ويلڊن شڪارپور پوليس
شڪارپور پوليس 2 مغوي ٻارڙن وليد ميمڻ ۽ ناصر بکراڻي کي بازياب ڪرائي ورتو، بازياب ٿيل معصوم ٻارڙا وارثن حوالي، شھرين پاران پوليس جي حق ۾ نعريبازي.....
شڪارپور: شھيد سب انسپيڪٽر سھراب اوڍو جي نماز جنازه پوليس ھيڊ ڪوارٽر شڪارپور ۾ وڏي اعزاز سان ادا ڪئي وئي.
جنازي نماز ۾ ڊي آئي جي لاڙڪاڻہ ناصر آفتاب، ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ، ونگ ڪمانڊر رينجرز ھارون شھاب ۽ ايم پي اي پيپلز پارٽي عارف خان مھر، شھيد جي خاندان سميت سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ شھرين پڻ شرڪت ڪئي.
شھيد جو جسد خاڪي سرڪاري اعزاز ۽ سلامي سان گڏ ان جي اباڻي ڳوٺ محمدپور اوڍو ضلعو جيڪب آباد ۾ تدفين جي لاءِ روانو ڪيو ويو....
اڄ صبح چڪ ٿاڻي جي حد ۾ قادراڻي جتوئي ڳوٺ جي رھائشي ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش تي فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنھن ۾ بھادر ايس ايڇ او سھراب اوڍو وڙھندي زخمي ٿيو ان بعد ويجھي اسپتال سکر رينجرز ۾ زخمن جا سور نہ سھندي شھيد ٿي ويو..
ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ شهداء جي وارثن سان اظھار ھمدردي ۽ شھيد تي فخر جو اظھار ڪيو
عوام جي جان و مال جي حفاظت ڪرڻ واران آفيسرن جي قرباني رائيگان نه ويندي، ڏوھارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ پرعزم آهيون. ايس ايس پي شاھزيب چاچڙ
مون سميت منھنجي جوانن جا حوصلا بلند آھن ڏوھارين جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي. ايس ايس پي شاھزيب چاچڙ
شڪارپور: جھنگل شاهه وٽ ڦورو ھٿيارن جي زور تي معزز شھري رفيع ﷲ حاجاڻو کان موٽرسائيڪل ڦري رهيا آهن، شھري پنھنجا ٻار اسڪول کڻي وڃي رهيو هو ته 3 نامعلوم ھٿياربندن کيس ٻارڙن سميت يرغمال بڻائي سندس موٽرسائيڪل ڦري ويا، ڦر جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل، پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو.......
شڪارپور: ڳڙھي ياسين ۾ سردار مريد خان بھراڻي کان نامعلوم ڦورو ڪار، موبائيل فونز ۽ ٻيو سامان ڦري فرار ٿي ويا... متاثر پاران روڊ بلاڪ ڪرڻ جو چتاءُ....
ڇا واقعي ھن صحافي جون ڳالهيون صحيح آهن؟
ڇا واقعي غريب فوت ٿي وڃي ٿو ته فوتگي کان پوءِ سندس وارث ويتر ويل ۾ پئجي ٿا وڃن؟
شڪارپور: برسات ۾ صحت کاتي جي ملازمن پاران DHO وسيم شيخ ۽ مليريا انچارج اياز ابڙو خلاف احتجاجي مظاهرو، نعريبازي.....
شڪارپور: وقفي وقفي جي برسات شھر کي ٻوڙي ڇڏيو، روڊن رستن تي پاڻي بيھجي ويو، بجلي معطل.....
شڪارپور: مسلسل ھلندڙ برسات سبب شڪارپور شهر جا مک روڊ رستا پاڻي ھيٺ اچي ويا..... مواصلاتي نظام درھم برھم
شڪارپور: منڇر شاھ ويجھو 6 ورهين جي معصوم نينگري عائشه چانڊيو گٽر جو ڍڪ کليل هجڻ سبب گٽر ۾ ڪري پئي،
وارثن ڪلاڪ کانپوء نينگري کي گٽر مان ڪڍي سول اسپتال پهچايو جتي عملي پاران نينگري جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي...
وارث معصوم جو لاش ايمبولينس/ ميت گاڏي جي سهولت نه ملڻ سبب وارث لاش رڪشه ۾ کڻائي ويا،
نينگري جي وارثن پاران جيڪب آباد باءِ پاس روڊ تي لاش رکي انتظاميه خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.....
ٽنڊو الهيار شهر ۾ ڊوائيس مافيا پاران پوليس اھلڪارن کي ڪٽکو، پوليس اھلڪار رتورت، سينٽر تي آيل عورتن ۾ ڀاڄ، مارڪٽ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل.....
شڪارپور: 10 ڏينهن به ڳوٺ عبدالغفور بروھي قاضي پٽي ۾ گرمي کان بچاءُ خاطر قائم ٿيل ڪئمپ تي شربت ۽ پاڻي پيئارڻ جو سلسلو جاري رھيو.......
شڪارپور: مسافرن ۽ ڳوٺاڻن کي گرمي کان بچائڻ لاءِ ڳوٺ عبدالغفور بروھي قاضي پٽي ۾ وڏيري برڪت بروھي جي تعاون سان شربت ۽ ٿڌي پاڻيءَ جو ڪئمپ ھڪ ھفتي کان قائم.....