Voice of Umerkot

Voice of Umerkot ضلع عمرڪوٽ جو واحد پيج جتي توھان کي سٺيون اسٽوريز, ڊاڪيومينٽريز ۽ خبرون ملنديون.

31/01/2024
22/01/2024

بحریہ فاؤنڈیشن کالج عمرکوٹ کی جانب سے سائنسی ماڈلز کی نمائش میں مختلف اسکولوں اور کالجوں کے طلبہ، والدین اور مہمانوں کی شرکت بنائے ہوئے سائنسی ماڈلز پر طلبہ کو داد دی گئی۔

بحریہ فاؤنڈیشن کالج عمرکوٹ کے طلباء نے ورکنگ سائنسی ماڈلز تیار کیے اور مہمانوں سے داد وصول کی جنہوں نے ماڈلز کو بے حد پسند کیا۔ تفصیلات کے مطابق عمرکوٹ کی تاریخ میں پہلی بار بحریہ فاؤنڈیشن کالج عمرکوٹ میں ایک روزہ سائنسی ورکنگ ماڈلز کی نمائش کی گئی۔جس میں طلباء کے والدین اور مہمانوں نے بڑی تعداد شرکت کی۔ سائنسی ورکنگ ماڈلز کی نمائش میں طلبہ نے بہترین اقسام کے ماڈلز بنائے جیسے واٹر پریفیکشن، نیوکلیئر پاور، سولر سسٹم، لیزر لائٹ، ہائڈرولک کرین, اینئرجی پروڈیوسر, ایئر پیوریفائر، ہارٹ ورکنگ، واٹر سائیکل، ونڈ پاور جنریٹر، واٹر ہیٹنگ روڈ، ایئر پریشر، ایئر کولر، میگنیٹک پاور جنریشن، ڈے نائٹ اسٹریٹ لائٹ، روم ہیٹر اور دیگر پروجیکٹس بنائے منعقد سائنسی نمائش میں دی برائٹ فیوچر گرلز سکول، دی گلیکسی پبلک سکول، دی نیشنز سکول، گورنمنٹ بوائز گرلز ڈگری کالج و دیگر طلبہ و اساتذہ نے شرکت کی، سائنسی نمائش میں آئے ہوئے والدین اور مہمانوں نے اپنی رائے دیتے ہوئے کہا کہ عمرکوٹ کی تاریخ میں پہلی بار بحریہ فاؤنڈیشن کالج عمرکوٹ کی جانب سے سائنسی نمائش کا انعقاد کیا گیا ہے جو کہ ایک قابل تعریف عمل ہے۔ان کا کہنا تھا کہ ہم نے کراچی اور حیدرآباد سمیت دیگر شہروں میں اسکولوں اور کالجوں کی جانب سے ایسے سائنسی نمائشی پروگرام دیکھے ہیں لیکن عمرکوٹ میں بحریہ فاؤنڈیشن کالج عمرکوٹ کی جانب سے آج سائنسی نمائش کا انعقاد کیا گیا جس میں طلبہ کی محنت کو دیکھ کر ہم بہت خوش ہوئے ہیں۔ انہوں نے بہت خوبصورت چیزیں بنائی اور پیش کیں ہیں بچوں نے جس طرح سے بنائے گئے ماڈلز کے بارے میں معلومات فراہم کی وہ ایسا تھا جیسے ماہر سائنسدان ہمیں معلومات دے رہے ہوں۔اس نمائش میں پیش کی گئی مصنوعات پر کافی محنت کی گئی ہے۔ہمیں امید ہے کہ بچے ان سے بہت کچھ سیکھیں گے اور اسی طرح کی مصنوعات بنا کر کامیابی حاصل کریں گے۔ ڈیزرٹ کیئر چیلنج این جی او کے سی ای او شکیل اختر نے کہا کہ میں بہت خوش ہوں میں کراچی کے بعد بحریہ فاؤنڈیشن کالج عمرکوٹ میں منعقد ہونے والے اس پہلے سائنسی نمائشی پروگرام کا دورہ کر رہا ہوں۔ عمرکوٹ کے دیگر سکولوں اور کالجوں کے انتظامیہ اساتذہ اس طرف توجہ دیں کہ عمرکوٹ کا بحریہ فاؤنڈیشن کالج کتنی اچھی کارکردگی کا مظاہرہ کر رہا ہے۔ انہیں اس طرح کے سائنسی نمائشی منصوبے بھی منعقد کرنے چاہئیں تاکہ بچوں میں اس طرح کا شعور پیدا ہو، وہ عملی کام بھی کریں تاکہ طلباء کے علم میں اضافہ ہو۔ آخر میں بحریہ فاؤنڈیشن کالج عمرکوٹ کی انتظامیہ نے کہا کہ ہمارا مقصد بچوں کی تعلیم کو زیادہ سے زیادہ ترجیح دینا ہے، اور انکی بہرپور حوصلا افضائی کی جائی تا کہ وہ اپنا مسقبل روشن کر پائیں

وائيس آف عمرڪوٽ جي ھيڊ عبدالڪريم تبسم منگريو کي جنم ڏينھن جون مبارڪون 🙏💞💕🎂🎂🎂💞Happy Birthday - Mr Abdul Karim Tabassum Ma...
28/12/2023

وائيس آف عمرڪوٽ جي ھيڊ عبدالڪريم تبسم منگريو کي جنم ڏينھن جون مبارڪون 🙏💞💕🎂🎂🎂💞
Happy Birthday - Mr Abdul Karim Tabassum Mangrio. Regards Team Voice of umerkot.

20/11/2023

شيرونگر اسڪول جا استاد ۽ شاگرد گڏجي ٻارن جو عالمي ڏينھن ملھائي رھيا آھن.
Happy Children's Day

06/11/2023

اوھان جي پنھنجي شھر عمرڪوٽ ۾ لذيز پراٺي جو مرڪز "ماما رول پراٺا" جتي اوھان کي معياري ۽ بارعايت چڪن رول, ويجيٽيبل رول ۽ آلو پراٺا ملندا.
اچو وزٽ ڪيو ۽ لذيز پراٺن جو ذائقو وٺو.
ايڊريس سامھون نيشنل بئنڪ عمرڪوٽ

04/11/2023

عمرڪوٽ جو بھترين ۽ ناميارو نوجوان فزيوٿراپسٽ ڊاڪٽر ٽيڪا نند عمرڪوٽ شھر جي مشھور سينٽر العباس ميڊيڪل سينٽر ۾ فيزيوٿراپي جي سھولت ڏئي رھيو آھي.

24/10/2023

العباس ميڊيڪل سينٽر عمرڪوٽ کي ھڪ سال مڪمل ٿيڻ تي تقريب ڪوٺائي وئي جنھن ۾ ڪيڪ ڪاٽيو ويو, تقريب ۾ شھر جي معزز سماجي شخصيتن ڊاڪٽرن وڏي انڱ ۾ شرڪت ڪئي.
العباس ميڊيڪل سينٽر پاران اسٽاف کي بھترين ڪارگردگي تي سرٽيفيڪيٽ ۽ گفٽ ڏنا ويا.

23/10/2023

العباس ميڊيڪل سينٽر ھڪ سال پورو ڪيو.
سينئر ڊاڪٽر الھداد راٺوڙ پاران عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر جي عوام لا۽ ھڪ بھترين صحت جو مرڪز قائم ڪيو آھي جتي عوام کي صحت جو صحولتون فراھم ڪيون وڃن ٿيون
جس لھو سائين ڊاڪٽر الھداد راٺوڙ صاحب ۽ ٽيم🙏🙏

22/10/2023

عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر جي مريضن جي سھائتا لاء العباس ميڊيڪل سينٽر طرفان مفت ميگا ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪئي ويئي، ھزارين مختلف بيمارين جي مريضن جي چڪاس ڪئي ويئي. خبر موجب عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ضلعن جي مختلف علائقن جي غريب مسڪين مريضن جي سھائتا ۽ العباس ميڊيڪل سينٽر جي سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ العباس ميڊيڪل سينٽر جي انتظاميه طرفان ھڪ ڏينھن جي مفت ميگا ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي ويئي جنھن ۾ ضلعي ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ سان لاڳاپيل ڪيترن ئي ڏورانھن علائقن مان آيل مريضن کي ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص سميت ٻين شھرن کان آيل مشھور پروفيسر ڊاڪٽر محمد اڪبر ميمڻ، ڊاڪٽر نريندر ڪمار لوھيا، ڊاڪٽر سنتوش ڪمار، پروفيسر ڊاڪٽر نندلال ڪيلا، ليڊي ڊاڪٽر چندرامدھوداس، ليڊي ڊاڪٽر فريعه، ليڊي ڊاڪٽر ياسمين حسيب، ڊاڪٽر صنوبر پروين, پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغني سومرو، ڊاڪٽر امجد ڀرٽ, ڊاڪٽر مھہ جبين خان سرجن ڊاڪٽر محمد پانڌي ٻٽو، ڊاڪٽر ارشاد احمد ڀٽو، ڊاڪٽر مھيش ڪمار، ڊاڪٽر روچيرام ڀاٽيه، ڊاڪٽر تيمور احمد جتوئي، ڊاڪٽر خان محمد خاصخيلي، ڊاڪٽر ليکراج مھيشوري، ڊاڪٽر الھداد راٺوڙ، ڊاڪٽر انور علي ڪوٽڙيو ۽ ٻين طرفان آيل مريضن کي چڪاس ڪئي جڏھن ته لڳايل مفت ميگا ميڊيڪل ڪئمپ جي سلسلي ۾ صحافين سان ڳالھائيندي العباس ميڊيڪل سينٽر جي انچارج ڊاڪٽر الھداد راٺوڙ چيو ته اسان اھا فري ميڊيڪل ڪئمپ عمرڪوٽ ۽ ٿرپاڪر سميت ڀرپاسي جي ڪنڊ ڪڙڇ جي غريب مريضن کي رليف ڏيڻ لاء لڳائي آھي ته جيئن اھي غريب مريض جيڪي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين وڏن شھرن جي ماھر ڊاڪٽرن وٽ ڀاڙا خرچ ڀري پڄڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي اھا ھنن کي گھر ويٺي سھولت ملي سگھي ۽ غريب ماڻھن جي مدد وارو سلسلو اڳتي به جاري رھندو جڏھن ته العباس ميڊيڪل سينٽر جي سال مڪمل ٿيڻ تي ڪيڪ ڪاٽي تقريب پڻ منعقد ڪئي ويئي جنھن ۾ العباس ميڊيڪل سينٽر جي اسٽاف ۽ ملازمن کي ايوارڊ پڻ ڏنا ويا

22/10/2023

عمرڪوٽ: راحت پبلڪ اسڪول وھرو شريف عمرڪوٽ مھيا ڪري رھيو آھي معياري تعليم.
اچو ت ڏسون ٿا اسڪول بابت.

08/10/2023

دي نيشنس اسڪول ۽ عمرڪوٽ سائنس سوسائيٽي پاران عالمي خلائي ھفتو ملھايو ويو.
جنهن ۾ تعليمي اڳواڻن ۽ مختلف اسڪولن جي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
اسڪول جي شاگردن اسپيس بابت مختلف ماڊلز ٺاھي نمائش ۾ پيش ڪيا.

15/09/2023

"Exciting news!
Sip Up Soda now introducing Fast Food range in Umerkot Up The Soda UKT Near Allahwala Chowk Infront Of National Bank Umerkot.

Fast Food Now has arrived in Umarkot!

13/09/2023

خوشخبري خوشخبريءَ توھان جي پنھنجي شھر عمرڪوٽ ۾ ھڪ معياري ۽ اعلي تعليم جو مرڪز دي نيشنس پبلڪ اسڪول عمرڪوٽ
جتي اوھان جي ٻارن کي اعلي ۽ معياري تعليم سان گڏ نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين سان گڏ صحت افزان ماحول ڏنو وڃي ٿو،

اسڪول جو آغاز صبح جو تلاوت ڪلام پاڪ ۽ قومي تراني سان ڪيو ويندو آھي،
ٻارڙا قطارن ۾ اسيمبليءَ ۾ بيھ پنھنجا ھٿڙا کڻي دعا گھرندا آھن ۽ بلند آواز سان لب پي آتي ھي دعا پڙھندا آھن ۽ پنھنجي قومي پرچم کي سلامي پيش ڪندا آھن،

پوءِ ماھر استادن جي نگراني ۾ باقائدي ٻارن کي معياري تعليم ڏيڻ لاءِ ڪلاسز ھلايون وينديون آھن،

دي نيشنس اسڪول ۾ نصابي سبجيڪٽن جون ڪلاسون ورتيون وينديون آھن سمورن سبجيڪٽن تي خاص توجه ڏئي ٻارن کي پڙھايو ويندو آھي، ٻارن کي غير نصابي سرگرمين ۾ شرڪت ڪرائي ويندي آھي،

ٻارن کي آرث ڪلرنگ جھڙيون ايڪٽيوٽيز ۽ اسٽيج پريزينٽيشن ڪرائي ويندي آھي جنھن ۾ بورڊ تي شاگرد پريزينٽيشن ڏيندا آھن،

دي نيشنس اسڪول ۾ شاگردن کي ھڪ بهترين ماحول فراھم ڪيو ويندو آھي، ٻار ھڪ ٻوٽي وانگر ھوندو آھي جنھن کي والدين کانپوءِ ھڪ استاد معياري تعليم ڏئي تاريڪيءَ مان روشنيءَ جو سفر ڪرائيندا آھن،

دي نيشنس پبلڪ اسڪول ۾ شاگردن جي بھترين ڪارڪردگي تي انھن کي ايوارڊ ڏنا ويندا آھن تاڪه ٻار پنھنجي مستقبل جي رھنمائي پاڻ ڪري سگھن،

ايڊريس دي نيشنس پبلڪ اسڪول عمرڪوٽ نزد پراڻي سيشن ڪورٽ شيخ محله عمرڪوٽ

وڌيڪ معلومات لاءِ توھان رابطو ڪندا
03467516080
03406484487

Today marks the Birth Anniversary of Abdul Karim Pali, a distinguished poet and eminent social reformer. He was born on ...
21/08/2023

Today marks the Birth Anniversary of Abdul Karim Pali, a distinguished poet and eminent social reformer. He was born on the 21st of August, 1940, in the village of Atta Muhammad Pali, situated in the Taluka of Umer Kot. His literary journey commenced in 1958 when he penned his initial poems. His creations, encompassing Kalams, Kafis, and Ghazals, have gained widespread admiration throughout the region of Sindh. Renowned vocalists including Ustad Manzoor Ali Khan, Abida Perveen, Senghar Ali Saleem, Dhol Faqir, and others have lent their voices to his verses. Two volumes of his poetic collections, namely "چنڊ جھڙا پرين" and "ڪيا سانگ سانوڻ," have been published, along with his book dedicated to Sindhi Kafies titled "وڻجارن وايون."
He was a landlord in the Umerkot District and served as the Chairman of the Union Council of Atta Muhammad Pali in 1967. Additionally, he was elected as a member of the Sindh Assembly in both 1970 and 1976. His life's journey came to an end on the 4th of November, 1991.

1st Anniversary Of Voice Of Umerkot عمرڪوٽ جو آواز ( Voice of Umerkot ) پليٽ فارم کي ھڪ سال پورو ٿيوـوائيس آف عمرڪوٽ ھڪ ...
21/08/2023

1st Anniversary Of Voice Of Umerkot
عمرڪوٽ جو آواز ( Voice of Umerkot ) پليٽ فارم کي ھڪ سال پورو ٿيوـ
وائيس آف عمرڪوٽ ھڪ سال ۾ تمام سٺا پروگرام, ميلا ۽ آگاھي سمينار ڪرايا ۽ سٺين اسٽورين کي بہ ھالائيٽ ڪيوـ
اسين سڀني پيارن جا ٿورائتا آھيان جن جو ساٿ رھيوـ
Thank You All For Your Support! 🙏🙏

Thank You Team Member Karim Tabassum Mangrio Sajjad Ali Shaikh, Manzoor Kunbhar Afzal Ali Kunbher, Reejhu Mal Bachwani Bheel, Ramesh Kumar Moryani Bheel & Others 💕🙏💞😍

العباس میڈیکل سینٹر کے مالک سینئر ڈاکٹر الہداد راٹہوڑ اور انکی ٹیم کی جانب سے یوم آزادی کے پرمسرت موقعے پر العباس میڈیکل...
14/08/2023

العباس میڈیکل سینٹر کے مالک سینئر ڈاکٹر الہداد راٹہوڑ اور انکی ٹیم کی جانب سے یوم آزادی کے پرمسرت موقعے پر العباس میڈیکل سینٹر عمرکوٹ میں کیک کاٹا گیا۔

14/08/2023

اہلیان پاکستان اور پاکستانیوں سمیت دیگر ممالک میں رہنے والے محب وطن پاکستانیوں پاک فوج پاک رینجرز و سندھ خواہ پاکستان کے چاروں صوبوں کی پولیس و دیگر محب وطن پاکستانی افسران کو ۱۴ اگست یوم آزادی کے موقع پر العباس میڈیکل سینٹر, ان کے مالک سینئر ڈاکٹر الہداد راٹہوڑ اور انکی ٹیم کی جانب سے مبارکباد پیش کی جاتی ہے پاکستان کی آزادی کے لئے ہزاروں جانیں قربان کرکے ان شہیدوں نے اس ملک کو آزاد کروایا ہم ان شہیدوں کو اور ان کے ورثہ کو سرخ سلام پیش کرتے ہیں

منجانب: العباس میڈیکل سینٹر عمرکوٹ۔

14 آگسٽ يوم آزادي جي پرمسرت موقعي تي وائيس آف عمرڪوٽ (Voice of Umerkot) طرفان پاڪستان جي عوام, ٻين ملڪن ۾ رهندڙ محب وطن ...
13/08/2023

14 آگسٽ يوم آزادي جي پرمسرت موقعي تي وائيس آف عمرڪوٽ (Voice of Umerkot) طرفان پاڪستان جي عوام, ٻين ملڪن ۾ رهندڙ محب وطن پاڪستانين، پاڪ فوج، پاڪ رينجرز، سنڌ پوليس ۽ پاڪستان جي چئني صوبن جي محب وطن پاڪستاني آفيسرن کي مبارڪباد پيش ڪجي ٿي ۽ پاڪستان جي آزادي لاءِ هزارين جانين جو نذرانو ڏئي جن شهيدن هن ملڪ کي آزاد ڪرايو اسان انهن شهيدن ۽ انهن جي وارثن کي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا.
پاڪستان زنده باد, پاڪ فوج زندہ باد 🇵🇰🇵🇰🇵🇰🇵🇰

پاران: عمرڪوٽ جو آواز فورم - Voice of Umerkot Forum عبدالڪريم تبسم منگريو صدر وائيس آف عمرڪوٽ ۽ صحافي سجاد علي شيخ.

30/07/2023

ریپڈ ٹیسٹنگ سروس کی جانب سے لی جانے والی ایم ڈی کیٹ ٹیسٹ پاس کرنے والے طلباء میں ایوارڈ اور کتابیں تقسیم۔

ریپڈ ٹیسٹنگ سروس کی جانب سے 16 جولائی کو تھر انسٹیٹیوٹ آف نرسنگ عمرکوٹ میں طلباء سے ایم ڈی کیٹ کی ٹیسٹ لی گئی جس میں سینکڑوں طلباء نے شرکت کی اور ٹیسٹ دی۔

سماجی رہنماؤں اور شہریوں نے اس ٹیسٹ کو سراہا یہ عمرکوٹ کی تاریخ میں پہلی مرتبہ ریپڈ ٹیسٹنگ سروس عمرکوٹ کی جانب سے یہ ٹیسٹ لی گئی ۔

ریپڈ ٹیسٹنگ سروس کی جانب سے لی جانے والی ایم ڈی کیٹ ٹیسٹ میں ٹیسٹ پاس کرنے والے امیدواروں میں انعام کے طور پر شیلڈ تقسیم کی گئیں ۔

ریپڈ ٹیسٹنگ سروس کے سی ای او گووندا موہن لال نے وائیس آف عمرکوٹ سے بات چیت کرتے ہوئے کہا کہ عمرکوٹ میں پہلی مرتبہ ریپڈ ٹیسٹنگ سروس کی جانب سے ایم ڈی کیٹ کے طلباء سے ٹیسٹ لی گئی جس میں طلباء کے زہنی نشو نماء کے متعلق انہیں اور ہمیں پتہ چلا اس سے انہیں آنے والی ٹیسٹوں میں مزید آسانی ہوگی، انہوں نے مزید کہا کہ ہم نے یونیورسٹی لیول کی ٹیسٹ لی ہے اس سے طلباء کو آنے والی ٹیسٹوں میں آسانی ہوگی اور آگے انہیں کامیابی ملے گی ایسی ٹیسٹس طلباء میں علمی شعور اجاگر کرتی ہیں جس سے طلباء کی معلومات میں نالج میں اضافہ ہوتا ہے, ہماری دعا ہے ہر ہمارے نوجوان ایسے ہی محنت کرکے آگے بڑھیں اور کامیابی ان کے قدم چومے۔

نوجوانن ۾ اتساهه پيدا ڪندڙ شخصيت - اياز حسين مشوري Mashori Ayaz عبدالڪريم تبسم منگريواياز حسين مشوري ھڪ بھترين شخصيت ۽ س...
24/07/2023

نوجوانن ۾ اتساهه پيدا ڪندڙ شخصيت - اياز حسين مشوري Mashori Ayaz

عبدالڪريم تبسم منگريو

اياز حسين مشوري ھڪ بھترين شخصيت ۽ سهڻي طبيعت جو مالڪ آھي جنھن ڪميشن پاس ڪري آفيسر ٿي انھي فيلڊ ۾ نوجوانن کي اڳتي وڌڻ لاءِ اتساهه پيدا ڪيو تہ ڪئين ڪميشن ذريعي نوجوان ڪامياب ٿي سگھن ٿا اياز حسين مشوري گذريل پندرھن سالن کان وڌيڪ عرصو ڪميشن جي تياري ڪرائڻ کي ڏنو آھي ھن ھميشه نوجوانن ۾ اتساهه پيدا ڪرڻ ۾ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي اھڙا آفيسر اسان جي شاگردن لاءِ اثاثو آهن. اياز حسين مشوري بطور اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو مقرر ٿيو ھو جيڪو 9 مھينا اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو رھيو جنھن جي اھو خواھش ھئي ته عمرڪوٽ ٿرپارڪر جي شھرن توڙي ڏتڙيل علائقن جا شاگرد سي ايس ايس, پي سي ايس ۽ ٻيا امتحان ڏئي اڳتي وڌن. چند ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا پليٽ فورم فيس بڪ تي ھڪ پوسٽ نظر مان گذري تہ اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو بدلي اھا پوسٽ ڏسي انتھائي ڏک ٿيو، جنھن بعد مون سامارو جي صحافي ايم ڪي واگھاڻي سان رابطو ڪيو رابطو ڪرڻ تي ايم ڪي واگھاڻي مونکي اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو اياز حسين مشوري جي بدلي جو نوٽفيڪشن واٽس اپ تي اماڻيو جيڪو پڙھي دل اداسي ٿي جنھن بعد مون اياز حسين مشوري سان رابطو ڪيو انھي بابت حال احوال ڪيوسين سائين جن پنھنجي بدلي جو ٻڌايو ته بدليون ٿينديون رھنديون آھن آئون توھان سان ھر موڙ تي گڏ آھيان عمرڪوٽ جي نوجوانن جي ھميشه چٽا ڀيٽي جي امتحانن لاءِ مدد ڪندا رهنداسين اوھين ياد ڪندا تہ اسين مدد لاءِ ھميشہ تيار آھيون، ھڪ ڏينھن مون سوشل ميڊيا پليٽ فارم فيس بڪ تي پوسٽ پڙھي تہ ڪنري ۾ ڇٽا ڀيٽي جي ٽيسٽ جي تياري ڪندڙ شاگردن لاءِ آگاھي ورڪشاپ جو اعلان ڪيو ويو اھو ڏسي مونکي ڏاڍي خوشي ٿي تہ عمرڪوٽ ضلع ۾ پھريون دفعو بھترين آفيسر اياز حسين مشوري ۽ جنيد عالم شاھ انھي سيمينار کي خطاب ڪندا. انھي بابت مون سائين اياز حسين مشوري سان ميسينجر تي رابطو ڪيو ۽ سائين کي انھي بابت ٻڌايو ته سائين عمرڪوٽ ۾ بہ اھڙو پروگرام ٿيڻ گھرجي ھتي ھزارين شاگرد تعليم حاصل ڪن ٿا جن کي سي ايس ايس ۽ پي سي ايس بابت ڄاڻ نٿي ملي ھتي اھڙو سيمينار ٿيڻ گھرجي. جنھن بعد سائين اياز مشوري چيو تہ بلڪل اسين توھان سان گڏ آھيون، جڏھن توھان پروگرام رکو اسين اينداسين تہ مون سائين جن کي چيو تہ توھان ٽائيم ڏيو تہ انھي بابت توھان سان تفصيلي ڪچهري ڪيون. سائين اياز مشوري چيو تہ سڀاڻي توھان ڪنري اچو سيمينار اٽينڊ ڪيو ۽ اتي سيمينار بعد ڪچھري ڪنداسين، آئون عمرڪوٽ کان ڪنري اياز حسين مشوري سان ملاقات لاءِ نڪتس ڪنري جي آئي ٽي سينٽر ۾ جڏھن آئون پھتس تہ سائين اياز مشوري جي ڪلاس ھلي پئي سائين شاگردن کي بھترين نموني سان پڙھائي رھيو ھو اھو ڏسي آئون سائين جو مداح ٿي ويس جنھن بعد آئون سائين اياز حسين مشوري سان گڏ اي سي آفيس ڪنري ويس اتي سائين اياز حسين مشوري ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر جنيد عالم صاحب سان سي ايس ايس ۽ پي زي ايس سيمينار بابت تفصيلي ڪچهري ٿي ۽ سي ايس ايس ۽ پي زي ايس سيمينار بابت سائين اياز حسين مشوري ۽ جنيد عالم صاحب جو انٽرويو ورتو ۽ اھي وڊيوز سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي شيئر ڪيون جنھن بعد مون سوشل ميڊيا تي سي ايس ايس سيمينار بابت آگاھي مھم شروع ڪئي ۽ شاگردن ۾ سي ايس ايس بابت اتساهه پيدا ٿيو.
سي ايس ايس سيمينار جون وڊيوز شيئر ڪرڻ کانپوءِ عمرڪوٽ جي سي ايس ايس جي خواھشمند شاگردن رابطو ڪيو انھي کانپوءِ اسان شاگردن کي سيمينار بابت تفصيلي ڏني ۽ فائينل تاريخ ۽ ايڊريس مقرر ڪئي, انھي کانپوءِ مون عمرڪوٽ ۾ صحافي ۽ سوشل ورڪر سجاد علي شيخ سان رابطو ڪيو ۽ انھي سيمينار بابت معلومات ڏني سجاد علي شيخ چيو تہ اھو تمام بھترين ساراھ جوڳو ڪم آھي جنھن بعد اسان سائين پروفيسر عبدالرؤوف سومرو سان رابطو ڪيو ۽ انھي سي ايس ايس بابت ٻڌايو سائين جن ڀرپور ساٿ ڏنو جنھن بعد اسان ان سيمينار منعقد ڪرائڻ جي بھترين لوڪيشن لاءِ سائين پروفيسر ممتاز سومرو سان رابطو ڪيو سائين ممتاز سومرو ٿر انسٽيٽوٽ آف نرسنگ ۾ سي ايس ايس بابت آگاھي سيمينار لاءِ اجازت ڏني جنھن بعد انجنيئر محمد مشتاق راٺوڙ سان انھي بابت سيمينار بابت ملاقات ٿي ۽ عمرڪوٽ جي سماجي شخصيت سيو ديو لائيو فائونڊيشن سان انھي بابت ڪچھري ٿي ٻنھي پروگرام منعقد ڪرائڻ ۾ ڀرپور سپورٽ ڪئي، جنھن بعد اتي ھڪ پروقار سيمينار منعقد ڪرايو ويو, سيمينار ۾ سوين شاگردن شرڪت ڪئي ۽ جنيد عالم صاحب سي ايس ايس جي امتحان ۾ ڪھڙا سبجيڪٽ آھن ڪن سبجيڪٽن جي تياري ڪجي، امتحان جي ڪيئن تياري ڪئي وڃي انھي باري ۾ شاگردن کي بھترين آگاھي ڏني، انھي بعد سينيئر استاد اياز حسين مشوري سي ايس ايس ۽ پي سي ايس بابت شاگردن کي معلومات ڏني ۽ شاگردن پاران ڪميشن جي امتحان بابت ڪيل سوالن جا آسان لفظن ۾ جواب ڏنا ۽ سي ايس ايس بابت اياز حسين مشوري خطاب ڪيو جنھن مان شاگرد اھي پوائنٽس نوٽ ڪيا ۽ انھن ۾ سي ايس ايس بابت اتساهه تمام گھڻو وڌي ويو, اياز مشوري انھي منعقدہ سيمينار ۾ چٽاڀيٽيءَ جي امتحان لاءِ پيراگون اڪيڊمي ۾ 40 سيڪڙو اسڪالرشپ ڏيڻ جو اعلان ڪيو, سيمينار ڪامياب ٿي گذريو جنھن ۾ عمرڪوٽ جي پروفيسرن صحافين سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي ۽ وڌ کان وڌ انھن ڄاڻ حاصل ڪئي تہ اياز مشوري جو اھو قدم عمرڪوٽ واسين کي تمام گھڻو پسند آيو جو عمرڪوٽ جي ھر ھڪ ماڻھون اياز مشوري جي انھي قدم کي ساراهيو تہ ڪئين ھڪ اسسٽنٽ ڪمشنر شاگردن ۾ سي ايس ايس بابت آگاھي مھم شروع ڪري ھڪ سيمينار منعقد ڪري انھن ۾ سي ايس ايس بابت اتساهه پيدا ڪيو. عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر جي شاگردن کي سي ايس ايس جي آگاھي مھم مان اھو فائدو ٿيو تہ چٽاڀيٽي جي امتحان لاءِ پيراگون اڪيڊمي ۾ اسڪالرشپ ۾ داخلا ورتي جيڪي ھن وقت حيدرآباد جي پيراگون اڪيڊمي ۾ چٽاڀيٽيءَ جي امتحان جي تياري ڪري رھيا آھن.

17/07/2023

عمرڪوٽ ۾ ريپڊ ٽيسٽنگ سروس پاران ايم ڊي ڪيٽ جي شاگردن کان فري ايپٽيٽيوٽ ٽيسٽ ورتي وئي، جنھن ۾ سوين شاگرد شرڪت ڪري ٽيسٽ ڏني،

ريپڊ ٽيسٽنگ سروس پاران ڪشادي ماحول ۾ بھترين پروقار ٽيسٽ ورتي وئي جنھن ۾ شاگردن کي تمام گھڻيون سهولتون ڏنيو ويون، جنھن عمل کي تمام گھڻو ساراھيو ويو،

ريپڊ ٽيسٽنگ سروس جي سي اي او گووندا موھن لال کي جس ڏيون ٿا جنھن فري ٽيسٽ ڪرائي شاگردن کي يونيورسٽيءَ کان پھرين سٺي ماحول ۾ ٽيسٽ مطابق ڄاڻ ڏني، جنھن مان شاگردن کي يونيورسٽيءَ جي ٽيسٽ بابر معلومات ملي، انھي سان گڏوگڏ شاگردن جي ڄاڻ ۾ زبردست اضافو ٿيو،

ريپڊ ٽيسٽنگ سروس پاران ڪرايل ٽيسٽ ۾ سماجي شخصيت سينيئر تعليمدان پروفيسر عبدالرؤوف سومرو سماجي شخصيت ڊاڪٽر عبدالعزيز ڪنڀر، سماجي شخصيت سردار ڀيو، وائيس آف عمرڪوٽ جي صدر عبدالڪريم تبسم منگريو ۽ ٻين ٽيسٽ جو جائزو ورتو ۽ انھي سٺي عملي کي ساراھيو،

اڳواڻن چيو تہ عمرڪوٽ ۾ اھڙيون ٽيسٽون ٿيڻ کپن جنھن سان نوجوانن جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي انھن کي تعليم بابت ڄاڻ ملي گووندا موھن لال پاران ڪرايل ٽيسٽ تمام بھترين عمل آھي،

ريپڊ ٽيسٽنگ سروس پاران ڪرايل ٽيسٽ ۾ شرڪت ڪندڙ شاگردن کان وائيس آف عمرڪوٽ سوال جواب ڪيا جنھن جا جواب ڏيندي شاگردن چيو تہ ريپڊ ٽيسٽنگ سروس پاران ڪرايل ٽيسٽ بھترين عمل آھي اسان کي زبردست سهولتون ڏنيون ويون آھن اھو تمام بھترين عمل آھي، اھڙيون ٽيسٽون عمرڪوٽ ۾ ٿين گھرجن اسانکي ڄاڻ ملڻ سان گڏوگڏ اسانکي ٽيسٽن جي باري ۾ ۽ يونيورسٽي جي پيٽرن جي معلومات پڻ ملي ٿي،

ريپڊ ٽيسٽنگ سروس پاران ڪرايل ٽيسٽ ۾ عمرڪوٽ جي بھترين فوٽوگرافر افضل ڪنڀر بھترين فوٽو گرافي ڪري پنھنجا فرائض سرانجام ڏنا.

Rapid Testing Service

Address

Umarkot

Telephone

+923403737891

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Voice of Umerkot posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Share


Other Media/News Companies in Umarkot

Show All