انڌير نگري چرٻٽ راجا
سؤال جو جواب ڏيڻ بجاءِ صاحب ڪاوڙجي پيو صاحب اھا ڪاوڙ پنھجي گھر رکي ايندو ڪر عباس گل مستوئي کي اڪليو ۽ ننڌڻڪو نه سمجھ ،جيڪب آباد جي مهاڪرپٽ ڪاموري خان محمد جمالي جو آج نيوز جي ضلعي رپورٽر ۽ سينيئر صحافي عباس گل مستوئي سان بدتميزي ڪرڻ جي مذمت ڪيون ٿا
نصيرآباد: ــ 4 ڏينھن اڳ نصيرآباد ويجھو ڳوٺ گولو ڳنوانس ۾ دوستن ھٿان قتل ٿي ويل نوجوان 21 سالن سيف الله عرف جنيد ڳنوانس جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نہ ٿيڻ خلاف مقتول جي وارث عورتن، مردن ۽ ٻارڙن پاڪ ڪتاب کڻي سندس امڙ انصاف لاء پڪارو ڪندي
نوجوان اتحاد نصيرآباد طرفان پنجون اسٽڊي سرڪل صدر ساگر چانڊيو ساگري تونيو،توفيق ڪلھوڙو،شيراز چانڊيو ۽ مبين منگي جي اڳواڻي ۾ ٽائون حال نصيرآباد ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي دوستن شرڪت ڪئي، شاھ صاحب جي سر ڪلياڻ جي پھرين بيت تي ڪچھري ٿي گذري، سڀني آيل دوستن ان ڳالھ تي اتفاق ڪيو تہ لطيف محبت ۽ امن جو راھي آھي ۽ انتھا پسندي جو مخالف آھي، ان موقعي تي نوجوان اتحاد نصيرآباد جي اڳواڻن سموري سنڌ جي شاگردن لاء اھو پيغام ڏنو تہ ھن وقت لطيف سرڪار جي فڪر تي زبردست تحقيق ٿي چڪي آهي، ان جو جائزو وٺو ۽ عام سنڌي ماڻھن تائين لطيف جو فڪر پھچايو.
نصيرآباد
رسول بخش پليجو صاحب جي ڇھين ورسي تقريب ٿي گذري.
پليجو صاحب کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاء قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عنايت لاشاري, مرڪزي اڳواڻ عنايت تونيو, ذوالفقار ٻڌ, ضلعي آرگنائيزر معشوق مرکنڊ, اسد سنڌي, حفيظ تونيو, علي گوھر جتوئي, علي اڪبر شيخ, نوجوان اتحاد جي صدر ساگر چانڊيو, عوامي ورڪرز پارٽي جو اڳواڻ رياض ڦلپوٽو, سماجي اڳواڻ عاشق علي نوناري خطاب ڪيو. نوجوان فنڪار نديم سومرو قومي گيت پيش ڪيو.
نصيرآباد.نصيرآباد ۾ گذريل انڪروچمينٽ ھٽائڻ تان سبزي فروش پورھيتن ۽ انڪروچمينٽ عملي ۾ ٿيل چڪريون ۽ پورھيتن پاران احتجاجي مظاهرو ڪڍڻ وارو معاملو ٿي، سبزي فروش پورھيت ٽائون آفيس پهچي غلطي تسليم ڪري معافي ورتي، ڌريون ٺهي ويون.
نصيرآباد ڀرسان ڳوٺ گولو ڳنوانس ۾ پراسرار نموني فوت ٿي ويل نوجوان جنيد ڳنوانس واري واقعي جو مقتول نوجوان جي والد گلزار علي ڳنوانس جي فرياد تي ساڳئي ڳوٺ جي رهواسين سندس جي دوستن عبدالقيوم مسڻ،محمد علي دايو ۽ ٻن اڻ سڃاتل جوابدارن مٿان نصيرآباد پوليس ٿاڻي تي قتل ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.
نصيرآباد ۾ پ پ ۽ جي ڊي اي جي ڪارڪن ۾ جهيڙو: پ پ وارا شڪست ڏسي وڙهي رهيا آهن: جي ڊي اي اميدوار
نصيرآبادرپورٽ وحيد باداڻي نصيرآباد
گڏھ جي پئسن جي ڏيتي ليتي تان جهيڙو هڪ عورت سميت 4 ڄڻا زخمي
نصيرآباد...... نصيرآباد ٽائون ڪاميٽي جو ھنگامي اجلاس سيپڪو انتظاميا جي شھرين سان ناجائزين توڙي جي پوليس زيادتين خلاف قراردا منظور اجلاس جي شروعات پاڪ ڪتاب سان ڪئي ويئي تلاوت حافظ عاشق ڦلپوٽو ڪئي اجلاس جي صدارت چيئيرمين ٽائون ڪاميٽي انجنيئير يوسف عزيز ڇٽو ڪئي..حافظ عاشق علي ڦلپوٽو اجلاس کي خطاب ڪندي.رپورٽر وحيد باداڻي
شھري اتحاد نصيرآباد. شاھ لطيف پبلڪ پارڪ ۾ احتجاجي ڪئمپ قائم رهي
اڳواڻن جو چوڻ آھي ته سڀاڻي، ٽئين ڏينھن به احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي ويندي. ان کان بعد شھري اتحاد پاران شٽربند هڙتال جو سڏ ڏيندو ۽ آخرڪار انڊس ھاء وي بلاڪ ڪيو ويندو.