Rj Azad Mari Official

Rj Azad Mari Official لائيو شو سنڌي شاعري ۽ اسٽيٽس لاءِ پيج کي لائڪ ۽ فالو ڪندا
(5)

محبوب سائين اوهان کي جنم ڏينهن جون اڻڳڻيون واڌيون
14/02/2024

محبوب سائين اوهان کي جنم ڏينهن جون اڻڳڻيون واڌيون

انا لله وانا اليه راجعون 😭هاٽ ايف ايم سانگهڙ جي بهترين آواز آر جي راجا رضوان جلباڻي صاحب جو چاچو  حاجي خان جلباڻي رضا ال...
06/02/2024

انا لله وانا اليه راجعون 😭
هاٽ ايف ايم سانگهڙ جي بهترين آواز آر جي راجا رضوان جلباڻي صاحب جو چاچو
حاجي خان جلباڻي رضا الاهي سان انتقال ڪري ويو آهي جنهن جي جنازا نماز اڄ شام 5:00 وڳي ڳوٺ محمد صديق جلباڻي 24 چڪ ۾ ادا ڪئي ويندي
Raja Rizwan Official

Rj Raja Jalbani

03/02/2024

Mitho Sanghrai

31/01/2024

ريڊيو پاڪستان پاران مشاعرو
ايف ايم 101 ريڊيو پاڪستان ڪراچي جو بهترين آر جي مصطفىٰ شر بلوچ صاحب منهنجا احساس پيش ڪندي

سيڪنڊ واري سئي....ترجمو : مُبين چنا گھڙيءَ ۾ ٽي سوئيون هونديون آهن، جنهن مان هڪ سوئي کي سيڪنڊ واري سئي سڏيو ويندو آهي، ه...
30/01/2024

سيڪنڊ واري سئي....
ترجمو : مُبين چنا

گھڙيءَ ۾ ٽي سوئيون هونديون آهن، جنهن مان هڪ سوئي کي سيڪنڊ واري سئي سڏيو ويندو آهي، هيءَ سئي پنهنجو وجود تہ رکندي آهي، پر ان جو ذڪر ناهي ٿيندو.
سڀ ائين چوندا آهن تہ ڏھ لڳي ويھ منٽ ٿيا آهن.
ڪڏهن ڪنهن ائين ناهي چيو تہ ڏھ لڳي ويھ منٽ ۽ پندرهن سيڪنڊ ٿيا آهن
جڏهن تہ هي سوئي ٻنهي سوئين کان وڌيڪ محنت ۽ ڪم ڪندي آهي ۽ ٻنهي کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ائين ئي اسان جي زندگيءَ ۾ بہ ڪيترائي ماڻهو سيڪنڊ واري سوئي وانگر ڪم ڪندا آهن جئين اسان جا والدين ۽ محترم استاد، جن جو ذڪر تہ ڪٿي ناهي ٿيندو پر اسان کي اڳتي وڌڻ ۾ انهن جو ڪردار ضرور هوندو آهي.
ﷲ تعاليٰ اسان جي والدين ۽ استادن کي سدائين خوش ۽ سلامت رکي.

11/01/2024

*والدين جي ڳالھ تي ايترو يقين رکو*
*جيترو دوا 💊 تي رکندا آھيو*
*ٿوري* *ڪڙي ھوندي*
*پر فائديمند ھوندي*💯🥰❣️

04/01/2024

شاھَ سائين جي سورمي سهڻي جي آڳُرَ تي پنهنجي تخليق پيش ڪندي

#غزل
اوهان ساڻ ملبو نئين سال ۾
وڇوڙن کي وڍبو نئين سال ۾

اڪيلو ئي گهاريو گهڻو پاڻ آ
سنگت کي ئي سڏبو نئين سال ۾

اهي جي نہ آيا تہ ڀي خير آ
انهن ڏي ئي هلبو نئين سال ۾

ڏبو ھانءُ ڪوري حبيبن کي اڄ
سڄو درد چئبو نئين سال ۾

اسان جي ٻُڌي ڪونہ ڪنهن آ ڪڏهن
اوهان کي ئي ٻُڌبو نئين سال ۾

آزاد مري

    Friends
30/12/2023

Friends

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نوجوان شاعر آزاد مريءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”اکين جا پنڌ“ اوهان اڳيان حاضر آهي. آزاد مري سنڌ جي نوجوان شاعرن ۾ هڪ ڄاتل سڃاتل…

27/12/2023

سانگهڙ ادبي فورم پارا رٿيل منهنجي شعري مجموعي ( اکين جا پنڌ ) جي مهورتي تقريب ۽ مشاعرو
راول رزاق رند پنهنجي شاعري پڙهندي
Friends

26/12/2023

ااکيون اڙائي وجود پنهنجو ڇڏيو وساري
سانگهڙ ادبي فورم پارا رٿيل منهنجي شعري مجموعي ( اکين جا پنڌ ) جي مهورتي تقريب ۽ مشاعرو
بيتاب مير حسن مري پنهنجي شاعري پڙهندي
Friends

25/12/2023

سانگهڙ ادبي فورم پاران رٿيل ڪتاب ( اکين جا پنڌ ) جي مهورتي تقريب ۽ مشاعرو
اڪرم لغاري وقار لغاري جو غزل گنگنائيندي

25/12/2023

محبوب چمي چپ ائين ٿئي تہ مزو ٿئي
سانگهڙ ادبي فورم پارا رٿيل منهنجي شعري مجموعي ( اکين جا پنڌ ) جي مهورتي تقريب ۽ مشاعرو
استاد مٺو سانگهڙائي پنهنجي شاعري پڙهندي
Mitho Sanghrai

17/12/2023

فنڪار . سڪندر فقير جي آواز ۾ گل حسن لغاري جا خوبصورت احساس اوهان باذوق سڄڻن جي نظر

03/12/2023

Friends

 #غزل                                               وصل کي تون ڇڏ  کڻي ۽ ڪا  هجر جي  ڳالھ ڪرپيار  جي  هن  ولولي ۽ تون  ف...
03/12/2023

#غزل


وصل کي تون ڇڏ کڻي ۽ ڪا هجر جي ڳالھ ڪر
پيار جي هن ولولي ۽ تون فڪر جي ڳالھ ڪر

هي نمازون يار روزا مندرن کي ڇڏ کڻي
هُن سچي محبوب پياري جي ذڪر جي ڳالھ ڪر

توسان گڏجي ڏينهن گذريا رات گذري سو بہ ڇڏ
تون وڃڻ جي ويل ويهي ڪجھ عصر جي ڳالھ ڪر

ڪيترا ٿو رنگ بدلي هر گهڙي سانڊي جيان
هن زماني جي چڪر ۽ تون مَڪر جي ڳالھ ڪر

پاڻ ٿي آزاد هاڻي پيا وڃون ٿا تو وٽان
روز ڳنڍجڻ ۽ ڇڄڻ جي هر چڪر جي ڳالھ ڪر

آزاد مري

وقت جو بدن بي لباس آهيسالن کان ستل صديون اکيون کوليآرس ڀڃي رهيون آهنمنٽ ڪلاڪ پهرننگا  نچي رهيا آهنگهڙيال جا ڪانٽارومانوي...
02/12/2023

وقت جو بدن بي لباس آهي
سالن کان ستل صديون
اکيون کولي
آرس ڀڃي رهيون آهن
منٽ ڪلاڪ پهر
ننگا نچي رهيا آهن
گهڙيال جا ڪانٽا
رومانوي نظم گنگنائي
ڪنهن ڪنواري چپن کي
چمڻ جي ڳولا ۾
گول گول گهمي رهيا آهن
سانجهيءَ جي هٿن ۾
ميڻ بتيون
وسامي چڪيون آهن
راتيون ڏينهن سان لائون لهڻ لاءِ
ڪنوارون بڻجي
بيڊ روم سجائي رهيون آهن
لڳي ٿو
گلابن جي بدن تان ماڪ ڦڙن
جو لباس لاٿو ويندو
۽
چانڊوڪين کي چمين سان
وهنجاريو ويندو
آزاد مري

نيڻ ڇا  ٻوٽياسين ننڊ  لاءِخوابن جا اچي ڪٽڪ لٿا                                     آزاد مري
01/12/2023

نيڻ ڇا ٻوٽياسين ننڊ لاءِ
خوابن جا اچي ڪٽڪ لٿا
آزاد مري

نم جهڙي نينگري تونانڊلٺي رنگن کا وڌيڪ حسن رکين  ٿييو ڪلپس جون قطارونبہ توکي نمي سجدو ڪنديون آهنڌرتيءَ جي فطرت گواه آهيتو...
30/11/2023

نم جهڙي نينگري
تون
انڊلٺي رنگن کا وڌيڪ حسن رکين ٿي
يو ڪلپس جون قطارون
بہ توکي نمي سجدو ڪنديون آهن
ڌرتيءَ جي فطرت گواه آهي
تون ڪائناتي رنگن کان وڌ
اتم ۽ اعلىٰ آهين
منهنجون هي سڀ تخليقون
تنهنجي ثنا ڪندي
ڪڏهن ٿڪيون ناهن
تنهنجا نيڻ
منهنجي شاعري جو ڪافيو
۽ تنهنجي مرڪ
منهجي تخليقن جو رديف آهن
تنهنجي جسامت
شاعري جو وزن بحر
۽
تنهنجي ڇاتي منهنجي شاعري
مجموعي جو ٽائيٽل آهي
آزاد مري

چپن تي چمي کانپوءِ جو امرت رس جياپي جي لئہ وڏي معنىٰ رکي ٿو مون مڌ تہ ناهي پيتو پر محبوب جي چپن جي پڪ پيتي آھيجنهن ۾ ھزا...
30/11/2023

چپن تي چمي کانپوءِ جو
امرت رس جياپي جي لئہ وڏي معنىٰ رکي ٿو
مون مڌ تہ ناهي پيتو پر
محبوب جي چپن جي پڪ پيتي آھي
جنهن ۾ ھزارين موکين جا هزارين مٽ
اُپٽيل هئا
مون پنھنجي زندگي صرف اُن پڪ
تي ئي نڇاور ڪري ڇڏي
باقي ٻيا جنم محبوب جي هڪ هڪ ادا
تي قربان ڪندو رهندس
هن زندگي جي سفر ۾
صرف اهيو ئي حاصل ٿيو
۽ باقي سڀ ٻُڙي جي صورت ئي رهيو
ان هڪ پڪ ۾ ئي مڻن جو منافو مليو

آزاد مري

هوڳالهين جي ڳنڍکوليندي پڇي ٿيڀاڪر گرم  ۽چميون ايتريون وڻندڙڇو هونديون آهن ؟مونهن جو ڏڪندڙ جسم ڀاڪرن ۾ ڀري چپن مٿان چپ رک...
29/11/2023

هو
ڳالهين جي ڳنڍ
کوليندي پڇي ٿي
ڀاڪر گرم
۽
چميون
ايتريون وڻندڙ
ڇو هونديون آهن ؟
مون
هن جو ڏڪندڙ جسم
ڀاڪرن ۾ ڀري
چپن مٿان چپ رکي چيو
ڀلا تون ٻڌاءِ
چمي جو ذائقو ڪهڙو هوندو آهي
آزاد مري

آزاد مري               چوسٽو               جيتجي  يا  پوءِ  کڻي  هارائجي               ڪيترو  ڏس  پاڻ  کي  تڙپائجي      ...
29/11/2023

آزاد مري
چوسٽو
جيتجي يا پوءِ کڻي هارائجي
ڪيترو ڏس پاڻ کي تڙپائجي
وقت جا هاڃا ڏسين ٿو او پرين
اچ تہ هاڻي ڳل ڳراٽي پائجي

نثري ٽڪراآءُرڃ جي اها رڙ آهيانجنهن کياڄ تائين ڪير ڪنائي ناهي سگهيودردمون ۾ نہپرآءُ درد ۾ رهندو آهيانمونپاڻ کي ان ڪري پي ...
28/11/2023

نثري ٽڪرا

آءُ
رڃ جي اها رڙ آهيان
جنهن کي
اڄ تائين ڪير ڪنائي ناهي سگهيو

درد
مون ۾ نہ
پر
آءُ درد ۾ رهندو آهيان

مون
پاڻ کي ان ڪري پي ڳوليو
متان
ڪٿي تون ملي پوين

توکي
ڳوليندي
آءُ وڃائجي وڃان تہ
مونکي گلابن ۾ ڳولجان

توکي
وسارڻ ان ڪري
ناممڪن آ
جو اڄ تائين ساھُ کڻڻ
ڪير بہ وساري ناهي سگهيو

مون
سڀ احساس
پوپٽ جي پرن تي اتاري ڇڏيا آهن
وقت ملئي تہ پڙهي وٺجان

آزاد مري

دنيا ۾ ڪوڙن ماڻهن کي ئيوڏا هنر ايندا آهنسچا ماڻهو تہالزامن ۾ ئي مري ويندا آهن
25/11/2023

دنيا ۾ ڪوڙن ماڻهن کي ئي
وڏا هنر ايندا آهن
سچا ماڻهو تہ
الزامن ۾ ئي مري ويندا آهن

14/11/2023

30/10/2023

عاشق علي مڱڻهار سان مختصر ڪچهري ؛ حاجي شاھ ؛ فقير ابراهيم قهيري ۽ حمل فقير جي شاعري اوهان باذوق سڄڻن جي نظر

29/10/2023

برِ صغير جي عظيم صوفي ڪلاڪار فقير جمال الدين جي آستاني تي سندس ئي فرزند صوفي راڳي فقير برڪت جمال ۽ سوني فقير جي آواز ۾ جمال الدين فقير جي شاعري اوهان باذوق سڄڻن جي نظر ڪجي ٿي

27/10/2023

عاشق علي مڱڻهار سان مختصر ڪچهري سانوڻ فقير جي شاعري باذوق دوستن جي نظر

23/10/2023

عاشق علي مڱڻهار سان مختصر ڪچهري

22/10/2023

جيئون پيا هن زماني ۾ ڪپڙا مٽي مٽي
هڪڙي ڏينهن کڻي ويندا
هڪڙي ئي ڪپڙي ۾ ڪلها مٽي مٽي

20/10/2023

Address

Sanghar

Telephone

+923343166553

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Rj Azad Mari Official posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Share

Category


Other Video Creators in Sanghar

Show All