انرجي منسٽر امتياز احمد شيخ شڪارپور جي مختلف امام بارگاھن جو دورو ڪيو وڌيڪ تفصيل سار نيوز
پوري دنيا جيان شڪارپور ۾ ب ھر طرف ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ نياز نگر ۽ سبيلن جو سلسلو جاري آهي
ان موقعي تي هر سال جيان هن سال به نيو شڪارپور پرنٽنگ پريس فيض علي شاهه اسٽريٽ لکي در ۾ 8 محرم الحرام جي حوالي سان نوجوانن پاران مٺي سبيل جو بندوبست ڪيو ويو ان موقعي تي مسافرن شھرين پاڙيسرين ۽ دوڪاندارن کي مٺي سبيل پياري وئي، جنھن جي نگراني استاد عمران قريشي، اخلاق احمد سومرو، جئپال، عمران شيخ ، خليل جمالي، عرفان قريشي، ڪامران قريشي ، عيدن منگي ۽ ٻين دوستن ڪئي
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران قريشي چيو ته امامن جي قربانين کي ياد ڪرڻ سان اسان جي دلين ۾ عزادارن جي خدمت جو جذبو پيدا ٿي ٿو
پوري دنيا جيان شڪارپور ھر طرف ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ نياز نگر ڪرڻ جو احتمام جاري
شڪارپور پلازه سينما لڳ سائين جي اوتاري ۾ 7 محرم جي حوالي سان نوجوانن پاران نياز نگر جو بندوبست ڪيو ويو ان موقعي تي مسافرن شھرين پاڙيوارن نياز کي نياز کارايو ويو نياز جي نگراني ۽ عزادارن جي خدمت ۾ سيد غضنفر شاھ نومان ميمڻ عدنان دايو
ثاقب ميمڻ جھانزيب راھوجو فرحان ڀٽو ساحل ڀٽو شامل ھيا نوجوانن ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عزادارن جي خدمت ۽ نياز ڪرڻ سان اسان کي سڪون ملندو آهي
تحفظ شڪارپور آرگنائيزيشن طرفان سوئيڊن پاران قرآن پاڪ جي بيحرمتي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
شڪارپور:ڪوٽ شاهو واسي پيش امام خالد ڀيو مٿان منشيات جو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف وارثن پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو احتجاج ڪندڙن سيف الله ڀيو,اسدالله ڀيو,مشتاق ۽ ٻين دانهيندي چيو ته هفتو اڳ ناپر ڪوٽ پوليس خالد محمود ڀيو کي گرفتار ڪيو هو ۽ پوليس خالد جي آزادي ٽي لک روپيه گهريا هئا اسان غريب آهيون پئسا نه ڏيڻ تان مٿس ڪوڙو منشيات جو ڪيس داخل ڪيو آهي هنن چيو ته خالد مسجد جو پيش امام ۽ ڇهن ٻارڙن جو پيء آهي سندس وارثن چيو ته اسان سان ناپر ڪوٽ پوليس ظلم ڪري ناانصافي ڪئي آهي احتجاج ڪندڙن وس وارن سميت آء جي سنڌ ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس پي شڪارپور کان گر ڪئي آهي ته واقعي جي انڪوائري ڪري مولوي خالد ڀيو مٿان داخل ڪيل ڪيس ختم ڪري کين آزاد ڪيو وڃي
شڪارپور بيورو چيف سار نيوز ڪليم الله سومرو جي رپورٽ.
شڪارپور آل ڪلرڪ ايسوسيئيشن احتجاجي مظاهرو