Nazar Samejo Professional

Nazar Samejo Professional This is Nazar Muhammad Samejo journalist official page. Like and Follow page for related content

12/01/2025

سنڌو درياھ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف اڄ عمرڪوٽ ۾ جلسو رٿيل تياريون مڪمل

نظر سميجو آواز ٽي وي نيوز عمرڪوٽ
03453778887

ميرپورخاص ٽول پلازه نامنظور78 موري تي ٺھندڙ  غيرقانوني ٽول پلازه خلاف علائقي واسي حرڪت ۾ اچي وياغنڊا ٽيڪس جو دڪان ڪنھن ب...
09/01/2025

ميرپورخاص ٽول پلازه نامنظور

78 موري تي ٺھندڙ غيرقانوني ٽول پلازه خلاف علائقي واسي حرڪت ۾ اچي ويا

غنڊا ٽيڪس جو دڪان ڪنھن به صورت ۾ کولڻ نه ڏينداسين: علائقي واسي

ڳوٺ فقير خير محمد منڱريو ۾ فقير مير محمد منڱريو جي سربراھي ۾ ھنگامي گڏجاڻي منعقد

علائقي جي زميندارن، آبادگارن، ھارين، مزدورن، شھرين جي شرڪت

ٽول پلازه وارو منصوبو ملتوي ڪرائين لاءِ ھر حوالي سان مزاحمت ڪرڻ جو وچن ورجايو

ڪلوئي.!لنڊ برادري جي گھرن کي مسمار ڪرڻ وقت پوليس تشدد ۾ پيٽ حامل مسمات حوا زال مولا بخش لنڊ بيھوشي ۾ ڪلوئي اسپتال داخل ڪ...
08/01/2025

ڪلوئي.!
لنڊ برادري جي گھرن کي مسمار ڪرڻ وقت پوليس تشدد ۾ پيٽ حامل مسمات حوا زال مولا بخش لنڊ بيھوشي ۾ ڪلوئي اسپتال داخل ڪرايو ويو سيريز ھجڻ تي کيس انڊس اسپتال ريفر ڪيو ويو .!
پوليس کيس نہ ڪنھن اسپتال پھچايو نہ کيس علاج جو ليٽر ڏنو.
ڪاپي محمد خان لنڊ جي وال تان

عمرڪوٽ ضلعي جي هڪ لک نوي هزار ايڪڙ کان به مٿي زمين گرين پاڪستان جي نالي ۾ غيرملڪي ڪمپنين کي ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏ...
06/01/2025

عمرڪوٽ ضلعي جي هڪ لک نوي هزار ايڪڙ کان به مٿي زمين گرين پاڪستان جي نالي ۾ غيرملڪي ڪمپنين کي ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

05/01/2025

گذريل ڏينهن ماروي گرائونڊ عمرڪوٽ ۾ ڪرڪيٽ مئچ ڏسڻ دوران ڪنڀار ۽ اوڏ برادري وچ ۾ ٿيل جهيڙي جو اڄ ڊاڪٽر نور علي شاه وٽ نبيرو ٿي ويو ٻنهي ڌرين جي معززين پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري اختلاف ختم ڪري ڇڏيا پاڻ ۾ ٺهڻ جيهڙو نه وڌائڻ سٺو عمل آهي پر گذريل ڏينهن پرٿوي اوڏ جي سڏ تي هيٿار ۽ لٺون کڻي آيل ٻٻر برادري جي ماڻهن کان اڄ پرٿوي اوڏ ٺهڻ وقت پڇيو ئي ڪونه انهن جي ڪهڙي عزت رهي هاڻ ايس ايس پي ۽ ايس ايڇ او سٽي کي فورن ٻٻر برادري جي هٿياربندن کي ٿاڻي تي گهرائي هيٿارن جا لائسنس چيڪ ڪري ڇا اهو هيٿار قانوني هئا يا غيرقانوني پرامن شهر ۾ هيٿار کڻي جهيڙو ڪري افراتفري پکريندڙ کي سزا ملڻ گهرجي جئين ٻيهر فونن تي ھٿيار کڻي نه اچن خونریزي نه ٿئي ۽ اهڙو واقعو پيش نه اچي.

05/01/2025

عمرڪوٽ جون سياسي سماجي اڳواڻ، قومپرست اڳواڻ، سول سوسائٽي، خاموش ڇو؟ عمرڪوٽ جي 14008 ايڪڙ زمين بچايو ماروئڙن جا اجا بچايو ساٿ نڀايو

پاڻ کي لکيل پڙهيل سڏائيندڙ داداگيرن جي اکين ڏٺل حرڪتاڄ شام جو ماروي گرائونڊ عمرڪوٽ ۾ ڪرڪيٽ مئچ هلي رهيو اتي ڪجهه ڪنڀار ۽...
04/01/2025

پاڻ کي لکيل پڙهيل سڏائيندڙ داداگيرن جي اکين ڏٺل حرڪت

اڄ شام جو ماروي گرائونڊ عمرڪوٽ ۾ ڪرڪيٽ مئچ هلي رهيو اتي ڪجهه ڪنڀار ۽ اوڏ نوجوان ويٺل هئا جن جو پاڻ ۾ معمولي ڳالهه تان تڪرار ٿيو هڪٻئي کي گارگند ڪئي وئي جيڪو تڪرار اتي ئي ختم ٿي ويو ٿوري دير کانپوءۡ پاڻ کي لکيل پڙهيل ۽ سياسي پيٽل سڏائيندڙ پرٿوي اوڏ ۽ استادن جي تنظيم گسٽا تعلقه عمرڪوٽ جو صدر استاد رام سنگهه اوڏ سرون ۽ لٺون کڻي اچي ڪڙڪي پيا ڪنڀار نوجوانن کي لٺون هنيون ۽ پوءۡ ٻٻر برادري جا هيٿاربند ماڻهو گهرائي گهيرو ڪري گاريون ڏيڻ لڳا ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي جو پاڻ کي لکيل پڙهيل سڏائيندڙ معمولي ڳالهه تي دهشتگردي ڪري ماحول خراب ڪن ٿا معاملي جي فورن بعد ڪنڀار برادري جا ڪجهه فرد به اتي پهتا جن پنهنجي نوجوانن کي جيهڙو ڪرڻ کان روڪي پاڻ سان گڏ وٺي ويا هڪ پاسي ڪنڀار اثر اسوخ ۽ سياسي اپروچ هئڻ جي باوجود پنهنجي نوجوانن کي جهيڙو ڪرڻ کان روڪي ويا، آئون اڳئي چوندو آهيان ته ضلعي عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ۾ شريف برادرين ۾ شريف برادري ڪنڀر برادري آهي اڄ ثابت ڪيو ته واقعي شريف برادري آهي، ٻي پاسي پاڻ کي لکيل پڙهيل سڏائيندڙ پرٿوي اوڏ ۽ ان جو ڀاءۡ استاد رام سنگهه اوڏ معمولي ڳالهه تي لٺون ۽ سرون کڻي هيٿاربند گهرائي جيهڙو وڌائڻ لاءۡ ڪوششون ڪرڻ لڳا ان مان خبر پوي ٿي ته ڪنهن جي خانداني پروش ڪيئن ٿيل آهي.

عمرڪوٽ :اوڏ ۽ ڪنڀر برادري جو جھيڙو ڪنڀر برادري جا چار زخمي اوڏ برادري جا ٻه زخمي اوڏ برادري ٻٻر برادري جا ھٿياربند ويھار...
04/01/2025

عمرڪوٽ :اوڏ ۽ ڪنڀر برادري جو جھيڙو ڪنڀر برادري جا چار زخمي اوڏ برادري جا ٻه زخمي اوڏ برادري ٻٻر برادري جا ھٿياربند ويھاري ڇڏيا.

ٽپي دينور جا ماڻهون سجاڳ ٿيو نه ته توهان بي گھر ٿيڻ تي تيار ٿيوعمرڪوٽ جي 14008 ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏيڻ جون تي...
04/01/2025

ٽپي دينور جا ماڻهون سجاڳ ٿيو نه ته توهان بي گھر ٿيڻ تي تيار ٿيو

عمرڪوٽ جي 14008 ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏيڻ جون تياريون. دينور تپي جي ٽي ڏيھ ھوڙينگو، ڇور ٿر، ۽ ٻانھيار جي 90 سيڪڙو زمين سرڪاري آھي آبادين کي ضرورت پوڻ تي لڏائي سگھجي ٿو،
ڊپٽي ڪمشنر نويد لاڙڪ عمرڪوٽ

03/01/2025

سنڌ حڪومت لاءِ خوشخبري
چين ۾ ڪرونا وائرس جي پنجن سالن کانپوء ھيومن ميٽا پنيو وائرس شروع اسپتالون ڀرجي ويون موت به ٿيا

سنڌ کي پنهنجن کان بچايو ڌارين به اهڙي نيلامي نه ڪئي.... ڪمپني سرڪار عمرڪوٽ ضلعي مان چوڏهن هزار اٺ ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فار...
03/01/2025

سنڌ کي پنهنجن کان بچايو ڌارين به اهڙي نيلامي نه ڪئي....
ڪمپني سرڪار عمرڪوٽ ضلعي مان چوڏهن هزار اٺ ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ گرين ڪارپوريٽ حوالي ڪئي پر ڪنهن ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي....
هي عجيب ڀوتار سرڪار آهي جيڪا سنڌ به ٽڪر ٽڪر ڪري کپائيندي رهي ٿي مٿان وري ٽڪ ٽوڪ تي وڊيو به ٺاهي ٿي ته سنڌو وهندو رهندو...
توهان جا اهڙا افعال هوندا ته نه سنڌ رهندي نه سنڌو وهندو رهندو بس تماشائي ماڻهون جهمريون هڻندا رهندا..

17/12/2024

عمرڪوٽ ضلعي جا چونڊيل نمائندا نااھل پر ڊي سي عمرڪوٽ به نااھل نڪتو نااھلي جي ڪري ڳوٺاڻن جو وڏو نقصان ٿيو
عمرڪوٽ تعلقي سان لڳندڙ ٿر جي مختلف ڳوٺن ۾ اوچتو لڳل باه تي ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪنٽرول ڪيو ويو آهي عمرڪوٽ تعلقي سان لڳندڙ ٿر جي مختلف ڳوٺن, نپلو, سومون سمان, رانڪدهر ۽ کوکراپار وارن علائقن ۾ اوچتو لڳل باه کي ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت 10 ڪلاڪن کانپوءُ واري سان ڪنٽرول ڪري ورتو
اسسٽنٽ ڪمشنر سان گڏ ويل فائربرگيڊ گاڏيون متاثر ڳوٺن تائين نه پهچي سگهيون گاڏيون فوريل نه هئڻ ڪري وچ رستي ۾ بيهي رهيون
ضلعي ۾ فوريل فائربرگيڊ گاڏي نه هئڻ ڪري گوٺاڻن جو گهڻو نقصان ٿيو,

17/12/2024

عمرڪوٽ عمرڪوٽ تعلقي سان لڳندڙ ٿر جي مختلف ڳوٺن کي اوچتو باه وڪوڙي وئي ڪيترائي ڪکاون گهر راک ۾ تبديل باه تيزي سان وڌڻ لڳي عمرڪوٽ تعلقي سان لڳندڙ ٿر جي مختلف ڳوٺن, نپلو, سومون سمان, رانڪدهر ۽ کوکراپار وارن علائقن ۾ اوچتو باه مختلف جڳاهن تان وڪوڙي وئي. بروقت باه تي ڪنٽرول نه ٿيڻ سبب باه 8 ڪلو ميٽرن تائين جي ايراضي ۾ ڦلجهي وئي پاڻي نه هئڻ ڪري ڳوٺاڻن کي باه وسائڻ ۾ مشڪلاتون
باه جو اطلاع ملڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب سيٺو فائربرگيڊ عملي سان گڏ متاثر ڳوٺن ڏانهن روانو
باه بارڊر سان لڳندڙ ڳوٺن ۾ اوچتو ٽن جڳاهن کان شروع ٿي جيڪو مختلف ڳوٺن ۾ ڦلجهي وئي پاڻي ۽ باه کي وسائڻ جا ذريعا نه هئڻ ڪري باه تيزي وڌي رهي آۡهي ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت باه کي وسائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن, متاثر ڳوٺ جو رهواسي

عمرڪوٽ ويجهو ڳوٺ هيرآباد ڀرسان نوجوان ناري جو مبينا طور وڻ ۾ ٽينگل لاش ھٿعمرڪوٽ ڳوٺ هيرآباد ڀرسان نوجوان ناري جو وڻ مان ...
16/12/2024

عمرڪوٽ ويجهو ڳوٺ هيرآباد ڀرسان نوجوان ناري جو مبينا طور وڻ ۾ ٽينگل لاش ھٿ

عمرڪوٽ ڳوٺ هيرآباد ڀرسان نوجوان ناري جو وڻ مان مبينا طور ٽينگل لاش ھٿ آيو ناري جي سڃاڻپ ڀڳواني ڌي سڄڻ ڀيل طور ٿي

عمرڪوٽ اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پھچي ناري جو لاش وڻ مان لاهي پوسٽ مارٽم لاء سول اسپتال پھچايو

عمرڪوٽ ناري جو لاش وڻ ۾ هٿ سان ٽينگل آهي خدشو آهي ناري کي ڪنهن ماري لاش وڻ ۾ لٽڪايو آهي, پاڙيسرين ۾ چوٻول

عمرڪوٽ ڳوٺ هيرآباد ڀرسان نوجوان ناري جو وڻ مان مبينا طور ٽينگل لاش ھٿ آيو آهي ناري جي سڃاڻپ ڳوٺ مرزو ڪلوئي جي رهواسڻ ڀڳواني ڌي سڄڻ ڀيل طور ٿي آهي لاش سول اسپتال منتقل ڪري معاملي جي جاچ ڪيون پيا, پوليس

15/12/2024

عمرڪوٽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ تي سنڌو درياءۡ بچايو بيداري مارچ جي عنوان سان کاهوڙي ڪردار ماما جمن دربدر جي آخري آرمگاه روحل واءۡ کان پريس ڪلب عمرڪوٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.....

نظر سميجو آواز ٽي وي نيوز عمرڪوٽ

03/12/2024

الله پاڪ اڄ 21 سال کانپوءۡ مونکي پھرين اولاد پٽ جي نعمت سان نوازيو آهي ننڍڙو تندرست ۽ صحمتمند آهي الله پاڪ ٻچڙي جو نصيب سٺو ڪري.

01/12/2024

عمرڪوٽ پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي عمرڪوٽ طرفان پاڪستان پيپلزپارٽي جي 57 هين يوم تاسيس جي موقعي تي برهان ڪنڀار هائوس تي جلسو رٿيو ويو چئيرمين پ پ پ بلاول ڀٽو زرداري جي لائيو خطاب لاءۡ وڏو اسڪرين لڳايو ويو وڏي انگ ۾ جيالن جي شرڪت

عمرڪوٽ يوم تاسيس جي جلسي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي صدر ڊاڪٽر نور علي شاه ۽ ضلع چئيرمين حاجي محمد بقا پلي, ضلعي جنرل سڪريٽري صوفي نواز, وائيس چئيرمين ضلع ڪائونسل ميان خالد ولهاري, انفارميشن سڪريٽري برهان ڪنڀار, ٽائون چئيرمين خالد سراج سومرو. دليپ مولچنداڻي ،نورجهان گيلھڙو سميت پيپلزپارٽي ضلعي عمرڪوٽ جي عهديدارن ضلع ڪائونسل جي ميمبرن ۽ يوسي چئيرمينن ۽ عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت

عمرڪوٽ اڄ پوري ملڪ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي 57هين يوم تاسيس جي موقعي ته شاندار ميڙاڪا ڪوٺائي لکين جي تعداد ۾ عوام پاڪستان پيپلزپارٽي سان محبت جو ثبوت ڏنو آهي

عمرڪوٽ پاڪستان پيپلزپارٽي عوامي ۽ جهموري پارٽي آهي جنهن جون پهاڙون عوام ۾ کتل آهن ڪابه طاقت يا لالچ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ورڪر کي پارٽي کان ڌار نٿي ڪري سگهي,

عمرڪوٽ اڄ کان 57 سال اڳ قائد عوام شهيد ذولفقار علي ڀٽو پاڪستان پيپلزپارٽي جو وجود آندو شهيدن پنهنجي جانين نظرانا ڏئي پارٽي کي زنده رکيو اڄ به پاڪستان پيپلزپارٽي عوام جي دلين ۾ آهي ۽ هميشه رهندي

عمرڪوٽ پاڪستان پيپلزپارٽي هڪ درياءۡ آهي جيڪو هميشه وهندو رهندو ڪنهن جي اچڻ وڃڻ ڪوبه فرق نه پوندو

عمرڪوٽ شهيد ذولفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي محترمه بينظر ڀٽو جي نظريي ۽ مشن کي پ پ پ چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪو چئيرمين آصف علي زرداري اڳتي وڌائي رهيا آهن مُلڪ کي بحران آصف علي زرداري ڪڍيو, اڳواڻن جو 57هين يوم تاسيس جي جلسي کي خطاب

نظر سميجو آواز ٽي وي نيوز عمرڪوٽ 03453778887

29/11/2024

عمرڪوٽ وفاقي حڪومت پاران سنڌو دريا مان غيرقانوني 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي مرڪز جي سڏ تي ايس ٽي پي عمرڪوٽ ضلعي طرفان جناح پارڪ کان پريس ڪلب عمرڪوٽ تائين سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن ڊاڪٽر سومار منگريو, حيدر ملاح ضلعي صدر ذوالفقار دلواڻي, آزاد ڀٽي, نور علي دلواڻي, ڪامريڊ ميھار بنگلاڻي, ۽ ٻين شرڪت ڪئي ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙ سنڌوء تي ڌاڙو نامنظور جا زوردار نعرا هنيا ويا ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته وفاقي حڪومت پاران سنڌو دريا مان 6 غيرقانوني ڪئنال ڪڍڻ ۽ سنڌو دريا تي لڳندڙ ڌاڙي کي ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو هنن چيو ته وفاق سدائين سنڌ سان ڏاڍ ڪري سنڌ جو پاڻي چوري ڪندو رهيو آھي هن ڀيري وفاق پاران سنڌو دريا مان 6 ڪئنال ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي جيڪو سنڌ جي ماڻھن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي وفاق جيڪڏهن ملڪ بچائڻ چاهي ٿو ته سنڌو دريا تي ڪئنال ٺاهڻ وارو فيصلو واپس وٺي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو هنن وڌيڪ چيو ته پ پ سدائين وفاق سان سنڌ دشمن منصوبن ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهي آھي انهن کي سنڌ سان همدردي هجي ها ته اهي وفاق جي حڪم کي ٿڏي ڇڏين ها هنن چتاء ڏنو ته سنڌو درياءۡ تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو 8 ڊسمبر تي سموري سنڌ جا ڪارڪن مرڪزي قيادت جي سڏ تي ڪراچي گورنر ھائوس تي گڏ ٿي تاريخي حتجاج رڪارڊ ڪرائيندا.

Address

Near Eye Hospital
Umarkot
69100

Telephone

03453778887

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Nazar Samejo Professional posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Nazar Samejo Professional:

Share