواڻن جو چوڻ هو تہ سنڌي نوجوانن کي بيدردري سان قتل ڪرڻ جو سلسلو اڃان رڪجي ناهي سگهيو، ٽنڊو آدم ۾ قومي ڪارڪن افضل لنڊ جي قتل وارو هي پهريون واقعو ناهي اڳ ۾ بہ ارشاد رانجهاڻي ۽ بلال ڪاڪا جهڙا ڪونڌر نوجوان ڪٺا ويا حق سچ جي ڳالھ ڪندڙ سنڌ ڌرتيءَ ڄاوا لاوارث سمجهي ماريا وڃن ٿا جيڪا سنڌ جو امن تباھ ڪرڻ جي سازش آهي جنهن جي هو مذمت ڪن ٿا تنظيمي اڳواڻن چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي تہ عدالتي ڪميٽي جوڙي قومي ڪارڪن شهيد افضل لنڊ جي قتل جي اڻ ڌري انڪوائري ڪرائي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرائي قانوني سزا ڏياري وڃي

06/08/2023

کراچی سے پنجاب جانے والی ٹرین ھزارہ ایکسپریس نوابشاہ کہ قریب حادثے کا شکار 25 افراد جانبحق متعدد افراد زخمی

05/07/2023

بريڪنگ نيوز
روهڙي ويجهو صالح پٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ صوبو مهر ۾ پوليس ۽ ڦورن ۾ مقابلو فائرنگ 2 ڦورو فرار هڪ زخمي حالت ۾گرفتار
تفصيل موجب روھڙي ويجھو صالح پٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ صوڀو مهر ڳاڙهي ڳوٺ ويندڙ روڊ جبلن ۾ پوليس معمول موجب گشت ڪري رهي هئي ته ڦر جي ارادي سان بيٺل ٽن ڦورن پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ شروع ڪري ڏني پوليس دعوه ڪندي چيو ته پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ٻه ڦورو فرار جڏهن ته هڪ ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي جنهن کي بعد ۾ تعلقه اسپتال روهڙي علاج لاءِ آندو ويو. ڦورو جي سڃاڻپ سعيد عرف اياز پٽ الله ڏنو ميراڻي طور ٿي جيڪو ڪاري بقار جو رھواسي آهي جيڪو صالح پٽ پوليس ۽ ٻين ٿاڻن کي گهربل هو پوليس موجب ڦورو جو وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪرايو پيو وڃي ڦورو جي قبضي مان هڪ ٽي ٽي پسٽل ۽ گوليون برآمد ٿيون

29/06/2023

روهڙي ويجهو جهانگڙو ٿاڻي جي حد علي واھڻ ۾ چڍڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جڳھ جي مالڪي تان جهيڙو لٺين سرن ۽ پٿرن جو وسڪارو پنج ڄڻا زخمي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل عيد جي موڪلن سبب نه ڪيس داخل ٿي سگهيو نه اسپتال مان ليٽر مليو زخمين جو روهڙي پريس ڪلب پهچي احتجاج انصاف ۽تحفظ جو مطالبو تفصيل موجب روهڙي جي علائقي جهانگڙو ٿاڻي جي حد عباسي گهٽي علي واھڻ جي رهواسين چڍڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جڳھ جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو جهيڙي دوران پٿرن؛ لٺين ۽ سرن جو وسڪارو جنهن جي نتيجي ۾ پنج ڄڻا محمود حسن چڍڙ؛ محمد پڃل؛ ياسر علي؛ رئوف چڍڙ ۽ محمد عثمان چڍڙ زخمي ٿي پيا جن کي علاج لاءِ تعلقہ اسپتال روهڙي منتقل ڪيو ويو جن مان ٻن ڄڻن کي فوري طبي امداد ڏيڻ کان پوءِ فارغ ڪيو ويو جن روهڙي پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام هنيو ته اسان جي برادري جي ماڻهن؛ غلام رسول چڍڙ؛ شبير احمد چڍڙ؛ حيدر؛ معشوق؛ وقار؛ غلام قادر ۽ شمن چڍڙ عيد نماز کان پوءِ اسان جي گهر تي حملو ڪري اسان کي زخمي ڪري ڇڏيو ۽ اسان کي اسان جي ئي گهر مان زوري ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي اوڙي پاڙي جي ماڻهن جي پهچڻ کان پوءِ هو اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي ويا هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ان سموري معاملي جي فرياد داخل ڪرائڻ جهانگڙو ٿاڻي تي ويا سين جن اسان کي ٽرڪائي موٽائي ڇڏيو ۽تعلقه اسپتال انتظاميا پڻ ليٽر ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي هنن جو چوڻ هو ته هن وقت به ٻئي ڌر جا ماڻهو اسان جي گهر تي پٿر ۽ سرون اڇلائي رهيا آهن اسان کي ۽ اسان جي گهر وارن کي انهن مان جان خطرو آهي هنن چيف جسٽس آف پاڪستان ڊي آئي جي سکر جاويد احمد جسڪاڻي؛ ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ؛ ۽ تر جي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي کين تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي

https://youtu.be/86bSxPB4-t4روهڙي ميونسپل ڪميٽي جي ملازمن جو ايڊمنسٽريٽر ۽ چيف ميونسپل آفيسر خلاف روهڙي پريس ڪلب آڏو احت...
10/04/2023

https://youtu.be/86bSxPB4-t4

روهڙي ميونسپل ڪميٽي جي ملازمن جو ايڊمنسٽريٽر ۽ چيف ميونسپل آفيسر خلاف روهڙي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو

28/03/2023

سکھر پوليس کا ڈرون کے ذریعے ڈاکوؤں کے خلاف آپریشن
ایس ایس پی سکھر خود ڈرون آپریٹ کرتے رہے

11/02/2023

ڍورو نارو ۾ پلاٽ جي مامعلي ته پيرسن عورت کي وحشي ماڻھن تشدد ڪري بيحال ڪري ڇڏيو ڍورونارو جي ڳوٺ کونهار جي عورت سان انصاف ڪيو وڃي اسان جي سنڌ ۾ قانون هٿ ۾ کڻي پنهنجا مرضي جا غيراخلاقي فيصلا ڪرڻ جو رواج ٿي ويو آھي قانون جي رٽ ڪٿي به نظر نه ٿي اچي جڏهن ظلم کي عوام منظر تي آڻي ٿو ته پوء حڪمران ايڪشن ۾ اچن ٿا ڍورو نارو جي ڳوٺ کونهار جي مظلوم عورت سان پلاٽ جي معاملي ته انسانيت کي لڄائيندڙ بي رحماڻو تشدد ڪيو ويو آهي ڇا ان مظلوم عورت کي انصاف ملي سگهندو؟

https://youtu.be/5munV-WG_0sاتنا ٹوٹا ہوں چھونے سے بکھر جاؤں گا
06/02/2023

https://youtu.be/5munV-WG_0s
اتنا ٹوٹا ہوں چھونے سے بکھر جاؤں گا

اتنا ٹوٹا ہوں چھونے سے بکھر جاؤں گا آواز : اختر درگاھی سندھ فلیکس یوٹیوب چینل کو لائیک کمنٹس سبسڪرائب ضرور کریں

https://youtu.be/xtoku9gOCMIآج جانے کی ضد نہ کرومحفل غزلآواز : محترم اختر درگاھی
02/02/2023

https://youtu.be/xtoku9gOCMI
آج جانے کی ضد نہ کرو
محفل غزل
آواز : محترم اختر درگاھی

آج جانے کی ضد نہ کروآواز :محترم اختر درگاھيشام غزلپلیز وڈیو کو لائیک کمنٹس سبسڪرائب ضرور کریں شکریہ

Please watch and subscribe my YouTube channel
01/02/2023

Please watch and subscribe my YouTube channel

سلسليوار پروگرام اڄ جو شاعرتو جي ڏنو مونکي حوصلو آهي شاعر :حسن عباسمهرباني ڪري ڏسڻ نه وساريندا لائيڪ ڪمينٽس ۽ سبسڪرائب ضرور ڪندا

21/12/2022

دبر جي رهواسي جو سکر پوليس پاران بي گناهه گهر ڊاهڻ ۽ بي گناهه گرفتاريون ڪرڻ تي سکر پوليس خلاف روهڙي پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو

24/11/2022

صدر مملڪت جنرل عاصم منير جي سمري تي صحيح ڪري ڇڏي

24/11/2022

روهڙي ويجهو؛ سانگي جي جتوئي برادري جي ماڻهن جو سانگي پوليس خلاف روهڙي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو

18/11/2022

سنڌ پوليس جي اسپيشل يونٽ (آر آر ايف) سان تعلق رکندڙ نوجوان رانديگر محمد آصف مهر هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان پوليس هاڪي ٽيم ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي.آل پاڪستان ڪمشنر ملتان گولڊ ڪپ هاڪي ٽورنامينٽ 2022 کيڏڻ لاءِ ٽيم سان گڏ روانو ٿي ويو. ايونٽ 19 نومبر کان 26 نومبر تائين ملتان اسٽروٽرف ۾ ٿيندو. سکر سان تعلق رکندڙ باصلاحيت رانديگر آصف مهر جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي يونٽ ريپڊ رسپانس فورس جي سمورن سينيئر آفيسرن جو ٿورائتو آهيان جن هميشه هن راند ۾ منهنجو ساٿ ڏنو ۽ اميد آهي ته مان پنهنجي يونٽ ۽ سنڌ پوليس جو نالو روشن ڪندس. مون کي تمام گهڻي اميد آهي ته اسان جي ٽيم فائنل کٽندي.

16/11/2022

روهڙي گرينڊ الائنس جي سڏ تي ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو رسڪ الائونس جي بحالي لاءِ روهڙي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو

15/11/2022

ڪراچي ۾ لينڊ مافيا پاران منگهو پير ڪراچي جي مختيارڪار اعجاز چانڊيو جي قتل ۽ جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ مختيار ڪار آفيس روهڙي ۾ ريوينيو آفيسرن ۽ ملازمن پاران ڪم ڇڏ هڙتال احتجاجي مظاهرو ۽ نعريبازي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو تفصيل موجب آل روينيو ايمپلائيز ايسوسيئيشن آل تپيدار؛ آل مختيارڪار ايسوسيئيشن روهڙي پاران مختيارڪار روهڙي؛ آل روينيو ايمپلائيز ايسوسيئيشن جي صدر سيد عمران علي شاهه؛ جنرل سيڪريٽري امير علي جتوئي؛ سب رجسٽرار امان الله سومرو؛ سيد شاهد حسين شاھ؛ اسسٽنٽ مختيار ڪار سعيد احمد گهانگهرو جي اڳواڻي ۾ مختيار ڪار آفيس جي ريوينيو ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي مظاهرو ڪندڙن سان خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪراچي ۾ عدالتي حڪم تي قبضا مافيا خلاف آپريشن دوران لينڊ مافيا هٿان قتل ٿي ويل منگهو پير ڪراچي جي مختيار ڪار اعجاز چانڊيو جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي اسان اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيون ٿا ته اعجاز چانڊيو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري وارثن سان انصاف ڪيو وڃي هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اعجاز چانڊيو جي خون سان انصاف ٿيڻ تائين سموري سنڌ ۾ آفيسن جي تالا بندي ڪئي ويندي ۽ سموري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا

12/11/2022

روهڙي ويجهو جهانگڙو ٿاڻي جي حد علي واھڻ چوڪي ويجهو پنهنجي زمين تي ستل شبير احمد ورند ٻن ڏينهن کان لاپتا وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر

The Wise camelPlease subscribe my YouTube channel thanks
07/11/2022

The Wise camel
Please subscribe my YouTube channel thanks

Kartab dikhane wala oont

03/11/2022

مسافرن جي جان ۽ مال جي حفاظت ۽ انهن کي بروقت ۽ خير سان پنهنجي منزل تي پهچائڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي اهڙن خيالن جو اظهار ڊي ايس ريلوي سکر محمد عرفان الحق سکر ڊويزن جي ڪمرشل برانچ جي سمورن آفيسرن سان مخاطب ٿيندي ڪيو محمد عرفان الحق جي صدارت هيٺ سکر ڊي ايس آفيس ۾ ڪوٺايل اجلاس ۾ خطاب ڪندي هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ريل ۾ سوار هر مسافر سان خوش اخلاقي سان پيش اچڻ ۽ سفر دوران انهن جي هر طرح سان مدد ڪرڻ ۽ انهن جي لاءِ سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي يا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي محمد عرفان الحق چيو ته ڪرپشن تي زيرو ٽالرنس جي پاليسي واضح آهي ڪنهن به ريلوي ملازم ڪرپشن ڪئي ته ان جي خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي عرفان الحق جو اهو به چوڻ هو ته مسافر ۽ ريلوي جي بزنس پارٽنرز اسان جو سرمايو آهن جيڪڏهن اسان کي پنهنجي اداري کي ترقيافته ۽ مضبوط ڏسڻو آهي ته اسان کي ان حوالي سان سرمائي ۾ اضافو ڪرڻو پوندو ان سرمائي جي حفاظت ڪرڻي پوندي ۽ اهو تڏهن ئي ممڪن ٿيندو جڏهن تمام گهڻي دلچسپي ۽ ايمانداري سان ان اداري جي خدمت ڪيون اجلاس ۾ ڊي ٽي او ريلوي سکر محمد جنيد اسلم؛ڊي سي او ريلوي سکر سعيد احمد ڀيو؛ اي سي او محفوظ بن ايوب؛ سي ايم آئي غلام قادر؛ آر آئي ايم نفيس احمد؛ ڊي آئي ايس ٽي اي / پي آر او ٽو ڊي ايس سکر شاهد خان يوسف زئي ۽ سکر ڊويزن ڪمرشل ڊپارٽمينٽ جا سمورا انچارج پڻ موجود هئا

30/10/2022

روهڙي ؛ايڪسائيز پوليس روهڙي جي ڪارروائي اروڙ يونيورسٽي جي ويجهو تلاشي دوران ڪار جي ڳجهن حصن ۾ لڪايل 65 ڪلو چرس هٿ هڪ جوابدار گرفتار هزارين روپيا برآمد ڪار تحويل ۾؛ ايڪسائيز پوليس پاران 35 ڪلو چرس جي برآمدگي ظاهر ڪئي وئي؛ تفصيل موجب ايڪسائيز پوليس پي ايس روهڙي سرڪل پاران جاري ڪيل بيان موجب اي پي ايس روهڙي سرڪل قمر الدين سيال جي اڳواڻي ۾ روهڙي قومي شاهراهه اروڙ يونيورسٽي ويجهو ناڪا بندي دوران هڪ ڪار نمبر WAC, 053 ڪوئيٽا کي روڪي تلاشي ورتي ته ان جي خفيه حصن ۾ لڪايل 35 ڪلو چرس هٿ ڪري ڪار سوار عزت الله ولد غلام رباني اچڪزئي پٺاڻ کي گرفتار ڪري ورتو آهي ٻئي پاسي انتهائي باخبر ذريعن کان ملندڙ اطلاع موجب ايڪسائيز پوليس جي ڪارروائي دوران ڪار مان 65 ڪلو اعلي ڪوالٽي جو چرس هٿ ڪري ورتو ۽ هزارين روپيا جوابدار جي قبضي مان هٿ ڪيا ويا هئا ۽ چرس اسمگلنگ ۾ استعمال ٿيندڙ ڪار کي پڻ تحويل ۾ ورتو ويو هو جڏهن ته ايڪسائيز پوليس جي ڪرپٽ اهلڪارن پاران روايت مطابق چرس جي وڏي مقدار ۽ روڪ رقم ۾ مبينا طور تي خرد برد ڪئي وئي آهي

علی واہن پیارو واہ؛ ھکڑا میں سیپکو عملہ کی جانب سے بجلی چوری کروانے کا انکشاف
29/10/2022

علی واہن پیارو واہ؛ ھکڑا میں سیپکو عملہ کی جانب سے بجلی چوری کروانے کا انکشاف

روهڙي سيپڪو روهڙي جي عملدارن جي پيارو واھ؛ هڪڙا علي واھڻ جي مختلف علائقن ۾  ڪنڊا ڪنيڪشن تي مبينا رشوت خوري پئسن عيوض بجل...
29/10/2022

روهڙي سيپڪو روهڙي جي عملدارن جي پيارو واھ؛ هڪڙا علي واھڻ جي مختلف علائقن ۾ ڪنڊا ڪنيڪشن تي مبينا رشوت خوري پئسن عيوض بجلي چوري ڪرائڻ ۾ جيڪي سيپڪو جا ماڻهو ملوث آهن انهن کي جلد بي نقاب ڪيو ويندو

21/10/2022

بریکنگ نیوز
الیکشن کمشنر نے عمران خان کو نااہل قرار دے دیا

02/10/2022

افسوسناک خبر
سکھر:- ببرلوء سے آگے ٹھیڑی بائی پاس کے قریب قومی شاھراہ پر تیز رفتار ٹریلر اور کار میں تصادم
جس کے نتیجے میں کار سوار خاتوں سمیت 2 افراد جاں بحق
01 فردوس بیگم سہتو
02 سعید الرحمٰن سہتو
جاں بحق ہونے والے نوجواں کی میت اور خاتون کی میت ایدھی ایمبولینس کے زریعے بئراج کالونی گھر پہنچایہ

02/10/2022

سنڌ جي ماروئڙن جو درد کڻي ڀارت کان سنڌ پهتل سوامي ڊاڪٽر گنگا داس اداسين روهڙي سنگرار ۽ ٻين علائقن ۾ ٻوڏ متاثرن جي امداد ڪرڻ کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي

02/10/2022

بيواھ عورت جو پريس ڪلب روهڙي پهچي احتجاجي مظاهرو

روهڙي جي علائقي ڪنڌرا ناڪي مولا محب شاھ جي رهواسي بيواھ فريدان سولنگي روهڙي پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام هنيو ته عدالتي حڪم تي مختيار ڪار پنوعاقل مونکي ۽ منهنجي ڀينرن مسمات سوني؛ مسمات ممتاز ڌيءَ مرحوم الله وسايو سولنگي؛ جي زرعي زمين تي قبضو ڪندڙ بااثر ماڻهن کان قبضو ختم ڪرايو ويو پر ساڳيا ئي قبضا گير اسان کي پنوعاقل ديھ ماڇي نرڇ ۾ موجود اسان جي زمين تي ڪنهن به قسم جو فصل ڪرڻ نٿا ڏين ۽ فصل ڪرڻ تي هٿيارن جي زور تي مونکي ۽ منهنجي ڀينرن ۽ قبضي کان آجي ڪيل زمين ايندڙ تي ويندڙ هر شخص کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن بيواھ عورت ڪمشنر سکر؛ ڊپٽي ڪمشنر سکر ۽ مختيار ڪار پنوعاقل کان مطالبو ڪيو ته اسان کي تحفظ ڏنو وڃي ۽ اسان جي زرعي زمين تي فصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل هٿياربند ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي

28/09/2022

رپورٹ : حسن عباس
پاکستان تحریک انصاف سٹی روہڑی کے زیر اہتمام پی ٹی آئی کارکنان کی جانب سے روہڑی کے علاقے بیڑی چوک سے روہڑی پریس کلب تک موجودہ حکومت کی جانب سے بڑھتی ہوئی مہنگائی،بجلی،گیس،پیٹرول اور اشیاء خردونوش کی حالیہ مہنگائی کے خلاف احتجاجی ریلی نکالی گئی.

Address


Telephone

+923008804409

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when HK News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to HK News:

Videos

Shortcuts

  • Address
  • Telephone
  • Alerts
  • Contact The Business
  • Videos
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share