Pithoro Times

Pithoro Times پل پل هر پل جي خبر صرف پٿورو ٽائيمس

10/01/2026

سخت ٿڌ سبب 12 کان 26 جنوري تائين اسڪولن جو صبح جو وقت 9
وڳي مقرر

08/01/2026

یا اللہ!
مایوسی میں ڈوبے گھروں کو امید،
خالی ہاتھوں کو حلال رزق،
اور ٹوٹے دلوں کو سکون عطا فرما- آمین

گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول پٿورو جا شاگرد شديد سردي ۾ روزانو پٿورو شهر کان لڳ ڀڳ 2 ڪلو ميٽر پنڌ ڪري اسڪول پهچڻ ت...
07/01/2026

گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول پٿورو جا شاگرد شديد سردي ۾ روزانو پٿورو شهر کان لڳ ڀڳ 2 ڪلو ميٽر پنڌ ڪري اسڪول پهچڻ تي مجبور آهن، ڇو ته اسڪول بس فيول جي فراهمي نه هجڻ سبب نه هلي رهي آهي۔

علائقي واسين موجب سرد موسم ۾ ٻارن لاءِ ايترو پنڌ نه رڳو تڪليف ڏيندڙ آهي، پر سندن صحت ۽ حفاظت لاءِ پڻ خطري کان خالي ناهي۔ شاگردن جو چوڻ آهي ته هو تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مجبوريءَ تحت سردي، ٿڪاوٽ ۽ روڊ جي خطرن کي منهن ڏئي رهيا آهن۔

شاگردن، والدين ۽ سماجي حلقن پاران ذميوار اختيارين کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته اسڪول بس لاءِ فوري طور فيول فراهم ڪيو وڃي ته جيئن ٻارن کي محفوظ ۽ آسان سفري سهولت ملي سگهي۔

علائقي جي باشعور ماڻهن جو چوڻ آهي ته تعليم بنيادي حق آهي، ۽ سهولتن جي کوٽ سبب ٻارن جي تعليم متاثر ٿيڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول جوڳي ناهي۔ هنن اختيارين کان ترت نوٽيس وٺڻ ۽ مسئلي جو مستقل حل ڪڍڻ جو مطالبو ڪيو آهي۔

إِنَّا لِلّهِ وَإِنَّـا إِلَيْهِ رَاجِعونَ اللہ انتهائي ڏک سان لکڻو ٿو پوي ته سيد علي شير شاھ لڪياري جو گادي نشين ۽ سنڌ ...
03/01/2026

إِنَّا لِلّهِ وَإِنَّـا إِلَيْهِ رَاجِعونَ اللہ
انتهائي ڏک سان لکڻو ٿو پوي ته سيد علي شير شاھ لڪياري جو گادي نشين ۽ سنڌ سيد ايسويسن جو صدر سيد ممتاز علي شاھ لڪياري جو لخت جگر سيد ذولفقار علي شاھ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي ۔

اسسٽنٽ ڪمشنر پٿورو غلام علي طارق ميرپورخاص–عمرڪوٽ روڊ تي بچه بند وٽ ريسڪيو 1122 جي پوائنٽ جي قيام لاءِ تجويز ڪيل هنڌ جو ...
02/01/2026

اسسٽنٽ ڪمشنر پٿورو غلام علي طارق ميرپورخاص–عمرڪوٽ روڊ تي بچه بند وٽ ريسڪيو 1122 جي پوائنٽ جي قيام لاءِ تجويز ڪيل هنڌ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (NHA) جا آفيسر پڻ موجود هئا.

تجويز ڪيل ريسڪيو پوائنٽ قائم ڪرڻ جو بنيادي مقصد روڊ حادثن ۽ ٻين هنگامي حالتن دوران زخمي ماڻهن کي وقت سر امداد فراهم ڪرڻ ۽ ابتدائي طبي سهولتون يقيني بڻائڻ آهي.

Time

بچابند ۾ انڪروچمينٽ خلاف آپريشن، دڪاندارن جو احتجاج، روڊ بلاڪبچابند: ڊائريڪٽر نيشنل هاءِ وي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر پٿورو ٽائون آ...
01/01/2026

بچابند ۾ انڪروچمينٽ خلاف آپريشن، دڪاندارن جو احتجاج، روڊ بلاڪ

بچابند: ڊائريڪٽر نيشنل هاءِ وي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر پٿورو ٽائون آفيسر پٿورو، پاران بچابند اسٽاپ تي انڪروچمينٽ خلاف آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران قومي شاهراهه ۽ مکيه روڊن تان غيرقانوني قبضا ۽ عارضي دڪان هٽايا ويا. ڪارروائي کانپوءِ متاثر دڪاندارن طرفان احتجاج ڪندي روڊ بلاڪ ڪيو ويو.
احتجاج ڪندڙ دڪاندارن جو چوڻ هو ته بنا ڪنهن اڳواٽ اطلاع ۽ متبادل انتظام جي سندن دڪان هٽايا ويا، جنهن سبب سندن روزگار سخت متاثر ٿيو آهي. دڪاندارن انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو..

نئون سال 2026 مبارڪ!الله ڪري هي نئون سال اوهان لاءِ خوشيون، صحت، سڪون ۽ ڪاميابيون کڻي اچي. هر ڏکيائي آسان ٿئي، هر دعا قب...
01/01/2026

نئون سال 2026 مبارڪ!

الله ڪري هي نئون سال اوهان لاءِ خوشيون، صحت، سڪون ۽ ڪاميابيون کڻي اچي. هر ڏکيائي آسان ٿئي، هر دعا قبول ٿئي، ۽ هر قدم تي الله جي رحمت ۽ برڪت نصيب ٿئي. آمين 🤲
نئون سال خوشگوار ۽ ڪامياب هجي! 🌟

🚫 خبردار!🎉 نئين سال جي اچڻ جي خوشي ۾ 🎉شهرين کي اطلاع ڏنو وڃي ٿو تههوائي فائرنگ ۽ هر قسم جي نشي کان پاسو ڪن.پنهنجي ۽ ٻين ...
31/12/2025

🚫 خبردار!

🎉 نئين سال جي اچڻ جي خوشي ۾ 🎉
شهرين کي اطلاع ڏنو وڃي ٿو ته
هوائي فائرنگ ۽ هر قسم جي نشي کان پاسو ڪن.
پنهنجي ۽ ٻين جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻايو.
قانون جو احترام ڪريو، امن قائم رکو.
👮‍♂️ پوليس اسٽيشن پٿورو

پٿورو اڄ صبح ٿيل برسات کانپوءِ جا منظر
31/12/2025

پٿورو اڄ صبح ٿيل برسات کانپوءِ جا منظر

31/12/2025

پٿورو ۾ سخت سي سان گڏ تيز برسات جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب موسم وڌيڪ سرد ٿي وئي آهي..

ميگهواڙ محله پٿورو ۾ پاڻي جي سپلائي بحال ڪريو. ميگهواڙ محله پٿورو ۾ گذريل ڏهن ڏينهن کان پاڻي جي سپلائي مڪمل طور تي بند پ...
27/12/2025

ميگهواڙ محله پٿورو ۾ پاڻي جي سپلائي بحال ڪريو.

ميگهواڙ محله پٿورو ۾ گذريل ڏهن ڏينهن کان پاڻي جي سپلائي مڪمل طور تي بند پيل آهي، جڏهن ته واٽر سپلائي جي لائينن ۾ گٽر جو گندو پاڻي وهڻ سبب علائقي واسين کي شديد پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. رهواسي مجبور ٿي گندو پاڻي استعمال ڪرڻ تي مجبور آهن، جنهن سبب وبائي بيمارين جو خطرو وڌي ويو آهي.
علائقي جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته بار بار شڪايتن باوجود لاڳاپيل اختيارين طرفان ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو آهي ۽ انتظاميه مڪمل طور تي خاموش بڻيل آهي. رهواسين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور نوٽيس وٺي پاڻي جي سپلائي بحال ڪئي وڃي ۽ گٽر جي گندي پاڻي واري مسئلي کي حل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿينداسين

گورنمينٽ هاءِ اسڪول پٿورو ۾ ايڪتا ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. تقريب پرنسپال سائين تارا چند جي سرپرستي ۽ محمد مو...
20/12/2025

گورنمينٽ هاءِ اسڪول پٿورو ۾ ايڪتا ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. تقريب پرنسپال سائين تارا چند جي سرپرستي ۽ محمد موسا نهڙي ۽ غلام محمد نهڙي جي نگراني هيٺ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ شاگردن، استادن، صحافين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

پروگرام دوران سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪندڙ نغما پيش ڪيا ويا، جڏهن ته قومي ۽ سماجي موضوعن تي ٻڌل ٽيبلوز ۽ تقريرن جا سخت مقابلا پڻ ڪرايا ويا. تقريب جو مقصد شاگردن ۾ ايڪتا، ڀائيچاري ۽ قومي سجاڳي جو جذبو پيدا ڪرڻ هو، جنهن کي حاضر ماڻهن تمام گهڻو ساراهيو.

Address

Main Pithoro Bacha Band Road, Pithoro Town
Pithoro
69060

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Pithoro Times posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share