اوڏيرولال لڳ سيکاٽ جي رهواسڻ مسمات گومتي باگڙياڻي پنهنجي پي سان گڏ سهري ۽ مڙس جي ظلمن خلاف احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته منهنجي مڙس راجا باگڙي ۽ لڇمڻ باگڙي ، مون تي سخت تشدد مارڪٽ ڪندا هئا جنهن جو مون پنهنجي پي سان ذڪر ڪيو ته هنن مڇر جي مون کي گهران ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ منهنجي ٻه تولاچاندي ، ٻه تولاسون ، مینهون ۽ پلاٽ تي زبردستي قبضو ڪري منهنجو سامان مڙس پاڻ وٽ رکي ڇڏيو آهي هن چيو ته منهنجو مڙس ۽ سهرو مون کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته اسان جي خلاف ڪابه واويلا ڪئي ته تنهنجو حشر خراب ٿيندو گومتي باگڙياڻي احتجاج ڪندي ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي مٽياري کان مطالبو ڪيو ته منهنجي مڙس ۽ سهري خلاف ڪاروائي ڪري ڦر ڪيل سامان واپس ڪرائي مون سان انصاف ڪيو وڃي
ميرپور ٻرڙو بريڪنگ نيوز
ميرپور ٻرڙو ميمڻ محلا ۾ پٽ هيرو ٻرڙو پنهنجي ماء فرزانه خاتون گهرو اڻبت تان پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي قتل ٿيل عورت جو لاش ميرپور ٻرڙو
پوليس تحويل ۾ وٺي تهلقه ٺل
اسپتال کڻائي وئي
ميرپورٻرڙو بريڪينگ نيوز
ميرپور ٻرڙو : بيگاري ڪئنال جي چنا پل وٽان 13 ورهين جو وڪرم ڪمار جو لاش هت.
ميرپور ٻرڙو ؛ 13 ورهين جو وڪرم ڪمار ڪرم پور شهر جو رهواسي آهي. جيڪو 3 ڏينهن اڳ بيگاري ڪئنال ۾ ٻڏي ويو هو جنهن جو لاش هٿ ڪيو ويو آهي
سڪرنڊ شھيد ڪالوني جو رھواسي 45 ورھين جو علي رضا ڀٽي بجلي جي پول تي تار لڳائڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب سخت زخمي جنھن پاڙي جي رهواسين پاران زمين ۾ وڏو کڏو کوٽي مٽيءَ ۾ بند ڪري بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ان کان پوءِ پورھيت کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ھمدرد فري ايمبولينس سروس ذريعي نوابشاھ اسپتال نيو پئي ويو ته پورھيت رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪندي فوت ٿي ويو جنھن کانپوءِ پورھيت جو لاش گھر پھچڻ تي قھرام مچي ويو فوتي پورھيت چئين ٻارڙن جو پيءُ ھو
News Break
مٽياري ويجھو خاصخيلي واٽر وٽ تيز رفتار ڪار جو چنگچي رڪشا کي ٽڪر لطيف سرڪار تان واپس ويندڙ چمبڙ واسي 8 ڄڻا زخمي 4 جي حالت نازڪ
زخمين ۾ علي حيدر خاصخيلي . نظر عباس خاصخيلي . علي حسن خاصخيلي . معشوق علي خاصخيلي . احسان علي . غلام عباس . اظھر علي ۽ ظھير عباس شامل زخمين کي کيبراڻي پوليس فوري طور مٽياري تعلقہ اسپتال منتقل ڪيو جتان 4 ڄڻن کي تشويشناڪ حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو زخمين جو تعلق چمبڙ شھر سان ٻڌايو پيو وڃي جيڪي لطيف سرڪار جي زيارت بعد واپس وڃي رھيا ھئا کيبراڻي پوليس ڪار ڊرائيور کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو