ننگرپارڪر جي ڳوٺ ڪاسٻو جو رهواسي ڀاڳچند ميگهواڙ.
ڀاڳچند مهراڻ يونيورسٽي جو گريجوئٽ آھي . هن جي ٽيم ICT ڪامپيٽيشن ۾ ٽاپ ڪيو . ان کان پوء سعودي عرب ۾ يارنهن ملڪن جي شاگردن جي وچ ۾ ٿيندڙ مقابلي ۾ به سندس ٽيم اهو مقابلو کٽيو . ان کانپوء 85 ملڪن جي ڏيڍ لک شاگردن جي وچ ۾ مقابلو ٿيو . ڀاڳچند ۽ سندس ٽيم اهو مقابلو به کٽيو . چين جي Huawei ڪمپني کيس جاب ڏني آھي ۽ ھي ننڍڙي فلم به سندس زندگي بابت ٺاهي آھي . اها فلم ٺاهڻ به سانوڻ ميلي جي پرميشن جيڏو ئي معرڪو هو . سندس ٽيم ۾ شامل بهاولپور جي ڇوڪريءّ جي اعزاز ۾ ڪور ڪمانڊر بهاولپور دعوت رکي ۽ ڀاڳچند کان زرعي توسيع کاتي وارن بار بار اهو پڇيو ته يقينن تو اهڙو فون ٺاهيو هوندو جيڪو ليڪي کان هن پاسي جا سگنل ڪئيچ ڪندو هوندو .
ڀاڳچند جهڙا نوجوان سڀاڻي جي سنڌ جو تعارف آھن انهن کي هيرو طور متعارف ڪرائڻ سان ئي اسان جي نسلن جي آجائي ٿيندي
مري ويلن جي فاتح کي به سياسي سرگرمي بڻائيندڙ دوستن کي ته اهو اندازو به ناهي ته ڀاڳچند پاڪستان جو روشن ستارو آھي ۽ سندس همٿ افزائي به هڪ سياسي سرگرمي ٿي سگهي ٿي .
Tharparkar after rain🌱🌱🌱🌱🌱🌻🌻🌻🌻
Me bohat bra ameer hon #PowerBanks #newreels2022 #funny
Kbhe awo ne raseela mare dees ❤❤❤❤❤