08/03/2024
ڦل:
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئشن شاخ ڦل طرفان ھڪ روزه مفت اکين جي ڪئمپ سرڪاري اسپتال ڦل ۾ ٿي گذري ڪئمپ ۾ اکين جي ماھر ڊاڪٽرن 600 کان مٿي مريضن کي چڪاس ڪري مفت ڊراپس, دوائون ڏنيون جڏھن ته 150 کان مٿي اکين جي مريضن جو فيڪو مشين ذريعي بنا ٽاڪي جي آمريڪن لينس لڳائي آپريشن ڪيا ويا ڪئمپ تي شھر جي سياسي, سماجي اڳواڻن, استادن, صحافين سميت سگا جي اڳواڻن, عھديدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي,
تفصيل موجب سگا شاخ ڦل جي سدا حيات ساٿين ماجد علي ميمڻ ۽ استاد امداد ملاح جي ياد ۾ سنڌ جي مشهور اکين جي ماهر ڊاڪٽر محمد خان شيخ جي سهڪار سان هڪ روزه مفت اکين جي ڪئمپ بيسڪ ھيلٿ يونٽ سرڪاري اسپتال ڦل شهر ۾ ٿي گذري جنهن جو افتتاح ڊاڪٽر محمد خان شيخ ۽ سگا جي اڳواڻن, عھديدارن ڪيو ڪئمپ ۾ ڊاڪٽر محمد خان شيخ, ڊاڪٽر ممتاز ڏيرو پنهنجي ٽيم سان گڏ پنھنجا فرض سرانجام ڏنا ڪئمپ ۾ اکين جي مريضن جي اوپي ڊي ۾ 600 کان مٿي مريضن کي چڪاسي انهن کي دوائون ڏنيون ويون جڏھن ته 150 اکين جي مريضن کي فيڪو مشين بنا ٽاڪي جي آمريڪن لينس لڳائر آپريشن ڪيا ڪئمپ تي سنڌ جي مشھور اکين جي ٽرسٽ ال ابراهيم آء اسپتال ڪنڊيارو جي بشير احمد سولنگي ۽ سندس ٽيم جديد اوزارن سان شگر جي مريضن جي اکين جي پوئين پردي جو چيڪ اپ ڪيو جڏهن ته مفت اکين جي ڪئمپ تي سگا جي مختلف شاخن سگا شاخ ڦلجي اسٽيشن, نوشهروفيروز, درياخان مري, مناهين جي عهديدارن, ميمبر احمد حسن پهنور, آفتاب احمد پنهور, سڪندر علي جهتيال, حاجي خادم جويو, ڊاڪٽر عزيزالله جويو, اعظم عالماڻي, سيد ظفر علي شاه, عبدالحڪيم ملاح, غلام مرتضي ڀنڀرو سميت ايس ايس پي نوشھروفيروز ميڊم سهائي عزيز ٽالپر جي پي ايس او انسپيڪٽر فياض حسين ميمڻ, شھري ايڪشن ڪاميٽي ڦل جي صدر ڪاشف ميمڻ, سماجي اڳواڻ اعجاز ممنائي, جي يو آء اڳواڻ مولانا عبدالسلام ڦل, مولانا فهد الله ڦل, شاهد ملڪ, منظور علي ڦل, قادر بخش ملاح صحافين مجيب الرحمان وڳڻ, انيس الرحمان ڦل, غلام نبي رند, ايم هاشم سومرو, امجد علي سومرو, محمد سچل سومرو, درياخان مري جي صحافي امان الله مري ۽ ٻين دورو ڪيو ان موقعي تي سگا اڳواڻ پروفيسر بخش علي چانڊيو, سگا شاخ ڦل جي صدر محمد خالد ميمڻ, جنرل سيڪريٽري پروفيسر رياض چانڊيو, استاد سلطان ڦل, سيد اسلم شاه, خليق الزمان سومرو, عبدالرزاق ملاح, ڪالم نويس وفا ولي محمد ڦل, منٺار چانڊيو, سجاد پهنور, عباس علي وڳڻ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سگا شاخ ڦل طرفان هي 25 هين مفت اکين جي ڪئمپ لڳائي وئي آھي جڏهن ته شاخ طرفان اکين جي ڪئمپ کانسواء ڪيتريون ئي ٻيون ڪئمپون, چمڙي, ھيپاٽائيٽس, شوگر سميت جنرل طبي ڪئمپون لڳايون ويون آهن ۽ انشاء الله اڳتي به اهڙيون ڪئمپون لڳائي عوام جي ڀرپور خدمت ڪئي ويندي۔