01/10/2025
راڻيپور: ٿاڻو
ٿاڻي جي وڏي منشي محمد خان شيخ پاران 16 ورهين جي نينگر سان مبينا بدفعلي
راڻيپور ٿاڻي جي وڏي منشي محمد خان شيخ خلاف نينگر سان مبينا بدفعلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
گرفتار ٿيل 16 ورهين جي نينگر سکيل وساڻ کي روڊ حادثي بعد پوليس اهلڪارن ٿاڻي تي آندو،
جتي وڏي منشي کيس لاڪپ بدران پوليس ڪواٽر ۾ ويهاريو ۽ مبينا طور بدفعلي جو شڪار بڻايو.
نينگر سکيل وساڻ پنهنجي بيان ۾ الزام لڳايو آهي ته وڏي منشي کيس زبردستي زيادتي جو نشانو بڻايو.
واقعي کانپوءِ راڻيپور پوليس انتظاميا وڏي منشي کي فوري طور عهدي تان هٽائي ڇڏيو،
نينگر جي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ کيس ميڊيڪل لاءِ ليٽر پڻ جاري
ڪيو ويو آهي.
ايس ايڇ او راڻيپور سڄاڳ ٿي ابا ڪم گهڻو آ