22/10/2023
اسلام جي وڪالت آهي ڪئي جمعيت.
هر موڙ تي حفاظت آهي ڪئي جمعيت.
اصحاب جي دفاع لئه سر سان ڪفن ٻڌو ڪنهن؟
حاصل اها سعادت آهي ڪئي جمعيت.
مسمار مسجديون ۽ ڊاهن ٿا اڄ مدرسا.
تن سان اٿي بغاوت آھي ڪئي جمعيت.
ظالم کي هر گهڙي جا منهن ٽوڙ حق ٻدائي.
مظلوم جي حمايت آهي ڪئي جمعيت.
ختم نبوت جو پڻ جنهن ڏنو آ پهرو.
چوڪيداري رسالت آهي ڪئي جمعيت.
امن و امان جگ مين ۽ وطن سان وفا ڀي.
قرآن جي اشاعت آهي ڪئي جمعيت.
مسجد اندر وضوع سان پڙهندي نماز يارو.
حاصل اها شهادت آهي ڪئي جمعيت.
پردو شرم حيا ۽ غيرت لئه جنگ جنهن جي.
نرمل سندي نيابت آهي ڪئي جمعيت.
عبدالفتاح سرڪي نبوي جهنڊي جي هيٺان.
وھ واھ جو قيادت ڪئي جمعيت.