Sabhiyan News

Sabhiyan News ساڀيان نيوز ھڪ اھڙو فيس بوڪ ويب پيج آھي جنھن تي اوھان حق ۽ سچ تي ٻڌل خبرون، پروگرام ۽ خاڪا ڏسي سگھندا

09/05/2024

لاڙڪاڻي جي ويجهو ڳوٺ ڪوٺي ڪلهوڙو ۾ زمين تي ستل ٻن ڀائرن موٽڻ ڪلهوڙو ۽ عبدالخالق ڪلهوڙو جي اغوا ٿيڻ جا اطلاع.!

18/04/2024

2022ع جي وڏين برساتن دوران ٿيل نقصان جي مد ۾ ايس پي ايڇ ايف پاران لاڙڪاڻي ضلعي ۾ سرسو جي تعاون سان شروع ٿيل ڪم سست رفتاري جو شڪار، متاثر خاندانن جي انگ جو ھڪ حصو بہ ڪم مڪمل نٿي سگھيو متاثرن جو وڏو انگ اڃا تائين بغير ڇت جي ويٺل سخت ڏکيائن کي منھن ڏئي رھيو آھي سيھڙ اسٽيشن واسي متاثر جي دانھن.!

18/04/2024

لاڙڪاڻي کان باڊھ ويندڙ ويگن سان وھڻي لاڙي ويجھو حادثو ڊرائيور فوت ھڪ عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي زخمي ڏوڪري اسپتال داخل.

لاڙڪاڻو 7 نمبر ناڪي وٽ برف فيڪٽري ۾ ڌماڪو فيڪٽري مالڪ جي پٽ سميت 3 زخمي زوردار ڌماڪي سبب آس پاس جي جاين کي نقصان علائقي ...
13/04/2024

لاڙڪاڻو 7 نمبر ناڪي وٽ برف فيڪٽري ۾ ڌماڪو فيڪٽري مالڪ جي پٽ سميت 3 زخمي زوردار ڌماڪي سبب آس پاس جي جاين کي نقصان علائقي ۾ خوف حراس ڇانيل. شروعاتي جاچ موجب ڌماڪو گئس سيلينڊر ڦاٽڻ سبب ٿيو آھي پوليس پھچي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي.

09/04/2024

وڳڻ ڀرسان ڳوٺ عالي کبڙ وٽ مين روڊ جي ڀر ۾ ڪڻڪ جي بيٺل سوين جريبن جي فصل کي باھ وڪوڙي وئي باھ ڪنٽرول کان ٻاھر ٿي فصل کي ساڙيندي اڳتي وڌڻ لڳي فائربرگيڊ گاڏي کي اطلاع ڏيڻ باوجود ھن دير تائين باھ وسائڻ لاءّ گاڏي نه پھتي، ڪڻڪ جو تيار فصل اکين اڳيان سڙندو ڏسي ھاري آبادگار رت جا ڳوڙھا ڳاڙيندا رھيا....!!!
ٻئي پاسي لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن جي فائر برگيڊ گاڏي کي ڌِڪي بيھاريو پيو وڃي..!؟

بدامني سبب بندوق کڻي اسڪول ويندڙ استاد جو قتل افسوسناڪ عمل آھي...!
18/03/2024

بدامني سبب بندوق کڻي اسڪول ويندڙ استاد جو قتل افسوسناڪ عمل آھي...!

لاڙڪاڻو: سڄي ڄمار  يتيم ۽ معاشي طور مسڪين  ٻارڙن کي سھارا ۽ سھائتا ڪندڙ، گم ٿيل ٻارڙن جي ڳولا ۾ ھر وقت اڳڀرو ۽ ھٿ آيل  ٻ...
18/03/2024

لاڙڪاڻو: سڄي ڄمار يتيم ۽ معاشي طور مسڪين ٻارڙن کي سھارا ۽ سھائتا ڪندڙ، گم ٿيل ٻارڙن جي ڳولا ۾ ھر وقت اڳڀرو ۽ ھٿ آيل ٻارڙن کي وارثن سان ملائيندڙ، بي گهر ٿي ويل نياڻين ۽ بي سھارا عورتن کي پنهنجي اداري ۾ پناھ ڏيندڙ خدمت معصومين سربراہ علي انور کوکر ھميشہ لاءِ وڇڙي ويو.!

12/03/2024

موسميات کاتي پاران ڪراچي، لاڙڪاڻو، سکر سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ، کنوڻ ۽ تيز ھوا سان برسات وسڻ جي اڳڪٿي.!

12/03/2024

وارھ: ٽائون ڪاميٽي ملازم وارھ جون ظلم خلاف ٻچن سميت دانھون.!

10/03/2024

راڌڻ روڊ تي روڊ حادثي ۾ ٽائون ڪاميٽي باڊھ فائر برگيڊ جو ڊرائيور احمد علي کيڙو سميت سندس پوٽو ۽ ڏوھٽو فوت...!

08/03/2024

لاڙڪاڻو 8 مارچ عورتن جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي گھرن کان سرحد تائين امن جي سري ھيٺ نڪتل ريلي.

07/03/2024

حيدرآباد فائرنگ واقعي ۾ وڪالت جي شاگردياڻي يسرا بتول ڌيءِ رياض پٺاڻ قتل سندس ڀاءُ آڪاش ۽ ارشاد کوکر زخمي آهن. ذريعا

28/02/2024

لاڙڪاڻي ويجھو ايئرپورٽ روڊ تي وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ سان گڏ پوليس اسڪواڊ جي موبائل ڪلٽي ھڪ اھلڪار فوت 6 زخمي.

29 فيبروري کان پھرين مارچ تائين لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ تيز ھوا، کنوڻ ۽ ڳڙي سان برسات جي اڳڪٿي الرٽ جاري.!
27/02/2024

29 فيبروري کان پھرين مارچ تائين لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ تيز ھوا، کنوڻ ۽ ڳڙي سان برسات جي اڳڪٿي الرٽ جاري.!

26/02/2024

لاڙڪاڻي ضلعي جي مختلف شھرن ڳوٺن ۾ ھلڪي بونداباري جاري.!

25/02/2024

15 شعبان جي رات لاڙڪاڻي جي ڪيترن ئي شھرن ڳوٺن ۽ علائقن گيس ۽ بجلي بند عوام کي ڏکيايون درپيش...!

25/02/2024

اويس شاھ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ۽ انٿوني نويد ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويا.

25/02/2024

سنڌي چوڻي
نيت کوٽي عذر گھڻا.!

24/02/2024

ڪراچي ۾ جي ڊي اي جي سڏ تي ھنيل ڌرڻي دوران سنڌياڻي تحريڪ جي سنڌياڻين تي پوليس ڪڙڪي پئي تشدد گرفتاريون.!

23/02/2024

مراد علي شاھ ٻيھر سنڌ جو وڏو وزير، اويس شاھ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي.

لاڙڪاڻو ٽاٽڙي ريگيوليٽر دادو ڪئنال وٽان ڪپر تي بيٺل وڻن جي غيرقانوني واڍي ۽ ڪپرن تان مٽي کڻڻ واري عمل کي فوري طور روڪيو ...
23/02/2024

لاڙڪاڻو ٽاٽڙي ريگيوليٽر دادو ڪئنال وٽان ڪپر تي بيٺل وڻن جي غيرقانوني واڍي ۽ ڪپرن تان مٽي کڻڻ واري عمل کي فوري طور روڪيو وڃي: پاڪستان مسلم ليگ ن اڳواڻ محمد خان گاڏھي

22/02/2024

مريضن جو علاج ڏکيو نگران حڪومت 140 کان مٿي حياتي بچائيندڙ دوائن جا اگھ وڌائي ڇڏيا.!

جيڪب آباد ۾ گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول ۾ پڙھائي دوران ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب چار معصوم شاگرد زخمي.! سنڌ جي اڪثر سرڪاري اسڪول...
21/02/2024

جيڪب آباد ۾ گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول ۾ پڙھائي دوران ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب چار معصوم شاگرد زخمي.! سنڌ جي اڪثر سرڪاري اسڪولن اندر ان قسم جا واقعا اڳ بہ ڪيترا ئي ڀيرا پيش اچي چڪا آھن انتظامي بي حسي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا.....!

مشھور ڀارتي اداڪار مٿن چڪرورتي جي موت جي خبر ڪوڙي ڦھلائي وئي ھو زندہ آھي سندس طبيعت ۾ بھتري بعد اسپتال مان گھر منتقل ڪيو...
20/02/2024

مشھور ڀارتي اداڪار مٿن چڪرورتي جي موت جي خبر ڪوڙي ڦھلائي وئي ھو زندہ آھي سندس طبيعت ۾ بھتري بعد اسپتال مان گھر منتقل ڪيو ويو آھي.

لاڙڪاڻي ضلعي ۾ بدامني ۾ گھٽتائي نہ اچي سگھي باڊھ ٿاڻي جي حد باڊھ موھن جو دڙو روڊ تي قائم ماشاءَ اللہ فلنگ اسٽيشن تي ھٿيا...
19/02/2024

لاڙڪاڻي ضلعي ۾ بدامني ۾ گھٽتائي نہ اچي سگھي باڊھ ٿاڻي جي حد باڊھ موھن جو دڙو روڊ تي قائم ماشاءَ اللہ فلنگ اسٽيشن تي ھٿياربندن جي ڪاھ ھٿيارن جي زور تي لکين رپين جو ڌاڙو ھڻي ڦورو آساني سان فرار.!

19/02/2024

جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي حاضري کان استثنيٰ حاصل.

19/02/2024

بلوچستان ۾ پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن ۾ حڪومت ٺاھڻ لاءِ معاملا طئي.

شاعريء ۾ معاشرتي موضوع ھجڻ ان جي سڀ کان وڏي خوبي آھي ۽ شاعر کي سماج ڏانھن ذميوار ھجڻ گھرجي. اھڙو اظھار قلمڪارن سنڌي ادبي...
19/02/2024

شاعريء ۾ معاشرتي موضوع ھجڻ ان جي سڀ کان وڏي خوبي آھي ۽ شاعر کي سماج ڏانھن ذميوار ھجڻ گھرجي. اھڙو اظھار قلمڪارن سنڌي ادبي سنگت شاخ باڊھ جي ھفتيوار گڏجاڻيء ۾ ڪيو. قربان علي قرب پنھور جي صدارت ھيٺ گڏجاڻيء ۾ ھنن چيو ته شاعر پنھنجي آس پاس جي خوبصورتي ۽ ماڻھن جي احساسن جي جيڪڏھن پنھنجي شاعريء ۾ عڪاسي ڪري ٿو ته ان کي بھتر شاعر چئي سگھجي ٿو. ھنن چيو ته شاعري اندر جي جذبن جو تھذيبي ذريعو آھي ۽ شاعر تخليقڪار جي حيثيت ۾ تھذيب جو ھڪ پاسبان آھي. ھنن اھو به چيو ته شاعريء ۾ فني پابندي ضروري آھي پر تخليق کي اوليت آھي. گڏجاڻيء ۾ ڪاشف علي سومري ۽ سارنگ امر پنھنجا پنھنجا غزل پيش ڪيا. انھن بابت ويچار ونڊيندڙن ۾ قربان علي قرب پنھور، سارنگ امر، اڪبر آزاد ھيسباڻي، اقبال کوکر، ذوالفقار علي ڪانڌڙو ۽ ڪاشف علي سومرو شامل ھئا.

16/02/2024

آئي ايم ايف جي شرط تحت گئس 67 سيڪڙو مھانگي.! ذريعا

Address

Larkana
Larkana

Telephone

03337528602

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sabhiyan News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Sabhiyan News:

Share