Social Worker TMK

Social Worker TMK سچ وڏو ڏوهاري آهي, روز ازل کان پڪڙيو ويو آهي زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آهي ڳولهي ڳولهي ماريو ويو آهي.

19/02/2025

ٽنڊو محمد خان

ايڪسائيز انسپيڪٽر جي غير قانوني رشوت خوري، ميڊيا ٽيم تي دٻاءُ

ٽنڊو محمد خان ۾ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي جي انسپيڪٽر طرفان بنا آءِ ڊي ٽيڪس جي غير قانوني طور تي مال بردار گاڏين کان مبينه رشوت وٺڻ جو سلسلو شروع جڏهن ته سرڪاري طور تي وھيڪل کاتي جو ٻيو انسپيڪٽر ڊيوٽي تي موجود آهي.

مھراڻ ٽي وي جي ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي انسپيڪٽر کان وضاحت طلب ڪئي، جنهن غلط بياني ڪندي رڪارڊنگ بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. روڊ تي غير قانوني ڊيوٽي ڪندڙ ڏھاڙي تي گھرايل سول ماڻھون جيڪي ميڊيا ٽيم کي ڏسي فرار ٿي ويا.

حڪومت پاران آن لائن ٽيڪس نظام متعارف ڪرائڻ ۽ روڊ چيڪنگ جي منع نامي کان پوء به، ايڪسائيز عملدارن طرفان غير قانوني طور تي روڊ تي ٽيڪس جي نالي تي ڀتو وٺڻ جو سلسلو جاري آهي.

رپورٽ نياز خاصخيلي مھراڻ ٽي وي نيوز

سينئر سٽيزنز فارم مرد/عورتجنھن جي عمر 60 آھي اھي ۽ 60 سالن کان مٿي جي عمر وارا سينئر سٽيزنز سڀاڻي تائينپنھنجي ضلعي سوشل ...
18/02/2025

سينئر سٽيزنز فارم مرد/عورت
جنھن جي عمر 60 آھي اھي ۽ 60 سالن کان مٿي جي عمر وارا سينئر سٽيزنز سڀاڻي تائين
پنھنجي ضلعي سوشل ويلفيئر آفيس ۾ ڀري موڪليو جن کي سنڌ سينيئر سٽيزنز ڪارڊ ٺھي ملندو.
رجسٽر سينئر سٽيزنز کي گورنمينٽ طرفان سھولتون مھيا ڪيون وينديون.
ھي نيڪي جو ڪم آھي انسانيت جي ناتي پنھنجي علائقي جي پورھيت طبقي جا فارم ڀري موڪليو.

اطلاع گمشدگي مرحوم جگو ڪباڙي جي 15 ورهين جي ڌي نالي ابيجل زوئي ولد جگو  جيڪو ٽنڊو محمد خان جو رهائشي  آهي  ڪراچي لانڊهي ...
11/02/2025

اطلاع گمشدگي
مرحوم جگو ڪباڙي جي 15 ورهين جي ڌي نالي ابيجل زوئي ولد جگو جيڪو ٽنڊو محمد خان جو رهائشي آهي ڪراچي لانڊهي مان سندس نياڻي گم لاپتا ٿي وئي آهي اگر ڪنهن به شخص کي هن نياڻي جي باري ڪا خبر ڄاڻ هجي ته يا ملي ته برا۽ مهرباني ڪري هن نمبرن تي رابطو ڪري 03101321446 03133172852
۽ هن پوسٽ کي وڌ کان وڌ شئير ڪندا ته جئين هي نياڻي پنهنجي والدين سان ملي سگهي

جڏهن ته 4 فيبروري
*اطلاع گمشدگی*

مرحوم جگو کباڑی کی 15سالا بیٹی بنام ابیجل زوۓ ولد جگو جو کہ ٹنڈومحمدخان کی رہاٸشی ہے۔
مورخہ 04فروری کراچی لانڈھی سے لاپتہ ہے۔
اگر اس بچی کے بارے میں کوٸی جانتاہے تو وہ درج ذیل نمبرز پہ رابطہ کرے۔۔
03101321446
03133172852

پوسٹ کو زیادہ سے زیادہ شیٸر کریں تاکہ بچی والدین کو مل سکے شکریہ۔۔

*ہمارا عزم انسانیت کی خدمت*

کلي ڪچهري
05/02/2025

کلي ڪچهري

ٻار، جن جي عمر 10 کان مٿي ۽ 18 سالن کان گھٽ آھي انھن جا نادرا جا "ب" فارم نوان ٺھندا....جن ۾ ٻارن جي تصوير ۽ انھن جي آنڱ...
05/02/2025

ٻار، جن جي عمر 10 کان مٿي ۽ 18 سالن کان گھٽ آھي انھن جا نادرا جا "ب" فارم نوان ٺھندا....جن ۾ ٻارن جي تصوير ۽ انھن جي آنڱرين جا نشان (فنگر پرنٽس) لڳايا ويندا.
طريقيڪار:
» والدين مان ڪوبہ ھڪ ٻار کي نادراآفيس وٺي ايندو.
» والدين مان جيڪو ٻار کي وٺي ايندو اھو پنھنجو شناختي ڪارڊ ۽ ٻار جو ڄم سرٽيفڪيٽ پاڻ سان کڻي ايندو.
» فارم `ب` ٺھرائڻ جي في نارمل پنجاھ رپيا، جڏھن تہ ارجنٽ 500 رپيا آھي.
ھن فيصلي بعد ڏھن سالن کان وڏي ٻار جو پراڻو ب فارم رد سمجھيو ويندو.... مطلب تہ ان عمر جي ٻار کي نئون ب فارم لازمي ٺھرائڻو آھي.

بلڙي شاھ ڪريم   پبلڪ ھيلٿ ڊپارٽمنٽ جي  نااھلي جي ڪري 30 ورهيه  اڳ بلڙي شاھ ڪريم جي وچ شھر ۾ تعمير ڪرائيلواٽر سپلاء جي ٽي...
23/01/2025

بلڙي شاھ ڪريم

پبلڪ ھيلٿ ڊپارٽمنٽ جي نااھلي جي ڪري
30 ورهيه اڳ بلڙي شاھ ڪريم جي وچ شھر ۾ تعمير ڪرائيل
واٽر سپلاء جي ٽينڪي تمام زبوء حال ٿي وئي

محليدارن مٿان موت جو سامان طور ڏيک ڏيڻ لڳي ڪنهن به وقت وڏي جاني نقصان ٿيڻ جو امڪان

سوشل ميڊيا پرنٽ ميڊيا تي ٽئنڪي جي زبون حالي امڪاني حادثي جون خبرون وائرل ٿيڻ باوجود چونڊيل نمائينده لاعلم لاتعلق
مقامي , لوفر ۽ چور سرڪاري سامان قيمتي سريئي پائپن ۽ لوھ سان هٿ چراند ڪري وڪرو ڪرڻ لڳا جڏهن ته بنيادي سريا لوھ ڪڍي ڪٻاڙين کي
کپائڻ لڳا آھن, نتيجي ۾ بنياد ڪمزور ٿيڻ ڪري ڪنھن مھل
بـ وزني ٽينڪي ڌماڪي سان آبادي واري ميمڻ پاڙي
يا بروھي پاڙي ۾ ڌماڪي سان ڊھي ڪري سگھي ٿي
جنھن جي نتيجي شھر ۾ وڏو جاني ۽ مالي نقصان جو خدشو آهي

جڏهن ته شهرين پاران پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمنٽ چونڊيل نمائيندن ۽ لاڳاپيل اختيارين تي ڇتي تنقيد ڪئي پئي وڃي

ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته اختياريون فورن عملي قدم کڻي شهرين کي وڏي نقصان کان بچائڻ لاء اهم ڪردار اداڪن

12/01/2025

https://www.facebook.com/share/v/1Xpvbde6cz/

عزت ۽ ذلت !!

ميونسپل چيئرمين ٽنڊو محمد خان ڪرپشن جا سمورا رڪارڊ ٽوڙيندي صرف ھڪ مھيني اندر مبينه 21 لک روپين جو تيل ھڙپ ڪري ويو اھو اعتراض ڪجھ عرصو اڳ ھڪ دادلي سامھون آندو ت مار صرف ھڪ ماڻھون ايترو تيل پي ويو ، جيڪا ڳالھ چيئرمين کي نه وڻي ۽ کيس گاريون ڏيئي تيل جي چارج ان کان ڦري کيس ميونسپل نيڪالي ڏيئي ڇڏي . تيل جي حوالي سان صرف 6 کان 7 وھيڪل ڪم ۾ ھلن پيون انھن سميت ماھوار 31 کان 32
لک روپين جو تيل مبينه ڪرپشن جي نظر ٿي رھيو آهي . ان کانسواءِ نااھلي جي انتھا ھي آھي ته شھرين طرفان روز جون دانھون ڪوڪون ڪرڻ باوجود جڏھن ڪو به عملدرآمد نہ ٿيو ته مجبورن ٽالپرن ڪالوني واسين وائيس آف ٽالپر ڪالوني جي نالي سان ھڪ اتحاد ٺاھي ميونسپل جيڪي ڪم نه ڪرائي ڏنا اھي ڪم پنھنجي مدد پاڻ ڪرائي اھو ثابت ڪري چڪا آهن ته جيڪو ماڻھون چئيرمين جي جنھن سيٽ تي ويٺو آھي اھو ان سيٽ جو اھل ئي نه آهي .

رپورٽ نياز خاصخيلي مھراڻ ٽي وي نيوز

05/01/2025

ٽنڊو محمد خان

آبپاشي کاتي جي ڳٺ جوڙ سان روز جي بنياد تي نظرپور ڦليلي ڪينال مان مٽي ڪڍي ڪئنال کي تباھ ڪيو پيو وڃي.
سياسي سماجي ڌرين طرفان وس وارن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڦليلي ڪينال جي ڍانچي کي بچائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري کوٽائي ڪندڙن خلاف ايف آءِ اي داخل ڪئي وڃي.

رپورٽ نياز خاصخيلي مھراڻ ٽي وي نيوز

03/01/2025

ٽنڊو محمد خان..
الله اڪبر ھي ڏسو خوني روڊ

تازه ترين بلڙي شاه ڪريم
سجاول ويندڙ وين جو بلڙي شاه ڪريم ويجھو ٽينڪر سان ٽڪر مسافرن جي حالت ناساز
قريبي اسپتال منتقل ڪيو وڃي ويو

01/01/2025

*ٽنڊو محمد خان*

*پي پي ايڇ آء کاتي جي رڪارڊ ڪرپشن مريضن کي مفت ۾ دوائون فراهم ڪرڻ بدران ميڊيڪل اسٽورن تي وڪرو ٿيڻ لڳيون*

*پي پي ايڇ آء کاتي جون دوائون سيرت النبي چوڪ تي قائم المدينه ميڊيڪل اسٽور تان وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف*
*ٽنڊو محمد خان جي ھڪ وڏي اسٽور تان دوائن جو غيرقانوني وڪرو ٿيڻ ھڪ وڏو سواليه نشان آهي*

*رپورٽ نياز خاصخيلي مھراڻ ٽي وي نيوز*

28/12/2024

*ٽنڊو محمد خان*

*ٽنڊو محمد خان م پوليس زيادتين خلاف چوھاڻ برادري جو ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو*

*ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته سٽي پوليس گذريل 8 ڏينهن اڳ ٻن پورھيتن تي ڪوڙو الزام مڙھي کين گرفتار ڪري ورتو آهي. ايس ايڇ او سٽي انهن کي ڇڏڻ لاء 10لک روپيا مبينه رشوت گھري رھيو آهي*

*رپورٽ نياز خاصخيلي مھراڻ ٽي وي نيوز*

28/12/2024

*ٹنڈو محمد خان پولیس کی جانب سے چوہان برادری کے دو افراد لالو چوہان اور کریم بخش چوہان کو آٹھ دن سے پولیس حراست میں رکھنے کے خلاف پیپلز پارٹی کے رہنما رضا محمد خاصخیلی اور اللہ بخش چوہان, پنہون غازی بروہی کی قیادت میں چوہان برادری کے سینکڑوں افراد نے احتجاجی ریلی نکالی اور ایس ایس پی آفس کے سامنے دھرنا دیا جو کہ ابھی بھی جاری ہے مظاہرین کا کہنا ہے کہ پولیس نے دونوں افراد کو گزشتہ آٹھ روز سے حبس بے جا میں رکھا ہوا ہے اور نہ ہی ان پر کوئی کیس درج کیا گیا ہے جبکہ انہیں چھوڑنے کیلئے دس لاکھ روپے طلب کئے جا رہے ہیں مظاہرین نے اعلان کیا کہ جب تک بے گناہ گرفتار افراد کو نہیں چھوڑا جاتا ہمارا دھرنا جاری رہے گا...*

27/12/2024

ٽنڊو محمد خان

ٽنڊو محمد خان ۾ پيپلزپارٽي جي اعلي قيادت ورڪرن کي اھميت نه ڏني ھر سال جيان محترمه بينطير ڀٽو جي ورسي تي ويندڙ ورڪرن کي ھن دفع ٽرانسپورٽ جي سهولت نه ڏيڻ سبب جيالا ورسي تي ن وڃي سگھيا .
مايوس جيالن پنھنجي گھرن ۾ قرآن خوانيون ڪرائي ڏيئا ٻاري ورسي ملھائي پنھنجي قائيد کي ڀيٽا پيش ڪئي.
ورسي جي حوالي سان ٽنڊو محمد خان جي ٽنھي تعلقن ۾ پارٽي طرفان ڪو به تعزيتي ميڙاڪو نه ڪرايو ويو ۽ نه ئي جھنڊا يا بينر آويزان ڪيا ويا .ھن صورتحال تي پيپلزپارٽي جي مقامي اڳواڻن بابو سٺيو ،سيد محمد علي شاھ. غازي پنھون بروهي ، رضا خاصخيلي فياض ڪنڀار ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته شھيد راڻي جي ورسي تي ورڪرن کي رسائيڻ جي ذميواري مقامي قيادت جي ھئي پر ھتي جي عهديدارن ٺلھا آسرا ڏيئي آخر ۾ ٽرانسپورٽ ڏيڻ کان کتو جواب ڏيئي ڇڏيو جنھن کان پوء اسان اڄ شھيد راڻي جي ورسي قرآن خواني ۽ نياز نظر ڪري ملھائي آھي

19/12/2024

ٽنڊو محمد خان،ميونسپل ڪميٽي سٽي چيرمين سيد شاهنواز محسن شاہ بخاري کي ٽالپر ڪالوني واسين طرفان عرض آهي. هن نالين جا دڪڻا ڪاٺ جا ٽوٽي پيا آهين سيمنٽ جي کوٽ آهي. اسان کي خبر آهي. بجيٽ به ڪونهي ﷲپاڪ توهان کي گهڻو ڏنو آهي. براء مھرباني پنهنجي خرچ مان ٺهرائي ڏنو وڃي..

Address

Tando Muhammad Khan
744

Telephone

+923002800284

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Social Worker TMK posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Share