15/09/2024
ڀان سيد آباد (ن-ع) ڀان سيد آباد ۾ جشن عيد ميلادالنبي صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. جماعت اهل سنت پاران شهر کي ۽ دڪاندارن پڻ پنهنجي دڪانن کي ساون جهنڊن، ساون جهنڊين ۽ ساون بلبن سان سينگاريو ويو آهي. سڀاڻي رات جماعت اهل سنت پاران پير خليل احمد جان نقشبندي ۽ مولانا غلام محي الدين عطاري جي اڳواڻي ۾ هڪ پيادل ريلي ٽائون ڪاميٽي ڀان جي گيٽ کان عثمان سولنگي هوٽل تائين ڪڍي ويندي. بعد ۽ ڊاڪٽر صادق آرائين چوڪ تي هڪ عظيم الشان نعت خواني ڪئي ويندي. جڏهن ته 12 ربيع الاول جي ڏينهن، بروز اڱاري تي صبح جو درگاهه ويهڙ شريف کان موٽر سائيڪلن ۽ ڪارن تي مشتمل هڪ ريلي مفتي پير خليل احمد جان نقشبندي جي اڳواڻي ۾ ڪڍي ويندي. ريلي ڀان شهر جي مشهور درگاهه حضرت سخي سيد سليمان شاهه رح ۽ ڳوٺ ڀنڀڻ ۾ حضرت سخي سيد طالب حسين شاهه جي مزارن تي چادر چاڙهڻ بعد ڀان شهر جي مرڪزي مسجد سيد قبول محمد شاهه (لوهار مسجد) ۾ پهچندي، جتي هڪ عظيم الشان جلسو منعقد ڪيو ويندو. جنهن کي مفتي پير خليل احمد جان نقشبندي، مولانا قاضي عبدالغفور ۽ مولان غلام محي الدين عطاري ميلاد مصطفىٰ جي شان بابت خطاب ڪندا. بعد ۾ عرس مبارڪ جو لنگر تقسيم ڪيو ويندو. # _______________________ ڀان سيد آباد (ن-ع) ڀان سيد آباد ۾حضرت سخي سيد سليمان شاهه رح جو ساليانو 3 روزهه عرس مبارڪ / ميلو 21-20-19 سيپٽمبر بمطابق 16-15-14 ربيع الاول خميس جمع ۽ ڇنڇر تي نهايت جوش جذبي سان ملهايو پيو وڃي. ميلي جي پهرين ڌمال تي درگاهه جو سجادهه نشين سيد محمد شاهه چادر چاڙهي ميلي جو افتتاح ڪندو. اهڙي طرح ميلي جون مڪمل تياريون ڪيون ويون آهن. ميلي جي زائين جي خريداري لاءِ نوان مٺائي، ڪشمش ۽ ڪتابن جا دڪان لڳي ويا آهن. جڏهن ته ٻارڙن جي تفريح لاءِ سرڪس، لوهي ۽ ڪاٺ وارا چوڏول، راندين ۽ فوٽو گرافي جا اسٽال لڳي ويا آهن. ميلي جي ٽنهي ڌمالن تي ملاکڙو ڪيو ويندو. جنهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جا ملهه پهلوان پنهنجي پهلواني جو مظاهرو ڪندا. جڏهن ته راڳ روپ جون محفلون پڻ ٿينديون، جنهن ۾ نوجوان فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا. اهڙي طرح وچين ڌ مال تا شهري فلاح بهبود تنظيم پاران اظهر حسين بلوچ جي نگراني ۾ ثقافتي شو پڻ ڪيو ويندو. جنهن ۾ نوجوان فنڪار سجاد سولنگي، سيد ڪامران شاهه، نزاڪت علي برهماڻي ۽ ٻيا فنڪار لوڪ گيت ڳائي محفل جهومائيندا. محمد اسحاق ميمڻ نمائندهه عبرت ڀان سيد آباد 2024-9-15