مدئجي/گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مدئجي ۾ منعقد سنڌي ڪلچرل تقريب جي موقعي تي پرنسيپال پروفيسر اعجاز احمد کوکر سچائي نيوز جي چيف ايگزيڪيوٽو,سرپرست اعلا سوشل ميڊيا پريس ڪلب مدئجي ڪمانڊو پنهور کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ جو تحفو ۽ صحافتي فيلڍ ۾ حسن ڪارڪردگي جو سرٽيفڪيٽ ڏيندي,ان موقعي تي سوشل ميڊيا پريس ڪلب مدئجي جو صدر الاهي بخش ڀٽو,جنرل سيڪريٽري ضمير گهانگهرو,راجا ميراڻي ۽ ٻيا پڻ گڏ هئا,ڪامياب تقريب جون سائين اعجاز کوکر صاحب کي لک لک مبارڪون هجن💕🙏
گوہر ستو نے کہا کہ سرکار ہسپتال والي ہیں مجھے دوا نہیں دے رہے
يوسي شھپورجکرو جي ڪاردگي متعلق
مدئجي/ڳاهيجا ڳوٺ ۾ معصوم نينگر کي رولو ڇتن ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو،مدئجي اسپتال مان فرسٽ ايڊ بعد زخمي نينگر لاڙڪاڻه اسپتال رفر,زخمي نينگر کي ايمبولنس نه ملڻ سبب وارث پرائيويٽ ڪار تي زخمي نينگر کي کڻائي ويا،وارثن پاران ايمبولينس توڙي صحيح علاج نه ٿيڻ جون دانهون.
تازو مدئجي اسپتال ۾ پوسٽنگ ٿيل ڊاڪٽر توڙي ڊاڪٽرياڻيون غائب,اسپتال لاوارث بڻيل,صحت کاتو اگهور ننڊ پيل,مدئجي ويجهو ڳوٺ دلشاد بروهي واسڻ 45 سالا مسمات ناز بخت زال عبدالرحيم بروهي بيماري سبب مدئجي اسپتال نيئندي فوت,ڊاڪٽرن موجب عورت رستي ۾ ئي فوت ٿي وئي هئي,ايمبولينس نه ملڻ سبب وارث لاش مال واري گاڏي ۾ کڻائي ويا
مان پنهنجي راز خوشي سان گھران نڪتي هئس غلام سرور ڀٽو سان شادي ڪرڻ پئي چاھيان
طاھره شيخ جو وڊيو بيان جاري
ھاري جدوجھد ڪاميٽي شڪارپور پاران علي کوسو ، منظور کوسو ، مشرف بلوچ ۽ ٻين پاران سارين جو ريٽ گهٽ هجڻ خلاف نئي پل تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو.
مدئجي/ ڳوٺ سهتا واسي 22 سالا نوجوان احسان ولد ظهير سهتو پاران بيٽري جو پاڻي پي خودڪشي جي ڪوشش
ميلاد مصطفى ڪميٽي جي اڳوڻي صدر مرحوم وزير جوش جوڻيجو جو چاليهو,باغي اظهر جوڻيجو جا سندن جي زندگي بابت تاثرات
اڳوڻي پريس ڪلب مدئجي جي صدر ۽ ميلاد مصطفى ڪميٽي مدئجي جي صدر مرحوم وزير جوش جوڻيجو جي چاليهي جي سلسلي ۾ مدئجي ۾ خيرات جو اهتمام ڪيو ويو,ان سلسلي ۾ شهرين جا مرحوم بابت تاثرات پيش ڪجن ٿا
مدئجي جندوديرو پل ۽ مدئجي گرڊ اسٽيشن تي ڌرڻن رنگ لاتو
اي سي جي ھدايتن تي، ايس ڊي او سيپڪو رتوديرو امجد قريشي، ۽ پوليس آفيسر ڊي ايس پي، ايس ايڇ او مدئجيءَ جن جي اڳواڻي ۾ مکي سيٺ سترام داس، اڪبر خان ڪماريو ابڙو، رابيل عباسي، وڏيرو ممتاز ڀٽو ۽ ٻين سان گالھيون ڪامياب، پراڻي شيڊول مطابق بجلي ھلائي ويندي،
سموري دنيا جيئان مدئجي ۾ به جشن عيد ميلادالنبي صلي الله عليه وآله وسلم جي حوالي سان ريلي ڪڍي ويئي
هرطرف لبيڪ يارسول الله مدني جي آمد مڪي جي آمد۔سهڻي جي آمد جا فلڪ شغاف نعره گونجڻ لڳا
🌹لاڙڪاڻو 🌹👈لاڙڪاڻي ۾ لٽل فوڪس اسڪول انتظاميا جو ڪارنامو
👈30 روپئي جو فراڊ ۽ ٺڳي جو ڪوڙو الزام هڻي شاگردياڻي کي اسڪول مان ڌڪا ڏيئي ڪڍي ڇڏيو
👈متاثر شاگردياڻي ام رباب پريس ڪلب آڏو روئيندي احتجاج ڪندي چيو ته برياني وارو مون مٿان ڪوڙو الزام هڻي رهيو آهي ٽيچر کي دانهن ڏني ته ان اسڪول مان ڌڪا ڏيئي ڪڍي ڇڏيو آهي مون ٺڳي ناهي ڪئي برياني وارو ڪوڙو آهي
👈 آھي اهڙي اسڪول انتظاميا تي جو هڪ آئوٽ سائيڊر بريانيء واري جو پاسو کڻي معصوم نياڻيء جي جذبن کي پائمال ڪيو ويو
واه واه واه ھا ھا ھا تعليم تباھ
مدئجي/ٽائون انتظاميه جي نااهلي,پير علي حيدر شاه قبرستان ڏانهن ويندڙ مين رستو گندگي جي ور چڙهيل,نالين جو گندو پاڻي گهرن ۽ رستن تي ڪاهي پيو
21,9,2023
تعلقو ڳڙهي ياسين مدئجي شھر ۾، اڳوڻو ايم پي اي ۽ ضلع چيئرمين شڪارپور سردار زاده ذوالفقار علي خان ڪماريو ابڙو (ڊي آء جي) هائوس پهچي احسان علي شاھ سان سندس ڀاء ۽ ڊي آء جي پير محمد شاھ سان سندس سئوٽ اياز محمد شاھ جي وفات تي دعا گهري تعزيت پيش ڪئي. ﷲ پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس م اعلي مقام عطا فرمائي آمين
,مدئجي شھر۾جماعت قاسمي هر سال وانگر هن سال,ب,ربيع الاول جي آمد اچڻ سان حضور سائينﷺ جي چمڻ جو مھينو ھجڻ سبب شاهي بازار مدئجي کان باء پاس روڊ تي جماعت قاسمي جي مدرسي تائين ريلي ڪڊي وئي انهي ريلي جي حفاظت لاء پوليس جي گاڏي,ب,هلندي رهي پر افسوس سان چوڻو ٿوپئي,ت,جماعت کي حضورسائينﷺ جي روضي مباڪ جاجهنڊاھٿن ۾ پوليس گاڏئ تي چڙهي رهياهئا,ت,انهي کي زورئ پوليس گاڏئ مان لاهي رهيا آهن ٻي طرف ڪجھ سال اڳ,پ,پ,پ وارا جڏهن خوشي۾ ريلي ڪڊي رهيا هئا,ت, پوليس موبائل تي پي پي جا جهنڊا خوشي ۾ لڳل هئا اها آھي اچوڪي مسلماني
ملڪيت اسان جي آهي ٻيا دعويدار ڪوڙا آهن ،ڊکڻ واسي #فقير_اظهار_خان_ڊکڻ_عتیق_خان_ڊکڻ_سهيل_خان_ڊکڻ پاران وڊيو بيان جاري
ڊکڻ ۾ پراپرٽي وڪرو ڪندڙ کاتيدارن سهيل خان ڊکڻ عتیق خان ڊکڻ اظهار خان ڊکڻ پنهنجي وڊيو بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته اسان پنهنجي زمين بزنس مين غلام اڪبر سانگهرو کي وڪرو ڪري ڏني آهي ٻيا دعويدار ڪوڙا آهن ڪوڙي دعوا ڪري معاملا ڪري رهيا آهن اسان پنهنجي زمين رضا خوشي سان وڪرو ڪئي آهي اگر ڪنهن کي به ڪو اعتراض آهي ته اسان سان ڳالهائي باقي ڪوڙيون درخواستون ڪري اسان کي حراسان ڪرڻ بند ڪيو وڃي هنن روينيو کاتي جي اعلا اختيارن کي عدالتن ۽ ٻين ادارن کي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته جيڪو ماڻهو اسان کي حراسان ڪري رهيو آهي ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي،
مدئجي شھر۾ ميڊ يڪل اسٽورن تي پيل دوائون بي اثر مريضن کي ڪوب فائدو, ن, ملڻ ڪري ڪافي مھينا بيماري۾ ڀوڳڻو پوي ٿو مدئجي شھر۾ ڪثر مين روڊ تي ميڊ يڪل اسثورتي کيل ھجڻ ڪري تکي اس جو دوائن تي حملو ڊرگ انسپيڪٽر منٿلي وٺڻ۾ مصروف جڏهن,ت,ڊرگ انسپيڪٽر کي خبر آهي ,ت,ميڊ اسٽور اهڙي روڊ تي کولياويا اهن جنهن روڊ تي گرمي پد 50 ,494,سيٽي گريڊ رهي ٿي جڏهن,ت, دوائون 30,سينٽي گريڊ تائين رکيو ويند آهن اهنئ باوجود 50,سينٽي گريڊ پدتي کلي عام دوائو رکڻ سبب دوائن مان گرمئ جي ڪري اثر ختم ٿيووڃي مريضن کي ڪوفائد,ن,ٿو ملي غريب عوام کي ٻن ھٿن سان ڦريوپو ڃي ٿو عوام هن طرف پورو پورو ڌيان ڏي
جندوديرو واسي پارس نيوز کي ٻڌائيندي چيو,ت,
مدئجي۾شهيد نظارشاه جوگادي نشين پارس نيوز کي ٻڌائيندي چيو,ت,اسين مدئجي جي قبرستان جاسنڀاليندڙ آهيون پرقبرستان مان بلڪي۽موٽرن جي چوري گڻي انداز ۾ٿي رهي آهي تنهن ڪري اعلئي عملوارن کي اپيل ٿي ڪجي ,ت,پوليس پڪٽ قائم ڪئي وڃي
مدئجي ۾ فريون ڌاڙا روز مرح معمول بڻجي ويا مدئجي پوليس اگهور ننڊ ستل
مدئجي جي ڊگري ڪاليج پويان باء پاس سکر لاڙڪاڻو مين روڊ تي نامعلوم هٿياربندن ڳوٺ ڳاهيجا واسي تنظيم تحريڪ لبيڪ جي اڳواڻ اسرار احمد ابڙو تي تشدد ڪري موبائيل فون،روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري زيتونن جي باغ ۾ آساني سان فرار ٿي ويا آھن.
سوشل ميڍيا پريس ڪلب مدئجي جو اجلاس صدر الاهي بخش ڀٽو جي صدارت ۾ ٿيو,اجلاس ۾ ڪمانڊو پنهور,الاهي بخش ڀٽو,ضمير گهانگهرو,نجيﷲ جکرو,زاهد جوڻيجو,امجد علي شاه,نعمت ميراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي,اجلاس ۾ پريس جي مسئلن تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ ميمبرن کي نج عوامي فلاح وارن خبرن کي ڪوريج ڏيڻ جو پابند ڪيو ويو,هوڏانهن اجلاس ۾ پريس ڪلب مدئجي جي صدر سورهيه ميراڻي تي ٿيل قاتلانه حملي جي مذمت ڪندي اڳواڻن چيو ته سورهيه ميراڻي اڪيلو ناهي پر سڄي سنڌ جا صحافي سندن سان گڏ آهن
مدئجي/ عيد جي موڪل تي واپس گهرن ڏانهن ويندڙ فوجين کان ڦرلٽ
مدئجي: مدئجي ٿاڻي جي حد مان فوجي جوانن کان هٿياربندن جي ڦرلٽ روڪ رقم موبائيل فونون.آرمي جا سروس ڪارڊ ڪپڙا ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ويا.
مدئجي: جلباڻي لاڙي ڀرسان سکر لاڙڪاڻو روڊ تي عيد جي موڪلن تي واپس موٽندڙ فوجين جوانن دادو واسي ڪامران جوڻيجو، ٻيڙو چانڊيو واسي ارشد علي چانڊيو. ميروخان واسي اعجاز ۽ امتياز لاشاري. ساجد جوڻيجو, قمبر واسي عامر ميمڻ, عبدالحسين لاشاري سميت 13 مسافرن کان 7 موبائيل فونون، 2 لک روپيا روڪ رقم, سروس ڪارڊ ۽ عيد لاء خريد ڪيل ڪپڙا به هٿياربند ڦر ڪري ويا,
مدئجي: هٿياربندن جو ٽولي سرعام روڊ تي ڦرلٽ ڪئي پر پوليس
واقعي واري هنڌ نه پهتي پاڻ ٿاڻي تي پهچي ڪري پوليس کي اطلاع ڏنو, پاڪ آرمي جا جوان
مدئجي: پاڪ آرمي جا جوان روهڙي اسٽيشن کان لاڙڪاڻي طرف پنهنجي اباڻي ڳوٺن طرف وڃي رهيا هئا ته ڦورن کين يرغمال بڻائي ڦر ڪرڻ بعد آساني سان فرار ٿي ويا.
مدئجي: مدئجي پوليس ڪچي ۾ پيرا گم ڪري واپس موٽي وئي ڪا به رڪوري نه ٿي,
مدئجي: هٿياربندن جو پيرو کنيو ويو جيڪي ڪچي ۾ گم ٿي ويا آهن جلد ملوث هٿياربندن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو ويندو, ايس ايڇ او مدئجي عبيدالله ڌاريجو
ڳوٺ ڳاهيجا واسين مظفر علي ابڙو ڊي ايس پي آفيس مدئجي آڏو ايس ايڇ او ڳاهيجا نزاڪت علي جوکيو صاحب جي خلاف ٻچن سميت احتجاج ڪندي، هن ايس ايڇ او تي داهيندي چيو ته ڪجه ڏينهن پهريان هن جون ڳوٺ مان سولر پليٽون چوري ٿي ويون هيون جنهن تي مظفر ابڙو ھڪ چور نالي سهراب ولد نصير احمد ويٺل ڳوٺ ڳاهيجا خلاف نامي نيٽ اين سي داخل ڪرائي هئي تڪريبن پندرنهن ڏينهن گذرڻ باوجود ايس ايڇ او ڳاهيجا نه ڪيس داخل ٿو ڪري نه جوابدار کي گرفتار ٿو ڪري ويتر ويھ هزار رشوت گهري رهيو آهي، هن ايس ايس پي عرفان سمون صاحب شڪارپور ۽ ڊي آء جي لاڙڪاڻو آء جي سندھ کان مطالبو ڪندي چيو ته ايس ايڇ او نزاڪت جوکيو کي هٽائي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري چوري ٿيل پليٽون واپس ڪرايون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو؟
مدئجي/ روڊ حادثو ٻه ڄڻا زخمي
مدئجي: ٻرڙا بس اسٽاپ ڀرسان سکر-لاڙڪاڻو تي ڪار ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا سخت زخمي,
مدئجي: ٽڪر جي نتيجي ۾ نئون ديرو واسي ڪار سوار ٻه نوجوان خالد جيهو ابڙو ۽ عبدالرشيد چهواڻ زخمي ٿي پيا,
مدئجي: زخمين کي ڳاهيجا پوليس کڻائي تعلقي اسپتال مدئجي منتقل ڪيو,
مدئجي: زخمين کي فوري طبي امداد ڏيڻ بعد لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو
مدئجي