Jastujo news reporter

  • Home
  • Jastujo news reporter

Jastujo news reporter khabro or ashtyrat k lya rabta Kar kindly thanks news reporter SuKKuR jastujo news

ويلڊن لاڙڪاڻو پوليسلاڙڪاڻو پوليس  همت ڪري شهيد اهلڪارن جو ٿڏي تي پلاند ڪري ڇڏيو ڏوهارين سان مقابلو ڪندي 2 ڄڻا مارڻ جي دع...
25/05/2021

ويلڊن لاڙڪاڻو پوليس
لاڙڪاڻو پوليس همت ڪري شهيد اهلڪارن جو ٿڏي تي پلاند ڪري ڇڏيو ڏوهارين سان مقابلو ڪندي 2 ڄڻا مارڻ جي دعوا ٽيون زخمي حالت ۾ گرفتار

زندگي ۾ اوھان جیترو به پريشان ھجو چار شيون ڪڏھن نه ڪيو نمبر (1)ڪنھن سان ڪڏھن گڏيل ڪاربارو نه ڪجو چاھي رشتدار ھجي يا ڀاء ...
24/05/2021

زندگي ۾ اوھان جیترو به پريشان ھجو چار شيون ڪڏھن نه ڪيو
نمبر (1)ڪنھن سان ڪڏھن گڏيل ڪاربارو نه ڪجو چاھي رشتدار ھجي يا ڀاء ھجي
نمبر(2)جيترو به تنگ ھجو ٻاھرين ملڪ نوڪري لاء نه وڃو
نمبر(3)جيڪڏھن سادي تعليم مٽيرڪ, انٽر, بي اي, ايم اي ,ڪرڻي آھي ته وقت نه وڃايو مٽيرڪ کان بعه پنھنجو نندڙو ڪاربارو شروع ڪيو ڪاربارو سان گڏ پرائيوٽ تعليم ڪندا رھو ڪاربارو لاء پئيسا ناھين ته ھنر سکي وٺو يا مارڪيٽنگ جو ڪم شروع ڪيو پنھنجي علائقي ۾ جيترو وقت توھان انٽر بي اي يم اي ڪرڻ لڳائيندو ايتري تائين توھان جي مارڪيٽ ۾ جان پھچان سٺي ٿئي ويندي ۽ پنھنجو اخلاق بھتر ڪيو مارڪيٽ جي دنيا جا بادشاھ ٿئي وڃو نه ته 15ھزار جي نوڪري لاء پريشان ٿيندا اھا به نه ملندي جنھن وقت اوھان نوڪري لاء پريشان ھوندا جيڪڏھن اوھان محنت ڪئي ھوندي پنھنجي ڪاروبار جا مالڪ ٿئي اڇا ڪپڙا پائي سٺي زندگي گذاري رھيا ھوندا
نوٽ, ھڪ ڳالھ ياد رکو نوڪري وارو ماڻھون ڪڏھن به زندگي ۾ امير ناھيون ٿيندو امير ڪاروباري ماڻھون ئي ٿيندو آ,
نمبر(4) توھان شرم ڇڏي ڏيو ماڻھون ڇا چوندا ڪوئي به پنھنجو نندڙي کان نندڙو ڪم شروع ڪيو ماڻھون جو ڪم آھي ڳالھيون ڪرڻ ڪم ڪرڻ ۾ شرم محسوس نه ڪيو
ضرورت وقت ڪوئي به ڪم ناھيون ايندو ماڻھون رڳو صلاح ۽ مشورا ڏيندا اوھان کي
وقت کي ضائع نه ڪيو 14سال زندگي جو نتيجو آھي پٺيان نه نھاريو
نوڪري کي تلاش ڪرڻ ڇڏيو پنھنجو ذاتي ڪاروبار ڪيو وقت نه وڃايو ماڻھون اوھان سان مطلب جي حد تائين رشتو رکندا پئيسو ھوندو ته ھر ماڻھون اوھان جو رشتيدار ۽ دوست ھوندو مھرباني
Cp

پاڪ آرمي کان مدد طلب  شڪارپور پوليس جا جوان شهيد ڪري سندن جي اي پي سي قبضي ڪري مٿان چڙهي خوشي ۾ فائرنگ ڌاڙيلن جون جهمريو...
23/05/2021

پاڪ آرمي کان مدد طلب

شڪارپور پوليس جا جوان شهيد ڪري سندن جي اي پي سي قبضي ڪري مٿان چڙهي خوشي ۾ فائرنگ ڌاڙيلن جون جهمريون وڊيو وائرل

ھڪ پٽ پنھنجي بزرگ پيءُ کي رات جي ماني کارائڻ لاءِ ھڪ سٺي ريسٽورينٽ ۾ وٺي ويو، ريسٽورينٽ جي حال ۾ ڪافي ٽيبلون پيل ھيون پر...
23/05/2021

ھڪ پٽ پنھنجي بزرگ پيءُ کي رات جي ماني کارائڻ لاءِ ھڪ سٺي ريسٽورينٽ ۾ وٺي ويو، ريسٽورينٽ جي حال ۾ ڪافي ٽيبلون پيل ھيون پر ڪافي ٽيبلن تي ٻيا ماڻھو ماني کائي رھيا ھئا. وچ ۾ خالي پيل ٽيبل تي پيءَ کي ويھاري سندس پسند جي طعام جو آرڊر ڪيو.

ماني کائڻ دوران بزرگ پيءُ ڪيترائي دفعا ماني پنھنجي ڪپڙن تي ڪيرائي ڪپڙا خراب ڪيا، ريسٽورينٽ ۾ ويٺل ٻيا ماني کائيندڙ ماڻھو پوڙھي کي نفرت جي نگاھ سان ڏسي رھيا ھئا پر پٽ صبر ڪري خاموشي سان پوڙھي پيءَ کي ماني کارائيندو رھيو.

ماني کائڻ کان پوءِ بنا ھچڪچاھٽ ۽ بنا شرم جي پٽ پوڙھي پيءَ کي واش روم ۾ وٺي وڃي ھٿ منھن ڌورايا، خراب ٿيل ڪپڙا صاف ڪرايا، وارن کي ڦڻي ڏني، عينڪ صاف ڪري پارائي ۽ پوءِ ٻاھر وٺي آيو. ويٺل سڀ ماڻھو خاموشي سان ان کي ڏسي رھيا ھئا. پٽ ڪائونٽر تي بل ادا ڪيو ۽ پوڙھي پيءَ کي وٺي ٻاھر نڪرڻ لڳو.

تڏھن اتي ماني کائيندڙ ھڪ ٻئي بزرگ ان ڇوڪري کي سڏ ڪيو ۽ ان کان پڇيو ”ڇا توکي نٿو لڳي ته تون ھتي پويان ڪجھ ڇڏي وڃي رھيو آھين“۔؟
ڇوڪري جواب ڏنو ” نه سائين آءَ ڪجھ به نه ڇڏي وڃي رھيو آھيان.“

بزرگ چيو ” پٽ تون ھتي ڇڏي وڃي رھيو آھين ھر ھڪ پٽ جي لاءِ سبق ۽ ھر ھڪ پيءَ جي لاءِ اميد“۔۔۔!!!

عام طور تي اسان پنھنجي بزرگ ماءَ پيءَ کي پاڻ سان گڏ ٻاھر وٺي وڃڻ پسند نه ڪندا آھيون ۽ اھو چئي ٽاري ڇڏيندا آھيون ته توھان ھلي ڇا ڪندا؟ توھان کان ڪجھ کائجي به نٿو، توھان گھر ئي ويٺا ھجو ته ئي سٺو آھي۔۔۔

ڇا توھان ڀلجي ويا جڏھن توھان ننڍا ھئا ۽ توھان جا ماءَ پيءَ توھان کي جهولي ۾ کڻي پاڻ سان گڏ وٺي ويندا ھئا، توھان جڏھن چڱي نموني کائي به نٿي سگھيا تڏھن ماءَ پنھنجي ھٿن سان ماني کارائيندي ھئي ۽ گرھ ڪري وڃڻ تي ڪاوڙ بجاءِ مسڪرائي پيار ڪندي ھئي، پوءِ اھي ماءَ پيءَ پوڙھاپڻ ۾ بار ڇوٿا لڳن۔۔۔؟؟؟

”ماء پئ جي خدمت ڪريو ۽ انھن سان پيار ڪريو“....

ڇاڪاڻ ته ھڪ ڏينھن توھان به پوڙھا ٿيندا ۽ جيڪو سلوڪ توھان پنھنجي ماء پئ سان ڪيو آھي اھو ساڳيو ئي وھنوار توھان سان ٿيندو ان وقت پنھنجي اولاد کان خدمت جي اميد نه ڪجو.

23/05/2021

سکر (رپورٽر الله رکيو کوسو ) موٽر وي پوليس سکر جو احسن قدم، نيشنل هاءِ وي اين فائيو تي هلندڙ سال پهرين رمضان کان سکر سيڪٽر جي مختلف هنڌن تي آءِ جي موٽر وي سيد ڪليم امام، ايڊيشنل آءِ جي سائوٿ ريجن جاويد علي مهر ۽ ڊي آءِ جي موٽروي سنڌ علي شير جکراڻي جي خصوصي هدايتن تي ايس پي موٽر وي سکر جاويد اقبال چڌڙ جي نگرانيءَ هيٺ ايندڙ ويندڙ گاڏين جي ڊرائيورن ۽ مسافرن کي روڊ سيفٽي بابت آگاهي سميت موٽر وي پوليس جا آفيسر نيڪي ۽ خدمت جي جذبي تحت افطاري جو سامان في سبيل الله ورهائي رهيا آهن، ان ڏس ۾ اين فائيو ۽ موبائيل ايجوڪيشن يونٽ سکر جي آفيسرن طرفان نيشنل هاءِ وي جي مختلف هنڌن تي ايند ڙ ويندڙ ننڍي وڏي گاڏين جي مسافرن ۾ وڏي مقدار ۾ في سبيل الله افطار لاءِ باڪس ۽ ٿڌي شين سميت روڊ حادثن کان بچاءَ ۽ ٽريفڪ قانون بابت مفيد آگاهي ڏيڻ سميت روڊ سيفٽي بابت پمفليٽ پڻ ورهايا،ايس پي موٽر وي جاويد اقبال چڌڙ موٽر وي پوليس سکر کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته ڊرائيورن کي سختي سان پابندي ڪن ته هو حڪومت طرفان جاري ڪيل ڪرونا ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪندي فيس ماسڪ جو استعمال يقيني بڻائن ۽ سفر دوران تيز رفتاري کان پاسو ڪن، سمورين احتياطي اُپائن کي اپنائيندي پنهنجي ٻين جي زندگين کي محفوظ بڻائن، ان موقعي تي مسافرن موٽر وي پوليس جي لاءِ نيڪ جذبن جو اظهار ڪيو،سندن چوڻ هو ته قومي شاهراهن تي موٽر وي پوليس پنهنجي ڊيوٽي ديانتداري ۽ فرض شناسي سان انجام ڏئي رهي آهي، جنهن کي هر پاڪستاني قدر جي نظر سان ڏسي ٿو ۽ مسافرن لاءِ افطاري جهڙي نيڪ عمل ۾ حصو وٺڻ موٽر وي پوليس کي ٻين ادارن کان ممتاز بڻائي ٿو ،جنهن تي موٽر وي پوليس کي سلام پيش ڪريون ٿا.

Beshak
23/05/2021

Beshak

شاھنواز ڀٽو جي اسرائيل سان ڪيل ويڙھشھيد شاھنواز ڀٽو فلسطين ۾ پنھنجي فورس سميت ترسيل ھو ۽ جڏھن شھيد کي خبر پئي تہ اسرائيل...
19/05/2021

شاھنواز ڀٽو جي اسرائيل سان ڪيل ويڙھ

شھيد شاھنواز ڀٽو فلسطين ۾ پنھنجي فورس سميت ترسيل ھو ۽ جڏھن شھيد کي خبر پئي تہ اسرائيل فلسطين تي حملي ڪرڻ لاء پنھنجي فوج موڪلي رھيو آھي تہ شھيد شاھنواز پنھنجي موڀي ڀاء مير مرتضي ڀٽو ۽ فلسطين جي صدر ياسر عرفات کي بغير ٻڌائي پنھنجي فورس وٺي اسرائيل سان وڙھڻ لاء نڪري پيو ۽ جڏھن ياسر عرفات کي خبر پئي تہ شاھنواز ڀٽو پنھنجي گوريلا فورس سان اسرائيل سان وڙھڻ لاء نڪتو آھي تہ ياسر عرفات بارڊر جي ويجھو پنھنجي فوجي ڇانوڻي تي ڳالھايو ۽ چيو تہ شاھنواز ڀٽو پنھنجي ساٿين سميت اسرائيل سان وڙھڻ لاء نڪري آيو آھي توھان وٽ پھچي تہ ان کي اڳتي نہ ڇڏجو مونسان رابطو ڪرائيجوس
ان ڇاوڻي جي فوجي آفيسر چيس شاھنواز آيو ھو ڪجھ وقت پھرين اسان کان موڪلائي نڪري ويو آھي
ياسر عرفات چيو الله ڪامياب ڪندس ۽ ياسر عرفات شاھنواز جي اھا خبر ٻڌڻ کان پوء 48 ڪلاڪن تائين آرام نہ ڪيو ۽ ياسر عرفات مير صاحب سان بہ مسلسل رابطي ۾ رھيو مير صاحب چيس اوھان دعا ڪيو فتح ٿيندي شاھنواز اسرائيل کي ڪاري نقصان ڏئي فتح ياباني ٿي موٽندو
جڏھن شھيد شاھنواز مسلسل 48 ڪلاڪن جي ويڙھ ۾ کان پوء واپس آيو ۽ ياسر عرفات کي خبر پئي تہ شاھنواز خير خيريت سان واپس آيو آھي تہ ياسر عرفات وڃي شاھنواز سان مليو ۽ شاھنواز ڀٽو ان کي چيو تہ اسرائيل اسان جي ويڙھ کي ياد ڪندو ۽ اسرائيل پنھنجي اخبارن ۾ بيان ڏنو تہ فلسطين جي ويڙهاڪن اسان جا 20 ھزار کان مٿي فوجي ماريا آھن تہ ان تي ياسر عرفات شھيد شاھنواز ڀٽو کي اھڙي فتح تي پنھنجي چيلھ ۾ ٻڌل پسٽل اعزاز طور شھيد شاھنواز کي گفٽ ڪيو ۽ مير صاحب بہ شام مان فلسطين پھتو ۽ فتح جون مبارڪون ڏنيون

گوريلا چيف ڪمانڊر شھيد ڪامريڊ شاھنواز ڀٽو جي عظيم انقلابي جدوجھد کي نمي لال سلام

19/05/2021

SuKKuR and Rohri News reporter

Address


Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Jastujo news reporter posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Shortcuts

  • Address
  • Alerts
  • Videos
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share