Thar Pachar

Thar Pachar Music news entertainment chanel
(1)

05/02/2024

ارباب انور ۽ قاسم سراج ۾ مقابلو قاسم سراج جي پوزيشن مضبوط

05/02/2024

پير امير علي شاهه سان ٽي طرفي مقابلي سبب پوزيشن مضبوط

05/02/2024

اين اي 215 ارباب غلام رحيم ۽ ڊاڪٽر مهيش ملاڻي ۾ مقابلو سخت

05/02/2024

پي ايس 54 تي فقير شير محمد بلالاڻي جي پوزيشن مضبوط مخالف به ميدان ڪرڻ لاءِ تيار

05/02/2024

ڏيپلو مٺي تي ارباب لطف الله جي ڪاميابي يقيني بڻجي وئي

05/02/2024

پي ايس ڇاڇرو دوست علي راهمون جي ڪاميابي جا چٽا امڪان

05/02/2024

ارباب غلام رحيم اليڪشني ماحول جوڙڻ ۾ ڪامياب

05/02/2024

ٿر اليڪشن
دنگل
پ پ جو پلڙو ڀاري

24/01/2024

ٿر جي سياست ۾ اٿل پٿل ٿيندي يا نه؟

30/10/2023

فنڪار : روشن ٻڍو فقير
شاعر فقير انور خميساڻي
سورٺ جا سرتاج ڏنو سر سنگيت تان .
حوس جي هن دنيا ۾ تن من ٿين تاراج ماڻھون مرن ملڪيت تان.
ملير جي هن مارئي رکي لوئي جي لاج خوب نڀايو کيت سان .
مورڙي ماري ميت ڪڍيا ڪري مانگر کي محتاج ڳڙڪايا جنهن ڳيت سان .
مومل کي سڪ سوڍي جي ٿي کوري جو کاڄ رجواڙن جي ريت سان .

انور عشق عربي ڄام سان جو مدني ويو معراج نمازون نيڪ نيت سان .

04/10/2023

روشن عرف ٻڍل فقير جي آواز ۾ ٿري ٻولي ۾
ڪارونجهر جو گيت

ڏونگر مارو ڏيل ري ڏونگر مارو ڏيس
ڏونگر مارو وير ري ڏونگر مارو ويس

نڏيئي وڏو نام ري نڏيئي وهي نير
پاهڻي وڏو پريم ري ماري اکيئان رو اوجيس

ڏونگر ماٿي روپلو ٻوليو ڏونگر مارو مانس
ڏونگر ري روپ ماٿي گهوريو مارو سيس

ڏونگر ڪارڻ سوڍا لڙيا لڙيا ڪولهي جوڌا
اونچو ڪنڌ ڪارونجهر رو هوسي ري هميس

ڪارونجهر ري ڪونگري سرامڻ برسيا ميگھ
ڍُوڙي ڍُوڙي ڍيلان وهين ڪڙيئي ڪڙيئي ڪيس

ڏونگر ماٿي مور ٻوليا ڪوئل گاوي گيت
انور نان او ميٺا لاگين اندر آوي آسيس

فقير انور خميساڻي

03/10/2023

آتان ري جاتان رين سڻسان ڪارونجهر رين باتان
ڏونگر ماٿي موريڙا ٽھوڪي جوسان ننگر رين راتان

ميهولا برسين بيجلين چمڪين گاجڙلا تا گاجين
گهنگهور گهٽا ۾ پئين پل پل ٻولين پکيان ري ذاتان

سرامڻ ماس آيو ري سيمان سجين ٿئين سائين ري
سائو ري ويس ڏونگر پهريو گل ڦل ڀانتان ڀانتان

آڌي رات رو ڏونگر ماٿي سارس ٻولي اونگڙلي تا اڏائين
ساڪڙي ري پوهر رو ٻيٺا ڪانگليا ميٺا لنوي تا لاتان

ائي ڏونگر ماٿي انور ڪهي سوڍان را سيس ڪٽاڻا
روپلي ڪولهي ڏيٺين ڪيئي ڏک ڏمر رين گهاتان

فقير انور خميساڻي

13/09/2023

روشن عرف ٻڍو فقير جو خوبصورت آواز

26/02/2023

صادق فقير جي اٺين ورسي جي تقريب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هال سنڌ لينگوينج اٿارٽي حيدرآباد ۾ جلد شروع ٿيڻ واري آهي

26/02/2023
26/02/2023

اٺين ورسي جي موقعي تي
صادق فقير ۽ سنڌ
فقير منور ساگر
پکي پروڪا اڃا نه آيا
اڪيرتن جي هري رهي آهي
اداس سر تي هوا اُٺي جي
چئي پئي ڪا اڏار ايندي
سنڌ جي سريلي آواز جنهن سنڌ واسين کي پنهنجي آواز جي جادو ۾ ته جڪڙيو، پر سنڌ واسي هن شخص جي شخصي سحر ۾ قيد ٿي پيا. ها هو شخص صادق فقير ئي هو جنهن سنڌ جي خوبصورت شاعر شيخ اياز جي شاعريءَ کي سنڌ واسين تائين پنهنجي سريلي آواز ذريعي پهچايو، جنهن تي شيخ اياز به چيو ته منهنجي شاعريءَ کي جنهن آواز جي ضرورت آهي هو صادق فقير جي روپ ۾ ملي ويو آهي. سمورن سنڌ واسين ڏٺو ته صادق فقير شيخ اياز جي راڳي طور اڀري سامهون آيو. هونئن ته سنڌ راڳين سان ڀري پئي آهي، صادق فقير کان اڳ به ڪيترائي سريلا ڳويا آيا ڳائي مري به ويا پر صادق جو وڇوڙو اڄ به سنڌ واسين کان ناهي وسري سگهيو، ان جو ڪارڻ صرف سٺو فنڪار هئڻ نه پر سٺو انسان هئڻ آهي پوء ٿي سگهي ٿو آئون غلط هجان. سنڌ صادق فقير جي وڇوڙي تي تڏو وڇايو، ان جي جسم خاڪي کي مٺي جي مٽي ۾ دفن ڪرڻ 10 ڏينهن جاکوڙ ڪري ان جو مڙه مٺي آندو، جنازي نماز ۾ بنا ڪنهن رنگ نسل جي فرق سان ماڻهو شريڪ ٿيا ۽ مٺي جي ماڻهن صادق فقير جي مڙهه جي گذر گاهه تان گل نڇاور ڪيا ۽ اسان جي هندو ڀائرن هولي جو ڏينهن به نه ملهايو. اهو هن شخص جي پيار ۽ پنهنجائپ جو سلو هو. صادق فقير مٺي ۽ سنڌ واسين سان پيار ڪيو مٺي ۽ سنڌ صادق فقير کي اهو پيار ڏنو ۽ اڄ 8 سالن بعد به اهو ساڳيو پيار ارپي رهي آهي. صادق فقير جي اڄ اٺين ورسي هوائن جي شهر حيدرآباد ۾ سارنگا پاران ملهائي پئي وڃي پر مٺي جي ماڻهن صادق فقير جي مزار تي صبح ساڻ چادر چاڙهي ان کي جي ياد کي ياد ڪيو آهي.
صادق فقير جي ڳائڪي جي حوالي سان اهو چيو ويندو هو ته هو موسيقي جو ڄاڻو ناهي هو ساري گاما جهڙا تان نٿو هڻي سگهي پر اڄ 8 سالن بعد ٿورو موسيقي جي ميدان ۾ تجزيو ڪريو ته رڳو شيخ اياز جي شاعريءَ جا گهڻا نئوان ڪلام ڪمپوز ٿيا آهن رڳو شيخ اياز جي لڳندڙ ميلي ۾ ڳائي ويل فنڪارن جو وڊيو ٻڌو گذريل 8 ميلن ۾ صادق فقير جي ڳايل ڪلام کي ري مڪس ڪري ڳايو ويو آهي. ڪنهن به فنڪار شيخ اياز جي شاعريءَ جي ڪتابن جو مطالعو ڪري سريلي شاعري سنڌ واسين تائين ناهي پهچائي. پر اهو ضرور چيو هوندو ته شيخ اياز کي پهرين اسان ڳايو آهي هي ڪلام منهنجو ڳايل هي ڌن مون ڏني آهي. مون کي الائي ڇو سنڌ جي فنڪار ۾ نواڻ نظر نٿي اچي الائي ڪيترا فنڪار آهن جن وٽ پنهنجا ڪلام ناهن هو ٻين فنڪارن جا ڪلام ڳائي ماڻهن کي جهومائين ضرور پيا. صادق فقير اهو فنڪار هو جنهن ٻين فنڪارن جي ڳايل گيت کي تمام گهٽ ڳايو هوندو ڇو جو هن وٽ ڪلاس جي شاعري جي سليڪشن هئڻ سان نئين ڪمپوزيشن به هئي. اڄ به صادق فقير جو ڳايل ڪلام ڪو به ان انداز جا ان ڪيفيت سان ڳائي نٿو سگهي. فنڪارن محنت ڇڏي ڏني يا مطالعي جي کوٽ پر سنڌي موسيقي ۾ نئين شي اچڻ بند ٿي وئي آهي. اياز ميلي جا منتظمين رڳو هر فنڪار کان هر سال هڪ نئون ڪلام ڳائڻ جو فنڪار تي شرط لاڳو ڪن ته اڌ کان گهڻا فنڪار ۽ گويا ميلي ۾ اچڻ ئي ڇڏي ڏيندا. شاھ لطيف جي ڪلامن کي گهڻي کان گهڻو محمد جمن ڪمپوز ڪري ڳايو ائين صادق فقير شيخ اياز جي شاعريءَ کي ڪمپوز ڪري وڌ کان وڌ ڳايو. صادق فقير بعد اهو فقدان آهي.
صادق فقير اهو فنڪار هو جنهن سنڌ جي ماڻهن تائين انهن شاعرن جي شاعري پهچائي جن کي ڪو ڳائڻ لا تيار نه هو. حافظ نظاماڻي جو ڪلام ڪو رحمان جي پاسي ڪو ڀڳوان جي پاسي به پهرين صادق فقير ڳايو پوءِ هي ڪلام ٻين فنڪارن ڳايو. صادق فقير جي اٺين ورسي تي سنڌ اڄ ان جي ڳائڪي ۽ ان جي شخصيت تي ڀيٽا پيش ڪندي. ڇو ته سنڌ قدر ڪرڻ وارن جي ڌرتيءَ آهي جيڪي ماڻهو سنڌ سان پيار ڪن ٿا سنڌ انهن سان پيار ڪري ٿي.
تنهنجي وئي کان پوءِ
منهنجي اندر ۾
رات رهي پئي آهي

Address

Mithi
Tharparkar

Telephone

+923202647687

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Thar Pachar posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Thar Pachar:

Videos

Share

Category


Other Tharparkar media companies

Show All