خيرپور / احمد پور ۾ ڳوٺاڻن چوري ڪندي انعام يافته ڌاڙيل محبوب ناريجو کي پڪڙي ورتو احمد پور پوليس حوالي.
مدئجي- تاجوديرو ٿاڻي جي ڳوٺ عبدالرحيم ماڇي جي رهواسيڻ مسمات اسلام خاتون مڙس عبدالغفور سولنگي سان گڏجي پاڪ ڪتاب کڻي پنهنجي هي برادري جي ماڻهن خلاف مدئجي پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو.
مدئجي- يوسي جندوديرو جي ڳوٺ فقيرپور بروهي ۾ نالين جو گندو پاڻي گهٽين ۾ بيهڻ ۽ نالين جو تعميراتي ڪم نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن جو يوسي جي چيئرمين اشرف سهتو ۽ يوسي سيڪريٽري نويد ڪماريو خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ٻه ڏينهن اڳ مدئجي باء پاس تان نامعلوم ڦورن منظور بروهي جي ڊاٽسن ڦر واقعي خلاف همٿ بروهي، نظر محمد، منظور بروهي جي اڳواڻي ۾ ايس ايڇ او مدئجي سرتاج جاگيراڻي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
پ پ ايم اين اي 193 جي اميدوار شهريار مهر مدئجي لڳ ڳوٺ فقير پهتو جتي بروهي برادري جي حاجي غوث بخش بروهي طرفان سندس جو شاندار استقبال ڪيو ويو.
مان اظهر ڪماريو جا حمايتي ورڪر جن کي منهنجو خيال آهي هو ن ليگ جي اميدوار عبدالرشيد معرفاڻي کي ووٽ ڪرائن!
ن ليگ اڳواڻ اظهر خان ڪماريو ۽ ايم پي اي اميدوار عبدالرشيد معرفاڻي جي اظهر خان ڪماريو جي اوطاق تي گڏيل پريس ڪانفرنس
@followers
شڪارپور پوليس جي ناجائزين خلاف مدئجي جي ميراڻي برادري جي ماڻهن وڏيرو عزيز ميراڻي ارشد ميراڻي جي اڳواڻي ۾ جندوديرو پل مين سکر لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو.
@followers
مدئجي جي ڪچي ۾ ٻيلي کاتي وارن تاجوديرو پوليس سان ملي ڀڳت ڪري وڻن جي واڍي ڪرائي پئي وڃي ٻيلي کاتي جو ملازم ڪاٺين وارن کان رشوت وٺڻ بعد واڍي ٿيل وڻ ڇڏي هليو ويو.
سپريم ڪورٽ جي حڪمن کي شڪارپور ضلعي جي تاجوديرو ٿاڻي جي ايس ايڇ او سهراب اوڍو ۽ فاريسٽ رينج آفيسر شهزادو سروهي هوا ۾ اڏائي ڇڏيو.
تاجوديرو پوليس ٿاڻي اڏو لڪڙا هڻي ڪچي جي ٻيلي مان غيرقانوني طور وڻن جي واڍي ڪري ايندڙ ڪاٺين جي واپارين کان گهري رشوت وٺي في گڏھ گاڏي کان 500 روپيه رشوت وٺي سرعام اجازت ڏئي ڇڏي.
ذريعن موجب فاريسٽ رينج افيسر ۽ مذڪوره پوليس سان ملي ڀڳت ڪري واپارين سان ڊيل ڪري روزاني جي بنياد تي لکين روپين جي وڻن جا واڍي ڪرائي واپارين کي وڪرو ڪيو وڃي ٿو.
رشوت نه ڏيندڙن کي پوليس زبردست روڪي رشوت گهري ورتي وڃي ٿي
سپريم ڪورٽ کي پاڪستاني شهرين جي درخواست آهي ته نسلي ۽ قيمتي وڻن جي واڍي ۾ ملوث پوليس ۽ فاريسٽ عملي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.
ايس ايڇ او ۽ فاريسٽ رينج افيسر خلاف ڪاروائي ڪري سندن مٿان قانوني سزا مقرر ڪئي وڃي.
مدئجي ٿاڻي جي حد ۾ وڌندڙ بدامني خلاف راهوجا برادري طرفان راهوجا لاڙي وٽ روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
رات دير سان نامعلوم هٿياربندن جلباڻي لاڙي وٽ حيدرآباد مان واپسي ڳوٺ ايندي احسان راهوجو ۽ منظور راهوجو کي فيملي سميت يرغمال بڻائي روڪ رقم موبائيل فونون ڦر ڪري ويا هئا پوليس سڏ پند تي هجڻ باوجود واقعي واري هنڌ نه پهتي.
جيڪب آباد پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪاروائي ڪري ٽرئڪٽر ٽرالي مان 50 لک ماليت جي نان ڪسٽم پيڊ ڊراء فروٽ پڪڙڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ايس ايڇ او ايئرپورٽ سيد توفيق شاھ ايڊيشنل چارج ٿاڻو آباد جي حد ۾ ڇيڪنگ دوران ٽرئڪٽر ٽرالي کي روڪي 50 لک ماليت جي بادام پستا نيزا ۡ کاڃو سميت مختلف قسم جي ڊراء فروٽ هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ايس ايڇ او سيد توفيق شاھ موقف ڏيندي چيو ته اء جي سنڌ ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد جي حڪم تي غيرقانوني شين جي اسمگلنگ تي پابندي آهي اڃ پنهنجي ٽيم سان گڏجي چيڪنگ دوران ٽرئڪٽر ٽرالي کي روڪي چيڪنگ دوران 50 لک ماليت جا ڊراء فروٽ هٿ ڪيا آهن جن مٿان غيرقانوني اسمگلنگ ايڪٽ تعت ڪيس داخل ڪيو آهي.
مدئجي اسپتال ڪوس گهر بڻيل!
علاج لاء ايندڙ تندرست ماڻهون به مريض ٿي موٽي وڃن ٿا. صبع سوير مدئجي جي ڳوٺ ڳاهيجا ۾ رولو ڪتي 7 سالن جي معصوم بخت علي ولد جمصل ڳاهيجو کي منهن ڪن ۽ مٿي ۾ چڪ هڻي زخمي ڪري ڇڏيو اسپتال پهچڻ تي علاج بجاء خالي واپس موڪليو ويو نينگر جي والدين اسپتال انتظاميا کي پٽون پاراتا ڏيندي پنهنجي بچڙي کي کڇ ۾ کڻي ٻئي اسپتال پرائيويٽ ڪار ۾ منتقل ڪيو.
وس وارن کي گهرجي ته مدئجي تعلقي اسپتال کي يا ته پي پي ايڇ اء حوالي ڪيو وڃي يا هميشه لاء بند ڪيو وڃي. هتي علاج لاء ايندڙ دردن جي دوا وٺي واپس وڃن ٿا انتظاميا صرف ڪوڙن بل ۽ عيش عياشيون ڪرڻ اسپتال اچي واپسي ڪوڙا بل ٺاهي پنهنجي بب ڀري هليا وڃن ٿا.
مدئجي ٿاڻي جي حد ۾ جيها-ڏاهاڻي تڪرار تان ڇتو منگي سم شاخ وٽ جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي وئي آھي،فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 2 ڄڻا مارجي ويا آھن،جن ۾ جيها ڌر جو گلزار ککراڻي ۽ ڏاهاڻي ڌر جو شهزادو عرف رياض ڏاهاڻي مارجي ويا آھن،
مدئجي پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪاروائي ڪري خون سميت مختلف ڪيسن ۾ گهربل صدام چانڊيو کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي.
ڳڙهي ياسين ٿاڻي جي حد سونواھ اسٽاپ ڀرسان اچانڪ هوٽل وٽان جمعدار محمد صالح ککراڻي کي ڦورن يرغمال بڻائي موٽر سائيڪل ۽ ٻيو سامان ڦر.پوليس پهچي ٻن ڦورن ديدار ۽ شمن ديناري کي گرفتار ڪري ورتو.....
مدئجي ويجهو ڳوٺ امروٽ واسي اقرار احمد، منٺار ميراڻي. طالب حسين ميراڻي، فقير پٺاڻ دل، نظير دل ۽ ٻين مدئجي پريس ڪلب پهچي باآثر وڏيري جي ناجائزين ۽ پوليس جي ناجائزين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني پنهنجي چونڊ تڪ جي مختلف ڳوٺن ۾ پهچي نيب ڪيس دوران ساٿ ڏيڻ تي تڪ واسين جو شڪريو ادا ڪيو،ان سلسلي ۾ مدئجي ڀرسان ڳوٺ محمد مراد بروهي واسي معزز وڏيرو محمد نواز بروهي پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي جنهن دوران اتي موجود ماڻهن سندن شاندار استقبال ڪري گلن جي ورکا ڪئي جنهن کانپوءِ ميڙاڪي ۾ شريڪ ماڻهن جي ميڙ کي خطاب ڪيو ۽ ان کان پهريان آغا سراج دراني ڳوٺ فقير پور واسي بروهي برادري جي معزز حاجي غوث بخش بروهي جي چانهه پارٽي ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڳوٺ محمد مراد بروهي ۾ وڏيرو عبدالنبي بروهي ۽ مزار خان بروهي وٽ الڳ الڳ چانھ پارٽي ۾ شرڪت ڪرڻ بعد مدئجي واسي بروهي برادري جي معزز حاجي گلمير بروهي جي وارثن پڻ تعزيت ڪئي.ان موقعي تي ارث ﷲ خان سيلرو، مير ياسر عرفات شاهه، وڏيرو عبدالحڪيم بروهي. آغا اسلم خان دراني، سينيئر صحافي شير محمد بروهي، آغا جاويد دراني، ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا...
مدئجي جي ڪچي جي علائقي ۾ هلندڙ ڪلهوڙا-جوڻيجا تڪرار تان مارجي ويل 6 ڄڻن جي جنازي نماز هٿيارن جي پهري هيٺ ادا ڪئي وئي.