Porab Publication Tando Adam

Porab Publication Tando Adam Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Porab Publication Tando Adam, Chania Paro Haji Shah Road, Tando Adam.

13/10/2019
13/10/2019
22/09/2019

Barcelona finally confirmed the capture of Antoine Griezmann on Friday afternoon and paying €120 million for the Frenchman has taken their transfer spending over €1 billion for the past five years.

It took a while to get there but finally Barcelona have announced that they’ve signed Antoine Griezmann from Atletico Madrid, agreeing to pay the €120 million release clause that the player’s contract dropped down to on July 1st

02/09/2019

ٽنڊو آدم : ٽنڊي آدم ۾ پ ٽ الف ايڪشن ڪميٽي تعلقي تنڊي آدم پاران لکاڏنو خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ استادن جي مسئلن جي حل لاءِ احتجاجي ريلي گورنمنٽ سنڌي مين پرائمري اسڪول کان ڪڍي وئي. ان موقعي تي پ ٽ الف جو اڳوڻو تعلقي صدر ۽ پ ٽ الف ايڪشن ڪميٽي ٽنڊو آدم جو چيئرمين لکاڏنو خاصخيلي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته ايس ٽي آر پاليسي آڻي استادن جون جبري بدليون ڪيون ويون آهن جنهن سبب هڪ پاسي هلندڙ اسڪول بند ٿي ويا آهن ته ٻي پاسي استاد ذهني پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن هن چيو ته ايس ٽي آر ۾ ٻعير ڪنهن سوچ سمجهه جي بدليون ڪيون ويون آهن جن کي فوري طور تي واپس ورتو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سنڌ اندراستاد سخت کان سخت احتجاج ڪرڻ تي مجبور هوندا. پ ٽ الف ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ اهوبه چيو ته سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس استادن کي فوري طور تي پڪو ڪيو وڃي. ان موقعي تي احتجاجي مظاهري کي غلام رسول ٻجورو، اعجاز علي ڏيرو، اسلم پٺاڻ، ممتاز ٽالپر، ناصر غوري ۽ ٻين استادن پڻ خطاب ڪيو.

02/09/2019

ٽنڊو آدم برانچ شاخ لڳ ٻيراڻي + جهول روڊ تي موڙ وٽ ڊرائيور جي ڪنترول مان گاڏي نڪري وئي، جنهن سبب گاڏي روڊ کان 30 فٽ اونهي هيٺ ڪلٽي ٿي ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي اندر چار همراهه سوار هئا جيڪي معمولي زخمي ٿي پيا ، گاڏي ۾ سوار چار ڄڻا اڇڙي ٿر جا هئا جيڪي سانگهڙ کان حيدرآباد وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ اهو واقعو پيش آيو. جنهن بعد زخمين کي تعلقه اسپتال آندو ويو جتان مرهم پٽي ڪري کين گهر ڏانهن روانو ڪيو ويو.

02/09/2019
تعليمي ۽ ثقافتي ترقي قومي سلامتي لاءِ اول شرط هجي ٿوتحرير :  فراز چانڊيوتعليم جي ڳالهه ڪجي ته ان بابت مختلف رايا آهن پر ...
28/08/2019

تعليمي ۽ ثقافتي ترقي قومي سلامتي لاءِ اول شرط هجي ٿو
تحرير : فراز چانڊيو
تعليم جي ڳالهه ڪجي ته ان بابت مختلف رايا آهن پر هر مڪتب الفڪر ان تي متفق آهي ته تعليم ئي واحد اهڙو ذريعو آهي جنهن سان سماج گهٽ ۾ گهٽ ايترو محسوس ڪرڻ جي قابل ٿين ٿا ته اهي ترقيءَ جي ميدان ۾ ڪٿي بيٺل آهن، جي اهي پٺتي پيل آهن ته اهي ڪهڙين حڪمت عملين تي عمل پيرا ٿي ڪري پنهنجي اندر سڌارا آڻي ترقي يافته ٿي سگهن ٿا. هيٺ تعليم بابت وڌيڪ لکندي ان تي به زور ڏنو ويندو ته ثقافتي طور مضبوط ٿيڻ لاءِ تعليم ۾ اڳڀرو هجڻ اول ۽ پهرين وک آهي. جڏهن به تعليم جو موضوع کلندو آهي يا ان موضوع تي لکڻ لاءِ قلم هٿ ۾ کڻبو آهي ته سنڌ جي تباهه ڪن تعليمي صورتحال تي ازخود ڌيان ڇڪجي ويندو آهي. وري خاص ڪري جڏهن سنڌ جي تعليمي صورتحال جي ڀيٽ دنيا جي ٻين ملڪن جي تعليمي صورتحال سان ڪجي ٿي ته هانءُ کي ڏڪائيندڙ حقيقتون آڏو اچيو وڃن. ٿورو ويهي سوچجي ته تعليم هر سماج ۾ اتي موجود هر شعبي ۾ مداخلت ڪري ٿي ته هر شعبي جي ترقيءَ جو راض به ان ۾ ئي لڪيل هجي ٿو. ان جو پاڻ سادو مثال ائين کڻون ٿا. اهو ته اسين سڀ سمجهون ٿا ته هر شعبو تڏهن ئي ترقي ڪندو آهي جڏهن ان اندر ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ (جنهنکي مخفف طور R & D چئجي ٿو) کي هٿي وٺرائجي ٿي. هر شعبو وقت گذرڻ سان گڏ مختلف مسئلن کي منهه ڏيندو رهندو آهي ۽ اهڙي ريت ان شعبي يا اداري اندر نت نوان مسئلا سامهون ايندا رهندا آهن جن کي حل ڪرڻ خاطر ان اداري لاءِ اها مجبوري بڻجيو وڃي ته اهو ريسرچ ذريعي مسئلن کي حل ڪرائي اداري اندر اوڻائين جو خاتمو آڻي ان کي عام عوام لاءِ مفيد بڻائي ته جيئن اهو ادارو يا شعبو هر عام و خاص لاءِ صحيح معنيٰ ۾ خدمتون سرانجام ڏيئي سگهي. اهڙا کوڙ مثال اسانکي ترقي يافته ملڪن جي اهڙي روش مان به ملن ٿا جن R & D جو سهارو وٺندي ادارن ۾ تمام وڏي تبديلي آندي آهي ۽ اهي ادارا هاڻ اسان جهڙن ملڪن لاءِ نه رڳو تبديليءَ جو طرف طئه ڪن ٿا بلڪه اهو به واضح ڪن ٿا ته ڪهڙيءَ ريت ۽ ڪهڙي پلاننگ ڪري ادارن کي مضبوط ۽ جٽادار بڻائي سگهجي ٿو. مقصد ته اها تعليم ئي هجي ٿي جيڪا اهو بلڪل طئي ڪري ٿي ته ادارن کي ڪيئن بهتر بڻائجي. ساڳي ئي نموني تعليم قلم جو استعمال سيکاري ٿي ۽ اها قلم جي ئي طاقت آهي جنهن ذريعي چڱي ۽ ڀرپور طريقي سان قوميت جي واڌاري ۽ قومي سوچ ۽ لوچ واري جذبي کي اجاگر ڪري سگهجي ٿو. اسان وٽ اها حالت آهي جو قوم ۾ بي انتها منفي لاڙن وارا ٻوٽا جنم وٺي وڌي وڻ بڻجي رهيا آهن. قوم سماجي توڙي ثقافتي طور جيڪو رخ اختيار ڪيو آهي سو اسان سڀني آڏو آهي. سماج بدترين حالت ۾ وڪوڙجي چڪو آهي. ادارا غيرفعال بڻجي رهيا آهن ۽ آئي ڏينهن پوئتي ڌڪجي رهيا آهن. ان سڄي صورتحال جي ذميواري جتي رياست تي عائد ٿئي ٿي ته اتي ئي سنڌ جي اصل رهاڪن تي به ٿئي ٿي جو اسين تعليمي ميدان ۾ ڪو به نعمل بدل پيدا نه ڪري سگهيا آهيون. تعليم جتي پنهنجو نج مقصد وڃايو آهي ته اتي تعليم کي وري هڪ آرامده ڪاروبار جو ذريعو بڻائيندي ان کي چند ڏوڪڙ ڪمائڻ واري انڊسٽري جو روپ ڏنو ويو آهي جنهن سان ٿي اهو رهيو آهي جو تنقيدي ۽ تجزياتي ذهن پيدا ٿيڻ ۽ ٺهڻ بدران صرف اهڙا منفي ذهن پيدا ٿي رهيا آهن جيڪي سماجي اوثر ڪرڻ بجاءِ موجود سماج کي لٽڻ ۽ ڦرڻ واري مهارت حاصل ڪرڻ ۾ رڌل رهن ٿا. ائين ٿيڻ ان ڪري به اڻٽر آهي جو تعليم کي اصل مقصد کان هٽائڻ جي جڏهن به ڪوشش ڪبي آهي ته اها مثبت ٿيڻ بجاءِ منفي بڻجيو وڃي جنهن سان نقصان ٿلهي ليکي سماج جو ئي ٿيندو آهي جيئن سنڌ اندر ٿيندي اسان کي ڏسڻ ۾ به اچي پيو. اڪثر ڪري مختلف فورمن تي اهو موضوع به زيرِ بحث هوندو آهي ته تعليم ڪنهن به قوم لاءِ ڪرنگهي جي هڏيءَ واري حيثيت رکي ٿي ۽ اها قوم نڌڻڪي ۽ ويڳاڻي ئي رهجي وڃي ٿي جيڪا تعليم جي اصل حاصلات ۾ پوئتي رهجي وڃي ٿي. ان ۾ واقعي ۾ به ڪو شڪ ناهي. نيلسن منڊيلا چواڻي ته، “تعليم ئي اهڙو هٿيار آهي جنهن سان دنيا تبديل ڪري سگهجي ٿي”. آمريڪا جي 35 هين صدر جان ايف ڪينيڊي چيو، “اسانجي قومي ترقي ۾ تيزي تڏهن ممڪن آهي جڏهن اسين تعليم ۾ ترقي ڪري سگهنداسين. اسانجو ذهن ئي اسانجو وڏو سرمايو آهي”. سو، تعليم سان ئي اسان سڀني جي ترقي واڳيل آهي ۽ اهو ئي بهترين طريقو آهي جنهن سان اسين قومي طور پاڻ کي مڃائي اڳتي اچي سگهون ٿا. پر هتي مان ان تي به وڌيڪ لکڻ چاهيندس ته تعليم ۽ ثقافت، جيئن ته انهن ٻنهي جا معيار الڳ الڳ آهن، تنهن باوجود به اهي هڪ لاءِ لازم و ملزوم ڪيئن آهن ۽ ثقافتي ترقيءَ جو آڌار تعليمي واڌاري سان ڪيئن آهي. پهرين اهو سمجهڻ ضروري آهي ته ثقافت ۽ تهذيب ۾ فرق ڪهڙو ٿو هجي؟ سادي ٻولي ۾ ٻنهي جي وضاحتن جو نتيجو ڪڍندي، ثقافت اُهو لقاءُ آهي جنهن ۾ ڪنهن به قوم جي صدين جي ڪيل سفر دوران گڏيل محنتن ۽ ڪوششن کانپوءِ جيڪي عام خيال، رايا، سوچون، عادتون، طور طريقا، سماجي قدر، ڏيتي ليتيءَ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ اٿڻ ويهڻ جا ڍنگ، وغيره سامهون اچي چڪا آهن تن کي اسانجي ثقافت چئي سگهجي ٿو. پر مٿي بيان ڪيل ثقافت جي جنم ڏيندڙ عنصرن کي عملي صورت ڏياري جيڪي استعمال لائق شيون بڻايون ويون آهن سي سڀئي ملائي ڪري سڀيتا يا تهذيب چئي سگهجن ٿيون. ثقافت اهو لقاءُ آهي جيڪو حواسن سان محسوس ڪري سگهجي پر تهذيب کي محسوس ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن کي استعمال به ڪري سگهجي ٿو. اجرڪ اڄ اسانجي قومي سڃاڻپ بڻجي چڪي آهي جنهنکي اسين پائيندي فخر محسوس ڪيون ٿا ۽ اسانکي ائين پيو لڳندو آهي ڄڻ ته اسين هن ڌرتيءَ تي هڪ اهڙي الڳ حيثيت رکندا هجون جيڪا اسانجو قوميءَ طور قدڪاٺ اونچو ڪري ڇڏيندي هجي. ڪٿي به يا ڪنهن به ٽي وي چئنل تي اجرڪ کي ڏسنداسين ته اسان جو دماغ يڪدم ان پاسي ڇڪجي ويندو ته هي ته سنڌ جي اجرڪ آهي ۽ اسانجي ذهن ۾ اهو خيال پيو ڊوڙندو آهي ته يا ته ان مقام تي ڪو سنڌي موجود آهي يا جنهن ماڻهو کي اجرڪ اوڍيل آهي سو يا ته سنڌي آهي يا ان جو واسطو سنڌيءَ يا سنڌ سان آهي. جڏهن اسين اجرڪ جي باري ۾ سوچيون ٿا ته اها اسانجي ثقافت آهي پر استعمال ۾ اچڻ وقت اها اسانجي تهذيب هجي ٿي. ثقافت جا بنيادي طور تي ٻه مکيه پاسا هجن ٿا. انهن مان هڪ ته اهو آهي جيڪو دنيا کي يا ٻين قومن جي ماڻهن کي ظاهري طور تي نظر اچي ٿو ۽ ٻيو پاسو اهو آهي جيڪو نظر کان اوجهل هجي ٿو ۽ ٻين قومن کي ايترو تڪڙو سمجهه ۾ به نه ايندو آهي جيسين وڃي ان تي ريسرچ يا پڙهائي نه ڪئي وڃي. ثقافت جي انهن ٻنهي پاسن کي هڪ مثال ذريعي سمجهي سگهجي ٿو. اڪثر ڪري اسان ٽي وي وغيره تي چرندڙ برف جي ڇپ (Floating Ice) ڏسندا آهيون جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان جو 10 سيڪڙو پاڻيءَ جي سطح کان مٿي هجي ٿو ته 90 سيڪڙو پاڻيءَ جي سطح کان هيٺ پاڻيءَ اندر ٻڏل هجي ٿو. مزي جي ڳالهه ته اهو 90 سيڪڙو جيڪو پاڻيءَ جي سطح کان هيٺ پاڻيءَ اندر ٻڏل هجي ٿو ان جي مشابهت ثقافت جي لڪيل پاسي سان ڪجي ٿي. معنيٰ ته ثقافت خود هڪ منجهيل سُٽ جيان لقاءُ آهي جنهنکي سمجهڻ ايترو آسان نه ٿو هجي. جديد دور جا ثقافتي تعليمدان ان راءِ جا آهن ته ثقافت ۾ موجود هڙئي عنصر ڪنهن قوم لاءِ مفيد به نه ٿا هجن ڇو ته وقت جي وهڪري سان گڏوگڏ ڪي خاص عنصر قوم لاءِ بوج بڻجيو وڃن جن کي قوم کي گهِلڻو پوندو آهي جنهنجي نتيجي ۾ قوم کي ڪي نقصان به ڏسڻا پوندا آهن. پوءِ اهڙي مرحلي ۾ جي تعليم مان فائدو وٺندي ڪنهن خاص مد ۾ انهن مدي خارج ثقافتي عنصرن تي تنقيد نه ٿي ڪئي وڃي ۽ انهن ۾ ڪا نواڻ يا تبديلي نه ٿي آندي وڃي ته اُهي بوج بڻيل عنصر ڪينسر وانگيان ثقافت جي ٻين مثبت ۽ لاڀائتن عنصرن کي به متاثر ڪندا رهندا آهن. اهڙي اهم مرحلي تي تعليم مان ڪم وٺڻ انتهائي ضروري هوندو آهي ۽ اهو ڪم اهڙا ئي ماڻهو وٺندا آهن جيڪي ساڃاهه وند ۽ قوم جو دل توڙي روح ۾ اونو رکندڙ هوندا آهن. ثقافت جي ٻنهي پاسن کي بهتر بنائڻ جو ڪم صرف تعليم ئي ڪري سگهندي آهي پر اها تعليم هرگز اها نه ٿي هجي جيڪا اسان وٽ موجود آهي جنهن ۾ تنقيدي مواد، سوچ ۽ لوچ گهٽ ان جي ابتڙ ان ۾ غلاميءَ وارا لاڙا وڌيڪ ملن ٿا. سنڌ جي ترقي، واڌاري ۽ بقاءُ جو دارومدار جي تعليم جي فروغ ۽ بهتريءَ سان آهي ته ساڳي ئي وقت تي ثقافتي تبديلين سان به آهي. هتي ثقافتي تبديليءَ جو مطلب هرگز اهو نه ورتو وڃي ته ثقافت ۾ ڪي زور ۽ زبردستيءَ سان تبديليون آنديون وڃن بلڪه تنقيدي تعليم جي مدد سان ڪي اهڙيون تبديليون لازمي طور تي آنديون وڃن جن سان قوم کي اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ٿين. مثال طور اسان وٽ عورتن لاءِ ڪافي ماحول ڏکيو هجي ٿو جنهن ۾ عورت کي اجائين پابندين ۾ وڏي ڪمال حرفت سان قابو ڪيو ويو آهي ۽ اهو ڪم هتي عجيب و غريب مواد ڇاپي ڪيو وڃي ٿو. وري جي مباحثو ڪجي ٿو ته دليلن چوندا ته اسانجي ثقافت ۾ عورت کي ائين پيش ڪيو ويو آهي ۽ عورت کي ائين ئي رهڻ گهرجي. حالانڪه شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ کي کڻي ڏسجي ته واضح ٿيو وڃي ته عورت کان اهي سڀ جرتمنداڻا ۽ همٿ ڀريا ڪم ڪرايا ويا آهن جيڪي اڄ جي ترقي يافته سماجن ۾ عورتون ڪري رهيون آهن. جڏهن يورپ اونداهيءَ واري دور (Dark Ages) ۾ هو تڏهن ڀِٽ جي ڀٽائيءَ منفي ثقافتي روين کي للڪاريندي ايندڙ وقت جي تقاضائن کي اڳواٽ ئي محسوس ڪندي عورت جي آزاديءَ بابت سڌي راءِ پنهنجن سُرن ذريعي پيش ڪئي. اڄ ان ئي لطيفي پيغام تي دنيا جا ملڪ عملي طور تي ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن اسين اڃان تائين ان مونجهاري جو شڪار آهيون ته عورت جي آزاديءَ سان سماج بي حيائي ڏانهن ڌڪجي سگهي ٿو ۽ غير اخلاقي حرڪتون عروج تي پهچي وينديون. مٿين بحث مان اهو ته هاڻ ثابت ٿي چڪو آهي ته موجوده تعليمي نظام قطعي طور تي ثقافتي منفي عنصرن جي سائنسي ۽ منطقي بنيادن تي نندا ڪرڻ جي حالت ۾ نه آهي. پر ان راءِ کي ائين به نه ٿو کڻي سگهجي ته “سي پاڻي پنا ڏينهڙا” وانگي ماٺ الاڙي ويهي تماشو پيو ڏسجي ته بلڪه ڪجهه ڪرڻ لاءِ وکون اڳتي کڻجن ۽ ٻين کي به وکون کڻڻ تي ڪنهن پلاننگ تحت مجبور ڪجي. ائين به ناهي جو سنڌ اندر ڏاهن جي ڪا کوٽ آهي يا سٺا حڪمت عملي جا ماهر ڪو ناهن. جنهن شيءِ جي ضرورت آهي سا آهي نيڪ نيتي جي. قومن تي مهلون ۽ مصيبتون اينديون آهن، سمجهدار ماڻهو انهن مصيبتن کي موقعن ۾ تبديل ڪندا آهن. سو هر مصيبت کي منهه ڏيئي سگهجي ٿو جنهن لاءِ صرف ۽ صرف گڏيل حڪمت عملي جي ضرورت به آهي ته گڏيل قومي مفادن جي حاصلات لاءِ مقرر ڪيل ٽائيم فريم جي به ته جيئن قوم کي جديد تقاضائن تي پورو لهرائي ڪاميابيءَ جي پيچري ڏانهن گامزن ڪجي.

ڊجيٽل اسڪلز جي اهميت، تربيت ۽ اسان جي ذميواريتحرير : جاويد احمد سولنگيانفارميشن ۽ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي جي انقلاب سان گڏ ...
28/08/2019

ڊجيٽل اسڪلز جي اهميت، تربيت ۽ اسان جي ذميواري
تحرير : جاويد احمد سولنگي
انفارميشن ۽ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي جي انقلاب سان گڏ پوري دنيا ۾ علمي خدمتن سان لاڳاپيل ماڻهن جي لاءِ نوان موقعا پيدا ٿي پيا آهن، جتي ڪروڙين ماڻهون بهترين روزگار سان گڏ، پنهنجي ڪمائيءَ ۾ پڻ گهڻو اضافو ڪري رهيا آهن. دنيا ۾ آن لائين فري لانسنگ جون خدمتون ڏيندڙ ملڪن ۾پاڪستان چوٿين نمبر تي آهي. انفارميشن ۽ علم جي هن اڀرندڙ انقلابَ انساني زندگي جي هر شعبي ۾ معاشي ۽ سماجي طرح سان انقلاب برپا ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان جهڙي ترقي پذير ملڪن جي لاءِ هي هڪ سونهري موقعو آهي. پاڪستان ۾ هن وقت هر صوبي ۽ هر شهر ۾ ٽيليفون ۽ انٽرنيٽ جون سهولتون موجود آهن، ان سان گڏ موبائل فون جي ذريعي پڻ ٿري جي يا فور جي انٽرنيٽ تقريبن هر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ هلي رهي آهي. هن دور ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ نون ڊجيٽل اسڪلز جو ملڻ ئي اسان جي نوجوانن کي پوري دنيا ۾ پنهنجو نالو روشن ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري سگهي ٿو. ڊيجي اسڪلز گورنمينٽ آف پاڪستان جي وزارت ٽيليڪام ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو تربيتي پراجيڪٽ آهي جنهن جو مقصد پاڪستان جي ڏهہ لک نوجوانن کي ڊيجيٽل اسڪلز ۾ مفت تربيت فراهم ڪرڻ آهي. هن پروگرام جي هيٺ نوجوان فري لانسر، شاگرد ۽ پرفيشنلز وغيرہ کي آن لائن جاب مارڪيٽ ۾ عالمي طور تي موجود موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ جي لاءِ ضروري علم، هنر، ٽولز ۽ ٽيڪنيڪس سان عملي معلومات ڏني ويندي. هن پروگرام هيٺ پوري ملڪ مان خواهشمند ماڻهن کي فري لانس انڊسٽري جا ڪورس پڙهايا پيا وڃن. ڊيجي اسڪلز جا ڪورسَ هڪ ويب سائيٽ پورٽل تي لرننگ مئنيجمينٽ سسٽم تحت موجود آهن. جنهن ۾ رجسٽريشن ڪرائڻ کان پوءِ ويڊيو ليڪچرز ذريعي فري لانسنگ، ٽيڪنالاجي جا مختلف ڪورسَ سکي سکبا. جيڪي ڪورس هن پروگرام ۾ شروع ٿي رهيا آهن انهن جو تفصيل ڪجه هن طرح سان آهي: ڊجيٽل لٽريسي، ڊجيٽل مارڪيٽنگ، سرچ انجن آپٽيمائيزيشن، آٽوڪيڊ، ورڊپريس، ڪوئڪ بڪس فنانشل سسٽم، گرافڪس ڊيزائين، ڪريئيٽو رائيٽنگ، اِي ڪامرس مئنيجمينٽ ۽ فري لانسنگ.ڊجيٽل لٽريسي پروگرام ۾ توهان کي آفيس ٽولز جهڙوڪ: مائيڪروسافٽ ورڊ، ايڪسيل، پاور پوائينٽ، انٽرنيٽ هلائڻ ۽ اي ميل ايپليڪيشنز ۽ ڪمپيوٽر جي باري ۾ پڙهايو ويندو. ڊجيٽل لٽريسي پروگرام انهن دوستن جي لاءِ تمام ضروري آهي جيڪي ڪمپيوٽر ۾ گهٽ مهارت رکن ٿا، اهي هن ڪورس مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. ڊجيٽل مارڪيٽنگ جي ڪورس ۾ توهان کي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي مارڪيٽنگ ڪيئن ڪبي آهي ۽ لکين ڪروڙين سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن تائين ڪيئن پنهنجو مواد پهچائبو آهي ۽ ڪيئن هڪ ماهر ڊجيٽل مارڪيٽير ٿي ڪري فري لانسنگ ذريعي ڪمائي سگهبو آهي سيکاريو ويندو. سرچ انجن آپٽمائيزيشن جي ڪورس ۾ اوهان اهي تڪنيڪون سکندا جن جي ذريعي ڪمپنيون پنهنجو مواد سرچ انجڻين ۾ سڀ کان مٿي آڻي سگهن، هي هڪ تمام دلچسپ ڪورس آهي. آٽوڪيڊ ڪورس ۾ اوهان کي پروفيشنل ڊرائنگ، ڊزائين، ڊرافٽنگ آٽوڪيڊ سافٽويئر کي استعمال هيٺ آڻي سيکارياويندا. ورڊ پريس کي استعمال ۾ آڻي روزانا هزارين ويب سائيٽون جڙنديون آهن، هي هڪ ڪنٽينٽ مئنيجمينٽ سسٽم آهي، جنهن ۾ اوهان کي بنا ڪوڊنگ ۽ ڊويلپمينٽ اچڻ جي پنهنجون ويب سائيٽون ٺاهڻ سيکاريو ويندو. ڪوئڪ بڪس هڪ فنانشل مئنيجميٽ سسٽم آهي جيڪو پوري دنيا ۾ ڪمپنيون استعمال ۾ آڻي رهيون آهن، هن ڪورس سکڻ کان پوءِ اوهان فري لانسنگ ذريعي پنهنجي ڪلائينٽس جو ڪوئڪ بڪس تي پورو سرشتو سنڀالي ڪمائي سگهو ٿا. گرفڪ ڊزائين توهان هر طرف ڏسي سگهو ٿا، ٽي وي تي، انٽرنيٽ تي، اشتهارن ۾، اخبارن، رسالن ۽ سوشل ميڊيا تي، هن ڪورس ۾ اوهان کي ايڊاب فوٽو شاپ، ايڊاب ايلسٽريٽر ۽ ايڊاب ان ڊزائين سافٽويئر تي تربيت ڏني ويندي تہ جيئن اوهان هڪ بهترين گرافڪ ڊزائينر ٿي ڪري فري لانسنگ ذريعي هزارين ڊالر ڪمائي سگهو. ڪريئيٽو رائيٽنگ ۾ اوهان کي مختلف قسم جو لکڻيون، رپورٽون، بلاگز، ويب سائيٽن جي لاءِ مواد لکڻ، پروپوزل لکڻ ۽ ڪاپي رائيٽنگ جي باري ۾ سکيا فراهم ڪئي ويندي. اِي ڪامرس مئنيجمينٽ ڪورس ۾ اوهان کي آن لائين اسٽور ٺاهڻ، ڊومين، هوسٽنگ، اوپن سورس سافٽويئر استعمال ڪرڻ سيکارڻ سوڌو علي بابا پورٽل تي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ سيکاريو ويندو. فري لانسنگ جي ڪورس ۾ اوهان کي مشورا، تڪنيڪون سيکاريون وينديون جن کي استعمال ۾ آڻي اوهان هڪ ڪامياب فري لانسر ٿي سگهو ٿا. هن ڪورس ۾ اوهان کي فري لانس مارڪيٽ ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڇا نہ ڪرڻ گهرجي پڻ سيکاريو ويندو، آن لائين فري لانسنگ جي ويب سائيٽ مارڪيٽن جي باري ۾ سيکاريو ويندو. جيئن فائيوور، گروو ۽ فريلانسر وغيرہ کي استعمال ۾ آڻي ڪمائي سگهڻ شامل آهي. ڊيجي اسڪلز جو مقصد ملڪ ۾ فري لانسرن جي تعداد ۾ اضافو ڪرڻ آهي، جيڪي فري لانسرَ اڳ کان اهو ڪم ڪري رهيا آهن انهن جي ڪم ۾ اضافو ڪرڻ، فري لانسرن جي في ڪلاڪ آمدني ۾ اضافو ڪرڻ، في گهر ڪمائيءَ ۾ اضافو ڪرڻ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ آئي ٽي ايڪسپرٽس جي انگ ۾ اضافو ڪرڻ شامل آهن. هتي مان هڪ ڳاله اوهان کي ضرور ٻڌائيندو هلندستہ دوستو،هي مفت ڪورسَ آهن پر انهن ساڳين ڪورسن جي مارڪيٽ ۾ پرائيويٽ سينٽرن ۾ ٽريننگ جي قيمت لکين روپيا آهي. فري لانسنگ جي دنيا ۾ جيڪي دوست ڪم ڪري رهيا آهن اهي اندازن 32 ڊالر في ڪلاڪ جي حساب سان ڪمائي رهيا آهن ۽ توهان پڻ انهن مان هڪ ٿي سگهو ٿا. تہ دوستو، اچو بنا دير جي توهان هن پروگرام ۾ رجسٽريشن ڪرايون ۽ ڪجه ڪري ڏيکاريون.
دوستو! اسان جو نوجوان، ٻار، مرد ۽ عورتون پڙهي لکي، محنت ڪري جڏهن ڊگري وٺي مارڪيٽ ۾ اچن ٿا تہ انهن کي نوڪري جا موقع نہ ملڻ برابر هجن ٿا. جنهن تيزيءَ سان اسان جي آبادي وڌي رهي آهي ۽ جنهن تيزيءَ سان اسان جا نوجوان ڊگريون وٺي مارڪيٽ ۾ اچي رهيا آهن بدقسمتيءَ سان انهن کي انهن جي معيار مطابق نوڪريون نٿيون ملن يا وري نوڪريون ملن ئي نٿيون. هي وقت تمام قيمتي آهي، اسان کي هن نوڪري واري سوچ مان نڪرڻو پوندو ۽ پنهنجي قسمت جو فيصلو پاڻ ڪرڻو پوندو. توهان وٽ جيڪي اسڪلز آهن انهن کي استعمال ڪندي توهان تمام گهڻو ڪمائي سگهو ٿا ۽ جيڪو واڌارو ڪم اوهان کي ملي ٿو اهو توهان ٻين دوستن سانونڊي انهن کي پڻ ڪمائڻ جو موقعو فراهم ڪري سگهو ٿا. هن وقت اسان جي جيڪا وڏي ۾ وڏي ذميواري اها آهي تہ پنهنجي علائقي، ڳوٺ، شهر جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين هي پيغام پهچايون ۽ نوجوانن کي هن پروگرام بابت معلومات فراهم ڪريون تہ جيئن گهڻي کان گهڻا اسان جا ڀائر، اديون، بيروزگار،دڪاندار،گهريلو پڙهيل لکيل عورتون هن پروگرام ذريعي گهر ويٺي فري لانسنگ ۽ ٻين ڪورسنکيسکي پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ ڪمائڻ شروع ڪن. اڄ ڪله سوشل ميڊيا جو دور آهي، اسان جو موڪليل پيغام اسان جي دوستن تائين سيڪنڊن ۾ پهچي وڃي ٿو ۽ پوري دنيا جي لکين، ڪروڙين ماڻهن تائين پڻ پهچي ٿو. اسان هن ڊجيٽل دور ۾ پنهنجو گهڻو وقت سوشل ميڊيا تي گذاريون ٿا تہ اچو تہ هي پيغام پنهنجي مٽن مائٽن سڀني تائين پهچايون ۽ انهن کي هن مفت پروگرام مان فائدو حاصل ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪريون.

شاهنواز خان جوڻيجو   تحرير :عاشق حسين ساندتوکي ڪير وساري او سائين  جيسين موت نه ماري او سائينتوکي وسارڻ اوکو هوندو پنهنج...
28/08/2019

شاهنواز خان جوڻيجو
تحرير :عاشق حسين ساند
توکي ڪير وساري او سائين جيسين موت نه ماري او سائين
توکي وسارڻ اوکو هوندو پنهنجو پاڻ سان دوکو هوندو
جيسين موت نه ماري او سائين توکي ڪير وساري او سائين.
ماڻھو ته ڄمندو ئي مرڻ لاءِ آھي پر تمام گهٽ انسان وڃڻ کان پوءِ به زنده رهندا آھن. مرحوم شاهنواز جوڻيجو جو نالو اهڙين عظيم شخصيتن ۾ شامل ٿئي ٿو جن هميشه انسانيت جي پرچارڪ ڪئي آهي. برهمڻ آباد جي ماٿر ۾ رهندڙ هن شخص پنهنجي ڏات ۽ ڏاهپ، پنهنجي فڪر ۽ دانش توڙي سياسي بصيرت سبب، جنهن طرح عوام جي دلين ۾ پنهنجي لاءِ محبت جو ٻج ڇٽيو، ان جو مثال ملڻ محال آهي. هڪڙن ماڻهن جون زندگيون به بي سبب ۽ بي سبق گذري وينديون آهن، ۽ هڪڙن ماڻهن جا موت به ڪنهن پيغام جو درجو رکندا آهن. مرحوم جي زندگي به هڪ سبق هئي، ۽ ان جي جدائي ان کان به وڏو سبق آهي. دنيا ۾ ڪجهه انسان اهڙا به هوندا آهن جن جي هجڻ سان هيءَ دنيا هيءَ ڪائنات ڏاڍي خوبصورت لڳندي آهي هنن جو هجڻ هر تڪليف ۽ پريشاني کي منهن ڏيڻ جي سگهه ۽ جرئت پيدا ڪندو آهي جن جي هجڻ سان حوصلا ملندا آهن، جڏهن اهي عظيم انسان هن دنيا مان هليا ويندا آهن ته ڄڻ بهار جي موسم ۾ خزان اچي ويندي آهي. اهڙن امر انسانن ۾ مرحوم شاهنواز جوڻيجو پڻ شامل آهي جنهن جو ڪردار پهنجائپ ۽ عام ماڻهن جي لاءِ گهاٽو بڙجو وڻ ۽ ڇپر ڇانو هوندو هيو. جيڪو پاڻ ذهني ۽ جسماني تڪليفون ۽ پريشانيون برداشت ڪري ٻين کي خوشيون ڏيندو هيو.
مرحوم جي بهادري ۽ جرئت جا پڙاڏا اڄ به ماڻهن جي هجومن ۾ ٻڌندا رهندا آهيون ۽ ان وقت اسان جا ڪنڌ فخر سان اوچا هوندا آهن. اڄ به سنڌ واسي مرحوم کي ياد ڪندي پنهنجي اکين مان لڙڪ لاڙي وجهندا آهن. انهن عام غريب ماڻهن سان مرحوم جو هڪ اهڙو رشتو ۽ ناتو هوندو هو، جنهن جي اخلاق، ڪردار ۽ پنهنجائپ جي ڪري انهن هارين، مزدورن، غريبن، پورهيتن، مظلومن، محڪومن ۽ لاچار ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن بڻجي ويو هو. هي محبتن ۽ پنهنجائپ جا رشتا آهن. اهي هڪ طرف کان نه هئا. ٻنهي طرفن کان ادب، اخلاق جا مثال نظر ايندا هئا. پنهنجي علائقي جا ماڻهو ان شخص کي ڪيئن ٿا وساري سگهن. جيڪو سندن ڏکن ۽ سکن جو ساٿي هوندو هيو. هر ڏکي گهڙي ۾ انهن سان گڏ هوندو هيو پوءِ اهو مسئلو پوليس جي زيادتين جو هجي، يا وري برادرين جا پاڻ ۾ جهيڙا هجن، يا هاري زميندار جو مسئلو هجي، مطلب ته پنهنجي ادب، اخلاق، نياز مندي جي ڪري انهن ماڻهن لاءِ پنهنجو اخلاقي ڪردار ادا ڪندو هيو. هو سچ پچ تارن ۾ چنڊ جيان روشن هوندو هيو. جنهن کي اڄ به ماڻهو محبت ۽ پيار سان ياد ڪندا آهن.
اسان ٽنڊوآدم واسين کي اڄ به اهو ڏينهن ياد آهي جڏهن صبح جي وقت فيصلن جي امين وڏيري شاهنواز جوڻيجي جي لاڏاڻي جي خبر ڪنن تي پهتي هئي ان ڏينهن شهر کي ڄڻ ته واسينگ ڏنگي ويو هو، رستن تي نه صرف مرد پر عورتن کي به روئيندي ڏٺوسين، سنسان ۽ بيابان جيان چپ چپ شهر جڻ ته کائڻ پئي آيو چوندا آهن ته قدر وڃڻ کان پوءِ ئي ٿيندو آهي ۽ ان ڏينهن اها ڳالهه وري وري ذهن ۾ گونجڻ لڳي هئي ۽ ائين محسوس پئي ٿيو ڄڻ جسم مان ڪا شيءِ سن ٿي وئي هجي اهڙي ڪيفيت يا ته ڪنهن پنهنجي جي وڇڙڻ يا وري ڪنهن دلي لڳاءُ واري اهم شيءَ جي وڇڙڻ تي ئي ٿيندي آهي ۽ ان ڏينهن ئي خبر پئي ته هڪ ننڍڙي ڳوٺ جو وڏيرو هر عمر، هر نسل ۽ هر زبان جي ماڻهن ۾ ڇا ته مان رکندڙ شخصيت هو. موت برحق آهي پر ان ڏينهن موت تي ڪجهه عجيب قسم جي ڪاوڙ محسوس ٿي رهي هئي ڇو ته ان اسان کان هردلعزيز ۽ غريبن جي يار وڏيري شاهنواز جوڻيجو کي اسان کي ڌار ڪري ڇڏيو هو پر هن کي ڪهڙي خبر ته مرحوم اسان کان ظاهري طور جدا ٿيو هو هن جي ڏنل واٽ ۽ محبت اسان جي دلين ۾ تادم ياد رهندي. سٻاجهڙي سنڌ تي انسان اچن ٿا ۽ هليا وڃن ٿا ۽ هرڪو پنهنجو دور وڄائي وڃي ٿو پر ڪي ڪي انسان پنهنجي پويان يادون ۽ نه مٽجندڙ عڪس ڇڏي ويندا آهن جيڪي هميشه جي لاءِ ڌرتي جي رهواسين جي دلين ۾ چٽجي وڃن ٿا ۽ اهڙا پيارا ماڻهو مٺڙي سنڌ جي سونهن هوندا آهن قوم اهڙن نالن کي فخر سان کڻندي آهي. واقعي هو منهنجي سوچ کان به مٿانهون هيو، مان ان جي زندگي جي ڪهڙي پهلو تي لکان ان جي انسان ذات جي ڪيل محبت تي لکان يا ان جي غريبن لاءِ ڪيل سياست تي لکان يا ان جي ڪردار تي لکان مان ان جي زندگي تي گهڻو ته نه ٿو لکي سگهان پر هي مختصر جائزو ضرور وٺندس ته جئين هي انسان دوست اسان ۽ توهان جي دلين ۾ زندهه رهي هو هر ماڻهوءَ سان پيار ڪندو هو پاڻ کان ننڍو هجي يا وڏو هر ڪنهن کي هڪ جيتري عزت ۽ مان ڏيندو هو ڪنهن جو به ڪوبه ڪم هجي پوءِ ڏينهن هجي جا سياري جي رات هجي هي ڪم کي پورو ڪرڻ ۾ دير نه ڪندو هو. عقل ڏاهپ ۽ سورهيائي هڪ ئي ماڻهوءَ ۾ گڏ هجن اهو تمام گهٽ ڏسڻ ۾ آيو آهي پر اهي سڀ خوبيون جنهن شخصيت ۾ موجود هيون اهو هو شاهنواز خان جوڻيجو. وڏن پيرن ۽ ميرن جي شاهيءَ ۾ سڀ کان وڏو شاهي مان ماڻيندڙ خدا ترس مهمان نواز وڏو اوطاقي اوشاڪي پوشاڪي رئيس شاهنواز خان جوڻيجو سون هزارن ۾ لکن ۾ لاکيڻو ٿي گذريو آهي، پوري سنڌ اندر راڄوڻي برادري تڪرارن جا فيصلا نبيرڻ لاءِ جنهن به علائقي ۾ کيس مدعو ڪيو ويندو هو ته سندس فيصلن جي فتويٰ ڏينهن پهرن بدران چند ڪلاڪن ۾ ٻڌڻ لاءِ پري پري جا ماڻهو ڪهي ايندا هئا، ڌرين جون ڳالهيون، گواهن مشيرن جون بيان بازيون ٻڌڻ لاءِ شاهدن کي جدا جدا گهرائي ڳالهيون ڪرائڻ لاءِ دليلن ۽ ڪوڙن سچن ثبوتن جي کُڻن مان اهڙيون ڳالهيون ٽلي ڪڍبيون جيڪي فيصلي جي فتويٰ کي انصاف ۽ سچائي جي ميزان ۾ توري تڪي عدل جي ساهمي کي اهڙو سڌو ڪري بيهارينديون جو ٻڌڻ شرط ڌرين طرفان واهه واهه جي هوڪرن سان تاڙيون وڄي وينديون ۽ تاڻيل ڌريون پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي وينديون، هو اپر سنڌ ۾ لوئر سنڌ ۾ وڏو مشهور معروف ۽ هر دلعزيز شخصيت جو مالڪ هو، پنهنجي اصولن تي قائم رهندو هو، سياسي شطرنج منافقاڻه پاليسين کي فوري طور تي واجهي وٺندو هو، پر پيرن ۽ وڏيرن جي طبقاتي سماج ۾ جنهن به سياسي پارٽي کي ڇڏي ڪنهن ٻي پارٽي ۾ شامل ٿيو ته اتي به ساڳيا لاٽون ساڳيان چُگهه ڏسي حيران ٿي ويو، اهڙن خراب روين جي پرواهه نه ڪندي هو پوري سنڌ اندر برادري خوني تڪرارن جي ڀڙڪيل باهه کي اُجهائيندو ۽ وسائيندو رهيو، هو پوري سنڌ جي دوستن واقف ڪارن سان سک ۽ ڏک جي سڏ ملڻ شرط سڏ جو پير ڀرڻ پهچي ويندو هو، هو عقل جو اڪابر، ڏاهپ سان سرشار، بي ڊپو، غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ مسڪينن لاءِ ڇپر ڇانوءُ هو. شاهنواز جوڻيجو فيصلن جي امين طور مشهور هو ۽ سندس ڪيل فيصلا اڄ به تاريخ جو حصو آهن. هن جا فيصلا سنڌ بلوچستان تائين مشهور هئا. ماڻهو کيس امين ٺاهڻ لاءِ آتا هوندا هئا. هتي اسان وٽ اڪثر فيصلن ۾ ائين ٿيندو آهي ته ٻن ڌرين ۾ تڪرار کي نبيرڻ لاءِ فيصلو ڪندڙ ٻنهي ڌرين جا امين مقرر ڪندو آهي ۽ پوءِ فيصلو ڪندو آهي پر شاهنواز جوڻيجو ٻنهي ڌرين جو پاڻ امين هوندو هو ۽ حق جو فيصلو ڪندو هو. سندس ڪيل فيصلن کي ڪڏهن به ڪنهن چئلينج نه ڪيو. شاهنواز جوڻيجو نه صرف فيصلن جو امين پر سنگت ۽ دوستي جو تمام پڪو هو. جنهن سان هڪ ڀيرو واسطو ٿيس ان سان توڙ نڀائيندو هو. مرحوم شاهنواز جوڻيجو غريبن سان هميشه پيار ڪندو هو ۽ غريبن لاءِ ڏاڍن آڏو ڍال جو ڪردار ادا ڪندو هو. اهو ئي سبب آهي جو هن وفات ٿيڻ کان اڳ ئي پنهنجي اولاد لاءِ لکيل وصيت ۾ چيو ته غريب عوام منهنجو سرمايو آهي. امير جي ڀيٽ ۾ غريب وڌيڪ همدرد آهي. جيڪو مرڻ کان پوءِ به چار ڳوڙها ضرور ڳاڙيندو. جنهن جو واضع ثبوت سندس وفات تي ظاهر ٿيو ته سندس جنازي ۾ ايترا ماڻهو آيا جنهن جو ضلعي سانگهڙ جي تاريخ ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي. رستن تي نه صرف مرد پر عورتن کي به روئيندي ڏٺوسين. شاهنواز جوڻيجو پنهنجي اولاد کي اها به وصيت ڪئي ته دوست ۽ راڄ توهان جو خزانو آهن ان کي نه وڃائجو. غريبن جي هميشه مدد ڪجو ۽ ڏاڍ اڳيان نه جھڪجو. شاهنواز جوڻيجو پنهنجي جواني کان آخر تائين ڀلن گهوڙن جو شوق ۽ ذوق رکندو هو. سنڌ سونهاري جو شايد ئي ڪو اهڙو ميلو هوندو جنهن ۾ سندس گهوڙن ڊوڙون نه پاتيون هجن. شاهنواز جوڻيجو سياسي وابستگي کان مٿانهون ٿي راڄ کي پنهنجو سمجهندو هو. هر ننڍي توڙي وڏي سان هڪجهڙو سلوڪ ڪندڙ خوش مزاج مٿير مڙس کي اڄ به ماڻهو ڪچهرين ۾ حوالي طور ياد ڪن ٿا، ڇو ته هو هڪ نه وسرندڙ شخصيت هو. سندس ڳالهائڻ جو انداز ئي نرالو هو. پرائي کي پنهنجو ڪري ڇڏيندو هو. جنهن ڪري نه صرف علائقي پر سڄي سنڌ جا ماڻهو سندس عاشق هئا. هن پنهنجي ڪردار پنهنجي عملن سان ظاهر ڪيو ته هو هميشه زنده آهي. پاڻ سچ ڳالهائيندڙ هو پوءِ ڪنهن کي سچ وڻي يا نه . هڪ بهادر، بيباڪ ۽ ارڏو ذهين انسان هو. اهڙا عظيم سياستدان سچ پچ اسان لاءِ وڏو مثال آهن.شاهنواز جوڻيجو اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ زنده آهي. جنهن جو ثبوت سندس هر ورسي تي هزارين ماڻهن جي شرڪت آهي. جيڪي ساڻس اڄ به محبت ڪن ٿا. اڪثر ماڻهو چوندا آهن ته ڪنهن جي وڃڻ سان دنيا ۾ ڪا گهٽتائي ڪونه ايندي آهي پر حقيقت اها آهي ته هر شخص جي دنيا الڳ هوندي آهي انهن ماڻهن کان پڇو جيڪي مرحوم شاهنواز جوڻيجو جي سنگت ۾ رهيا ته سندس وڇوڙي کان پوءِ سندن زندگيءَ ۾ ڪيتري نه کوٽ پيدا ٿي وئي آهي جنهن جو پورائو ٿيڻ مشڪل آهي.

Porab Magazine august 2019
15/08/2019

Porab Magazine august 2019

Porab Magazine august 2019
15/08/2019

Porab Magazine august 2019

Address

Chania Paro Haji Shah Road
Tando Adam
68050

Telephone

0301-3512082

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Porab Publication Tando Adam posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share