صحافي اتحاد خيرپور

  • Home
  • صحافي اتحاد خيرپور

صحافي اتحاد خيرپور Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from صحافي اتحاد خيرپور, Media/News Company, .

پيروسڻ ۾ صحافي اتحاد خيرپور جو ساليانو ڪنوينشن 8 تعلقن جي سوين صحافين جي شرڪت . سال 2024 لاءِ نئين باڊي چونڊي وئي شھيد ج...
17/12/2023

پيروسڻ ۾ صحافي اتحاد خيرپور جو ساليانو ڪنوينشن 8 تعلقن جي سوين صحافين جي شرڪت . سال 2024 لاءِ نئين باڊي چونڊي وئي شھيد جان محمد مهر شھيد صحافي اصغر کنڊ جي قاتلن سميت سنڌ جي شھيد ٿيل صحافين جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ ۽ 22 صحافين مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم نه ٿيڻ خلاف 20 ڊسمبر تي راڻي پور کان سچل سرمست جي درگاھ تائين احتجاجي پيادل مارچ جو اعلان ڪنوينشن بعد صحافين جو شھيد صحافين جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪوڙن ڪيسن خلاف مھراڻ ھاء وي تي ڌرڻو . تفصيلي رپورٽ موجب صحافي اتحاد ضلع خيرپور جو ساليانو ڪنوينشن پيروسڻ شهر ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ ضلعي جي 8 ئي تعلقن جي سوين صحافين ۽ سنڌ صحافي سنگت جي مرڪزي وائيس چيئرمين محمد بچل هنڱورو خصوصي طور شرڪت ڪئي جنهن ۾ نئين سال 2024 جي لاء نئين باڊي تشڪيل ڏني وئي جنهن ۾ چيئرمين غلام حسين چانگ . صدر جمال محمود کهڙو . سينئر نائب صدر خير محمد عامر . نائب صدرس خاد جوڻيجو . ياسين راڄپر . گل بيگ چانگ . حاڪم ڀٽي . نياز ڀنڀرو . جنرل سيڪريٽري حسين بخش ڪٻر . ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف حسين شر . جوائنٽ سيڪريٽري سڪندر راڄپر . خزانچي سنيل ڪمار کي چونڊيو ويو . ان موقعي تي خطاب ڪندي صحافي اڳواڻن چيو ته سنڌ اندر صحافين جي لاء ڌرتي کي دوزخ بڻايو ويو آهي . شهيد جاان محمد مهر سميت ڪيترن ئي صحافين کي حق سچ جو آواز بلند ڪرڻ تي بيگناهه شهيد ڪيو ويو آهي ۽ سرڪار انهن جي قااتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي جڏهن ته خيرپور ضلعي جي شهر هنڱورجا ۾ آبادگارن جي احتجاج جي ڪوريج ڪرڻ تان صحافي اتحاد جي اڳوڻ صحافين سميت سنڌ اندر ڪيترن ئي صحافين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن هن چيو ته صحافين توڙي عوام کي تحفظ ۽ حق ڏيڻ آهي پر افسوس ته سنڌ جي اندر رياست جا ادارا پاڻ حق غضب ڪري رهيا آهن هنن گهر ڪئي ته جان محمد مهر شھيد صحافي اصغر کنڊ سميت سنڌ مڙني شهيد صحافين جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ۽ شهيد صحافين جي خاندانن کي مالي سهائتا سميت سندن اولاد کي نوڪريون ڏنيون وڃن جڏهن ته صحافين مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ان کان علاوه سنڌ جي ننڍن شهرن جي پريس ڪلبن کي پڻ مالي گرانٽ ڏني وڃي اڳواڻن اعلان ڪيو ته 20 ڊسمبر تي شھيد صحافين جا. محمد مھر ۽ شھيد اصغر کنڊ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ راڻي پور کان سچل سرمست تائين پيادل احتجاجي مارچ ڪيو ويندو ٻئي شھيد صحافين جي قاتلن جي گرفتاري لاء صحافي اتحاد جي چيئرمين غلام حسين چانگ .صدر محمود کھڙو جي اڳواڻي ۾ مھراڻ ھاء وي تي ڌرڻو ھنيو ويو احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي قاتلن کي گرفتار ڪري صحافين ۾ پکڙيل بيچيني دور ڪئي وڃي

ايس ايڇ او ھنڱورجا ايس ايس پي خيرپور جي حڪمن کي ٿڏي ڇڏيو۔ ۔  صحافين مٿان ڪيس ختم نه ڪيو پر ٻين ڪيسن جون ڌمڪيون ڏيڻ لڳو ـ...
14/12/2023

ايس ايڇ او ھنڱورجا ايس ايس پي خيرپور جي حڪمن کي ٿڏي ڇڏيو۔ ۔
صحافين مٿان ڪيس ختم نه ڪيو پر ٻين ڪيسن جون ڌمڪيون ڏيڻ لڳو ـ ايس ايڇ او ھنڱورجا ھٽايو تحريڪ شروع ـ ـ
ھنڱورجا ٿاڻي تي مقرر ايس ايڇ او مشتاق جتوئي صحافين آبادگارن تي ڪيس داخل ڪيو ھيو جنهن کي ختم ڪرڻ لاء ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو ڪيس ختم ڪرڻ جو واعدو ڪيو ھيو پر ايس ايڇ او مشتاق جتوئي ايس ايس پي جي حڪمن کي نظر انداز ڪندي ڪيس ختم ڪرڻ بدران ڪيس چالان ڪري ڇڏيو ـ ھن اڄ راڻي پور ڪورٽ ٻاھران صحافين کي ڌمڪيون ڏنيون ته ھڪ ڪيس ڇا آهي اوھان مٿان ڏھ ڏھ ڪيس داخل ڪندس ـ
افسوس ايس ايس پي خيرپور جو واعدو وفا نه ٿيو ھڪ ايس ايڇ او سندس حڪمن کي ٿڏي ٻاويھن ورڪنگ جرنلسٽ مٿان ڪيس داخل ڪري وري انهن کي ڌمڪيون ڏئي رھيو آهي ـ
صحافي ۽ آبادگار جلد ايس ايڇ او ھنڱورجا ھٽائڻ لاء ڀرپور تحريڪ ھلائي ويندي ـ

صحافي اتحاد خيرپور تعلقه سوڀوديرو جي انفارميشن سيڪريٽري گداحسين سمون کي سٽي پريس ڪلب راڻيپور جو سينيئر نائب صدر منتخت ٿي...
22/10/2023

صحافي اتحاد خيرپور تعلقه سوڀوديرو جي انفارميشن سيڪريٽري گداحسين سمون کي سٽي پريس ڪلب راڻيپور جو سينيئر نائب صدر منتخت ٿيڻ تي لک لک مبارڪون ❤

ايس ايس پي خيرپور سميع الله سومرو صحافين مٿان ھنڱورجا ٿاڻي تي داخل ڪيس خارج ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ـ خيرپورصحافي اتحاد جي و...
16/10/2023

ايس ايس پي خيرپور سميع الله سومرو صحافين مٿان ھنڱورجا ٿاڻي تي داخل ڪيس خارج ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ـ
خيرپورصحافي اتحاد جي وفد جمال محمود کھڙو ـ خادم جوڻيجو ـ خير محمد عامر ـ ياسين راڄپر ـ حاڪم ڀٽي ـ خيرپور جي سينئر صحافي شفيق شر ـ شبير ڦليو ـ علي گوھر گوپانگ ـ ايس ايس پي خيرپور سان سندس آفيس م ملاقات ڪئي ـ ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو ھنڱورجا ڪيس خارج ڪري معاملي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ـ

صحافي اتحاد خيرپور جي وفد جي ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو سان ملاقات ايس ايس پي خيرپور پاران هنڱورجا ڌرڻو ڪيس...
16/10/2023

صحافي اتحاد خيرپور جي وفد جي ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو سان ملاقات
ايس ايس پي خيرپور پاران هنڱورجا ڌرڻو ڪيس خارج
ڪرڻ جو حڪم
صحافي اتحاد خيرپور زنده آباد✌✌

صحافي اتحاد خيرپور جو اھم اجلاس ـ سومر تي ڪيس ختم نه ڪيو ويو ته ڊي آء جي آفيس اڳيان ڌرڻو ھنيو ويندو ـ پوليس جي خبرن جو ب...
14/10/2023

صحافي اتحاد خيرپور جو اھم اجلاس ـ سومر تي ڪيس ختم نه ڪيو ويو ته ڊي آء جي آفيس اڳيان ڌرڻو ھنيو ويندو ـ پوليس جي خبرن جو بايڪاٽ ـ ايس ايڇ او ھنڱورجا خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ـ
صحافي اتحاد خيرپور جو اھم اجلاس پريس ڪلب ھنڱورجا تي صحافي اتحاد جي صدر غلام حسين چانگ جي صدارت ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ سڄي ضلعي مان صحافين شرڪت ڪئي ۽ اھم فيصلا ڪيا ويا ـ
آخر ۾ رئيس غلام حسين چانگ خير محمد عامر جمال محمود کھڙو ياسين راڄپر ـ حسين بخش ڪٻر ـ حاڪم ڀٽي ميان اسد الله چنا ـ نياز حسين ڀنڀرو ـ ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٻاويھن صحافين مٿان داخل ڪيل ڪيس جي سخت مذمت ڪجي ٿي ۽ اھو تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي ـ ھنن چيو ته ڇھ رڪني ڪاميٽي جمال محمود کھڙو جي اڳواڻي م ٺاھي وئي جيڪا ڪيس ختم ڪرائڻ لاء ڳالھيون ڪندي اگر سومر تي ڪيس ختم نه ٿيو ۽ ايس ايڇ او ھنڱورجا خلاف ڪاروائي نه ٿي ته اڱاري يا اربع تي ڊي آء جي سکر آفيس اڳيان ڀرپور ڌرڻو ھنيو ويندو ۽ جدوجهد تيز ڪئي ويندي ـ اڳواڻن چيو ته صحافي اتحاد خيرپور سڄي ضلعي ۾ پوليس جي خبرن جو بائڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ـ ھنن چيو ته ٿاڻن مقامي پوليس اھلڪار ھٽايا وڃن ـ

22/12/2022

صحافي اتحاد خيرپور پاران سڳيون جي صحافي گلاب سيال تي پوليس تشدد ۽ سندس ڀاء شھزادو سيال کي کنڀڻ خلاف سڀاڻي سمورن پريس ڪلبن آڏو احتجاج جو اعلان ✌

27/11/2022

صحافي اتحاد خيرپو پاران کرڙاھ جي صحافي وحيد ڦل جي قتل تي سوڳ جو اعلان

30/10/2022

صحافي اتحاد خيرپور پاران احمد پور جي صحافي نياز چانڊيو جي وڇوڙي تي 3 ڏينھن سوڳ جو اعلان

30/10/2022
15/05/2022

سڳيون
صحافي اتحاد جي اڳواڻ اعجاز ملاح تي ٿيل حملي جا جوابدار گرفتار نہ ٿيا تہ ايس ايس پي خيرپور جي آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو ويندو
صحافي اتحاد خيرپور ✌

15/05/2022

سڳيون جي صحافي اعجاز ملاح تي حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪريو
صحافي اتحاد خيرپور

صحافي اتحاد خيرپور پاران تمام عالم اسلام کي دل جي گھراين سان عيد الفطر جون مبارڪون 🌙🕋 ❤
03/05/2022

صحافي اتحاد خيرپور پاران تمام عالم اسلام کي دل جي گھراين سان عيد الفطر جون مبارڪون 🌙🕋 ❤

30/03/2022

گمبٽ جي صحافي زاھد ڄامڙو کي آزاد ڪريو.
ڪيس جي ايماندار آفيسر کان انڪوائري ڪرائي زميوارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي
صحافي اتحاد خيرپور ✌

ايس ايڇ او سوڀوديرو پريس ڪلب تي آيو سڀاڻي وارو ڌرڻو ملتوي ـ ـ ـسينئر صحافي شھداد خان ڀاڳت جي ٽياڪڙي ۽ ايس ايس  پي خيرپور...
06/03/2022

ايس ايڇ او سوڀوديرو پريس ڪلب تي آيو سڀاڻي وارو ڌرڻو ملتوي ـ ـ ـ
سينئر صحافي شھداد خان ڀاڳت جي ٽياڪڙي ۽ ايس ايس پي خيرپور جي رابطي ڪرڻ کان پوء سوڀوديرو جي صحافين پاران ايس ايڇ او خلاف رٿيل ڌرڻو ملتوي ڪري ڇڏيو ـ اڄ شام ايس ايڇ او سوڀوديرو اڪبر عالماڻي تعلقه پريس ڪلب سوڀوديرو لڙي آيو ـ ايس ايڇ او صحافي اتحاد تعلقه سوڀوديرو جي صدر غلام مرتضي زاھد سامٽيو سان ڀاڪر پائي معاملو ختم ڪيو ـ جتي سرپرست اعلي جمال محمود کھڙو ـ صدر امداد حسين اوٺي ـ سڳيون پريس ڪلب جي صدر ميان اسد الله چنا ـ زوار امير علي لڪ ـ اورنگزيب پيرزادو ـ لعل ڏنو ملاح ـ منظور سند ـ عاشق شيخ ـ فضل منگي ـ ظھور ڄامڙو ـ منصف ابڙو ـ علي شان شاھاڻي ـ وندر چنو ۽ ٻيا صحافي پڻ موجود ھيا ـ ايس ايس پي خيرپور ملڪ ظفر اقبال صحافين کي يقين دھاني ڪرائي ته صحافين خلاف ٿيل معاملا ختم ڪري ملوث عملدارن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي ـ

05/03/2022

سومر ڏينهن سوڀوديرو ۾ قلم ڌڻين جي دشمن SHO اڪبر عالماڻي خلاف تاريخي ڌرڻو ھنيو ويندو، صحافي دوست وڌ کان وڌ شريڪ ٿين.
صحافي اتحاد خيرپور زنده آباد

04/03/2022

صحافين خلاف ڪاروايون ڪندڙ ايس ايڇ او سوڀوديرو اڪبر عالماڻي خلاف 7 مارچ سومر تي سوڀوديرو ۾ ڌرڻو ھنيو ويندو ـ
صحافي اتحاد خيرپور ✌

03/03/2022

صحافي اتحاد تعلقه سوڀوديرو جو صدر سينئر صحافي سرائي غلام مرتضي' عرف زاهد سامٽيو اڪيلو ناهي اسان سڀ صحافي ساڻس گڏ آهيون
صحافي اتحاد خيرپور

03/03/2022

ايس ايڇ او سوڀوديرو ھٽايو
شھر جو امن بحال ڪريو
صحافي اتحاد خيرپور

بدنام زمانا قاتل ايس ايڇ او اڪبر عالماڻي صحافين خلاف رڻ ٻاري ڏنو ـ صحافي غلام مرتضي عرف زاھد سامٽيو خلاف روزنامچي ۾ انٽر...
03/03/2022

بدنام زمانا قاتل ايس ايڇ او اڪبر عالماڻي صحافين خلاف رڻ ٻاري ڏنو ـ
صحافي غلام مرتضي عرف زاھد سامٽيو خلاف روزنامچي ۾ انٽري رکي ڪوڙي ايف آء آر داخل ڪرڻ جي تيارين ۾ ـ ـ

بدنام زمانا قاتل ايس ايڇ او سوڀوديرو اڪبر عالماڻي جنهن جي پوسٽنگ تي ھاء ڪورٽ سنڌ پاران بين ٿيل آهي پر توھين عدالت ڪري کيس پوسٽنگ ڏني وئي آهي ـ ھو ھر ٿاڻي تي بيگناھ ماڻهوَ ماريندو آهي سوڀوديرو ٿاڻي تي پھچڻ شرط صحافين خلاف رڻ ٻاري ڇڏيو ـ
ھن صحافي اتحاد تعلقي سوڀيديري جي صدر غلام مرتضي عرف زاھد سامٽيو خلاف ٿاڻي جي روزنامچي تي ڪوڙي انٽري داخل ڪري ڇڏي ۽ ڪوڙي ايف آء آر داخل ڪرڻ جي تيارين ۾ آهي ـ
ھن صحافين کي ڌمڪيون ڏيندي چيو ته مان ڪجهه صحافين تي چرس جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائيندس ۽ ڪجهه کي ھاف فراء ڪندس ـ
صحافين آء جي سنڌ ڊي آء جي سکر ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو آهي ته بدمست ايس ايڇ او اڪبر عالماڻي کي ھٽائي سندس خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ـ

01/03/2022

صحافي اتحاد خيرپور طرفان پي ايف يو جي مرڪزي اڳواڻ لالا اسد پٺاڻ جي امڙ جي وفات تي ڏک جو اظھار

24/02/2022

صحافين جو اتحاد
خيرپور صحافي اتحاد زندہ آباد

23/02/2022

خيرپور صحافي اتحاد جي سرواڻ رئيس غلام حسين چانگ جنرل سيڪريٽري خير محمد عامر ۽ ٻين تمام دوستن جون مھربانيون جن مڪمل ساٿ ڏنو ✌
پاران ـ صحافي نويد تمراڻي ڪنب

23/02/2022

ايس ايڇ او ڪنب صحافين جي آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا. صحافين جون ڦريل گاڏيون واپس ڪرائن جو واعدو.
سڀاڻي وارو احتجاج ملتوي.
صحافين جو اتحاد
خيرپور صحافي اتحاد زندہ آباد

Address


Telephone

+923003139603

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when صحافي اتحاد خيرپور posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Shortcuts

  • Address
  • Telephone
  • Alerts
  • Videos
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share