INDUS Times News

  • Home
  • INDUS Times News

INDUS Times News "INDUS TIMES NEWS" : Your premier source for breaking news, in-depth analysis, and unbiased coverage of local and global events.

Stay informed, stay updated!"
مظلومن جو سگهارو آواز
INDUS TIMES NEWS

01/02/2025

خيرپور ميرس سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي طرفان شهر ۾غير معياري تيل وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري تيل جون ايجنسيون سيل ڪري ڇڏيون

خيرپور سنڌ فوڊ سيفٽي آفيسر عبدالله اڄڻ، اسسٽنٽ ڪمشنر ارسلان حيدر ڦلپوٽو اسسٽنٽ مختيارڪار شيراز احمد ڦلپوٽو خيرپور شهر جي مختلف هنڌن تي ڇاپو هڻي شهر م غير معياري تيل جي ايجنسي تي تيل وڪرو ڪيو پيو وڃي جن کي سيل ڪيو ويو آهي ان موقعي اسسٽنٽ ڪمشنر ارسلان حيدر ڦلپوٽو ٻڌايو ته شهر ۾ غيرمعياري تيل وڪرو ڪيو پيو وڃي مختلف هنڌن سرکي مور، خاڪي شاهه پل روي ڪمار ايجنسي، عبدالباري جي ايجنسي، سري چنڊ جي ايجنسي، تي ۽ ٻين ايجنسين تي ڇاپو هڻي سيل ڪيو ويو آهي ان تيل جي استعمال سان انساني جانين کي خطرو آهي،

31/01/2025

شهيد راڻي ۽ ڀٽائي فن ادب پئنل زنده آباد
2فيبروري آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو جي اليڪشن وڻ تي ٽپو هڻي ڪامياب ڪندا

اليڪشن 2025.26

وڳڻ ويجھو سنڌ جو مشھور عالم ۽ ناليوارو مفتي حافظ ضمير حسين سڪندري تنيو گڙدا فيل ٿيڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو اھڙي خبر علائقي ۾...
30/01/2025

وڳڻ ويجھو سنڌ جو مشھور عالم ۽ ناليوارو مفتي حافظ ضمير حسين سڪندري تنيو گڙدا فيل ٿيڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو اھڙي خبر علائقي ۾ پوڻ شرط سوين شاگرد ۽ چاھيندڙ تڏي تي پھتا تفصيل موجب وڳڻ ڀرسان ڳوٺ علي اصحابي ۾ صبغت الطاهر العلوم مدرسه جي بانيڪار ۽ سوين طالب علم جو استاد ناليوارو مفتي حافظ ضمير حسين سڪندري تنيو جي طبيعت گڙدن جي تڪليف سبب اوچتو خراب ٿيڻ ڪري وارث سکر جي پرائيويٽ اسپتال کڻائي ويا جتي ھن ھلندڙ علاج دوران دم ڏنو اھڙي اطلاع ملڻ تي وڳڻ جي آسپاس جي علائقي جا سوين ماڻھو ۽ سندس جا شاگرد تڏي تي پھتا مرحوم عالم جو مڙھ سندس اباڻي ڳوٺ پھتو ته ھر طرف روڄ راڙو پئجي ويو ۽ ماحول سوڳوار ٿي ويو سندس جنازي نماز ۾ مفتي دوست محمد سڪندري مھتمم ، مفتي محمد اسماعيل ،مفتي غلام شبير سڪندري، مفتي نور نبي ، مفتي غلام مصطفي' گلال ،مفتي طاھر جوڻيجو ، سيد محمد حسن شاھ بخاري ، جنيد مصطفي' سرھيو ، علامه مفتي خليل احمد چنا ،علامه احمد حسين چانڊيو ،علامه سيد سجاد شاھ بخاري ، علامه احمد علي سڪندري ، علامه بشير علي جکرو ، پير سيد محمود مصطفي' شاھ ، پير سيد محمد شاھ بخاري ،پير حفيظ شاھ بخاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي اھڙي طرح کيس سوين آلين اکين سان علي اصحابي جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو جڏھن ته مرحوم کي ست پٽن ۽ ٻن نياڻين جي اولاد آھي ۽ پونئيرن سان تعزيت جو سلسلو ھلندڙ آھي

28/01/2025

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) سنڌ جي ٻين شهرن جيان لاڙڪاڻي ۾ جماعت اسلامي ضلعي طرفان سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف ايس ايس پي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جنهن ۾ شريڪ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن هٿن ۾ بئنر، پلي ڪارڊ ۽ تنظيمي جهنڊا کڻي بدامني خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير حافظ نصرالله، ضلعي صدر نادر کوسو، ابو زبير جکرو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جعلي مينڊينٽ جي ذريعي آيل پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال کي بحال ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي جنهن ڪري پوري سنڌ اغوا انڊسٽري بڻيل آهي، ڏينهن توڙي رات جي وقت رستي ويندي عام ماڻهن کي اغوا ڪري تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻائي سوشل ميڊيا تي ويڊيو وائرل ڪيا پيا وڃن جنهن ڪري اڄ به سنڌ جي مختلف شهرن جا ڪيترائي مغوي ڌاڙيلن جي چنبي ۾ قيد آهن پر پوليس اگهور ننڊ ستل آهي. هنن چيو ته لاڙڪاڻو، سکر، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي، نوشهروفيروز، دادو ۽ خيرپور ضلعن ۾ بدامني سبب شهري، واپاري ۽ عام ماڻهو غيرمحفوظ بڻيل آهن ۽ ڦرلٽ جي بازار گرم آهي، ماڻهن کان ڦرلٽ ڪري مزاحمت تي کين گولين جو کاڄ بڻايو پيو وڃي پر متاثرن جي داد رسي نه پئي ٿئي جنهن ڪري جماعت اسلامي طرفان اڄ سنڌ جي 10 ضلعن ۾ بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف ايس ايس پي آفيس ٻاهريان ڌرڻا هنيا پيا وڃن ته جيئن عوام ۾ احساس محرومي ختم ٿي سگهي ڇاڪاڻ عوام کي جعلي حڪمرانن ۽ پوليس مان چڱائي جي ڪائي به اميد ناهي. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ جو خاتمو آڻي مغوين کي بازياب ڪرائي بدامني تي ڪنٽرول ڪري عام ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

27/01/2025

شهيد راڻي ۽ ڀٽائي فن ادب پئنل زنده آباد ✌️
2 فيبروري آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو جي اليڪشن وڻ تي ٽپو هڻي ڪامياب ڪندا
اليڪشن 2025.26

26/01/2025

ڪنڌڪوٽ ضلعي اندر رت جي راند..
ڪنڌڪوٽ اناج منڊي ويجهو ڌاڙيلن جي ڪاهه، واپاري انيش ڪمار کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، ڳڻتي جوڳي حالت اسپتال منتقل

26/01/2025

لاڙڪاڻي جي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي ماتحت بينظير ڪاليج آف نرسنگ ۾ بي ايس اين جينرڪ جي نئين سال جي داخلا لاءِ سکر آءِ بي اي ٽيسٽنگ سروس طرفان شهر جي آءِ بي اي پبلڪ اسڪول ۾ منعقد ڪيل انٽري ٽيسٽ جي اميدوارن مبينا طور انٽري ٽيسٽ نه وٺڻ خلاف آءِ بي اي پبلڪ اسڪول ٻاهريان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي اميدوارن سيد نويد شاهه، محمد عامر، صغير احمد، شڪيل احمد، رضوان علي ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته اسان صبح 8 وڳي کان شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي ماتحت بينظير ڪاليج آف نرسنگ ۾ بي ايس اين جينرڪ جي نئين سال جي داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ سينٽر پهتا آهيون جتي سکر آءِ بي اي ٽيسٽنگ سروس جا آفيسر اسان کان شناختي ڪارڊ گهري رهيا آهن جڏهن ته اسان جا اڃان تائين شناختي ڪارڊ ٺهي ناهن سگهيا جنهن ڪري اسان بي فارم ۽ ڊوميسائيل جي ذريعي درخواستون داخل ڪرايون ان وقت اسان کي ڪي به اهڙيون هدايتون جاري نه ڪيون ويون پر اڄ انٽري ٽيسٽ لاءِ اوريجنل شناختي ڪارڊ جو شرط رکي اسان کي انٽري ٽيسٽ ڏيڻ کان روڪيو ويو آهي جڏهن ته سنڌ جي ٻين يونيورسٽي ۾ ساڳي ئي پروگرام جي ٽيسٽ لاءِ شناختي ڪارڊ جو ڪو به شرط ناهي اهڙو شرط رکي اسان جو مستقبل تباهه ڪيو پيو وڃي جيڪا وڏي زيادتي آهي. هنن سنڌ جي وڏي وزير سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ٻيهر انٽري ٽيسٽ وٺي اسان جي مستقبل کي بچايو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

26/01/2025

Vote and support Shaheed Rani and Bhattai Fun Adab Panel on 2nd February at Arts Council of Pakistan, Larkano!

Let's come together to promote art, culture, and literature!

Vote for Shaheed Rani and Bhattai Fun Adab Panel and be a part of this exciting movement!

Date: 2nd February
Arts Council of Pakistan, Larkano

"

26/01/2025

ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهه نون ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ طرفان گوزو کان ڪي اين شاهه تائين شارٽ مارچ،
سنڌ جون زمينون گرين ڪارپوريٽ ڪمپنيءَ کي ڏيڻ بدران مقامي بي زمين هارين ۽ ھارياڻين کي ڏيڻ جو مارچ ۾ مطالبو،
نوان ڪئنال ٺاهي سنڌ ۾ ڪربلا برپا ڪئي پئي وڃي

مارچ کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ماھ نور ملاح، مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ بختاور ملاح، سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر فاضل کوسو، ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري ۽ ڇهه نون ڪئنالن جي منظوري ڏئي صدر زرداري آئين ٽوڙيو آهي، آئين ٽوڙيندڙ صدر زرداري فوري طور استيفعا ڏئي يا ارسا ايڪٽ ترميمي آرڊيننس واپس وٺي. پيپلز پارٽي ڪئنالن جي مسئلي تي ڊراميبازي ڪرڻ بدران واضع ۽ چٽو موقف رکي ۽ ڪئنال رد ڪرائڻ لاءِ عملي جدوجھد ڪري، آئيني فورم استعمال ڪري، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهه نون ڪئنالن خلاف پيپلز پارٽي قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ سنڌ ۽ بلوچستان جي صوبائي اسيمبلين مان قراردادون منظور ڪرائي، ڪئنال رد نه ٿيڻ جي صورت ۾ پيپلز پارٽي حڪومت کان ڌار ٿئي ٻي صورت ۾ سنڌ جو عوام پيپلز پارٽي سان به ڊڪٽيٽر ايوب ضياء ۽ مشرف جهڙو حشر ڪندو.هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي ماڻھن کان زمينون ڦري بي دخل ڪرڻ بدران زمينون مقامي هارين ۽ ھارياڻين کي ڏئي کين جديد زرعي مشينري فراهم ڪري زراعت کي هٿي وٺرائي وڃي.

25/01/2025

دادو ۾ وڌنڌڙ بدامني جي خلاف سنڌ پريس ڪلب دادو ۽ دادو جي شھرين واپارين، دڪاندارن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ايس ايس پي دادو آفيس اڳيان سخت نعريبازي ڪري احتجاجي ڌرڻو لڳايو ويو

دادو شهر اندر بدامني عروج تي پهچي وئي شهري ڪاروباري ماڻهون غير محفوظ بڻيل آهن سنڌ پريس ڪلب دادو جي صدر آفتاب احمد جمالي جي سڏ تي بدامني خلاف سوشل سماجي اڳواڻن شهري، وڪيلن واپارين، دڪاندارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته دادو شهر اندر چوريون، ڦرون، ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آهن روزانو جي بنياد تي ڪيترا ڪاروباري شهري ڦرجڻ لڳا آهن

صحافين سوشل سماجي اڳواڻ شهرين مطالبو ڪيو آهي ته دادو ۾ امن امان جي بحالي لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن نه ته ٻي صورت ۾ امن امان جي بحالي لاءِ هائي وي بند ڪري هزارين ماڻهن جي سمنڊ سان احتجاجي ڌرڻو لڳايو ويندو

24/01/2025

سجاول جوڻيجو ماني ڪندي چلهه مان باھ جي چڻگ اٿڻ سبب ٻن گهرن جي قيمت سامان سميت ٻ قرآن پاڪ شهيد ٿي ويا

تفصيل مطابق
سجاول جوڻيجو ڀرسان يوسي مستوئي ڳوٺ غلام فاروق لهر ۾ گهر ۾ ماني ڪندي باھ جي چڻگ هوا تي اٿي جنهن ۾ ٻن گهرن لڳي ۽ باھ وڌندي وڌندي گهرن کي وڪوڙي وئي

جنهن ۾ گهرن اندر الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو
باھ لڳڻ سبب هڪ گهر اندر سترهن مڻ ساريون پنجاسي هزار روڪ رقم ٻي گهر مان پنجاھ هزار روڪ رقم پندرهن مڻ ساريون هڪ پاڻي جو جنريٽر ۽ ڪافي قيمتي سامان سميت ٻ قرآن پاڪ ب شهيد ٿي ويا

گهر ٻڌل خان ۽ ذوالفقار علي لهر نالي ٻڌايا پيا وڃن

باھ جي متاثرن حڪومت سنڌ کي کيس مدد جي اپيل ڪندي چيو اسان غريب مسڪين ماڻهو آهيون اسان جو سڀ ڪجھ سڙي ويو آهي خدارا مدد ڪئي وڃي

23/01/2025

دادو تحريڪ لبيڪ پاڪستان ضلع و تعلقا دادو جي اڳواڻن غلام مصطفا رضوي سيد عابد علي شاھ يوسي اميناڻي ڀرسان دٻي قبرستان تي قبضي خورن خلاف سنڌ پريس ڪلب دادو پھچي پريس ڪانفرنس ڪئي

تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ڊي سي دادو سان ڪافي دفعا ملڻ باوجود ھينئر تائين عملي پاران ڪوبه تحرڪ ڪون ورتو ويو آهي
هنن وڌيڪ ٻڌايو ته

22/01/2025

لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان ورڪرز فيڊريشن جي سڏ تي اسڪارپ ايگريشن سميت مختلف کاتن جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جتي هنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ ڳاڙها جهنڊا کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي سنڌ ريجن جي صوبائي صدر نور محمد هليو، اڳواڻن علي شير سانگي، محمد پيارل سولنگي، علي گوهر ابڙو، حسين بخش، امتياز شاهاڻي، محمد علي بليدي، وحيد علي عباسي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي سرڪاري کاتن جا ڪچا ۽ ننڍا ملازم توڙي صنعتن ۾ ڪم ڪندڙ مزدور گهٽ پگهار، اجرت ۽ مراعتون نه ملڻ جي ڪري مهانگائي سان منهن ڏئي بک بدحالي جو شڪار آهن جن کان سنڌ حڪومت ويتر سهولتون کسي رهي آهي، ٿوري ئي وقت ۾ ڪيترائي ملازم دشمن فيصلا ڪري ملازمن جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي تنهن ڪري اسان 31 ڊسمبر 2024ع تي پنهنجي 19 مطالبن تي مشتمل چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪري چڪا آهيون جنهن ۾ پينشن رولز ۾ تبديلون واپس وٺڻ، فوتي ۽ رٽائرڊ سن ڪوٽا بحال ڪرڻ، يونيورسٽي ملازمن لاءِ سينڊيڪيٽ ۾ نمائندگي ڏيڻ، ملازمن ۽ مزدور محنت ڪش جو حڪومت طرفان مقرر ڪيل ساڍا 37 هزار روپيا پگهار ڏيڻ، مھانگائي تحت پگهار مقرر ڪرڻ، سرڪاري ملازمن، محنت ڪش مزدورن، بٺي مزدورن، سيلر جي مزدورن، کجور منڊي جي محنت ڪش کي علاج جون مفت سهولتون فراهم ڪرڻ، اي او بي آئي تحت کين رجسٽريشن ڪري انشورنس جي رقم ڏيڻ، ٽريزري کان بينوولينٽ فنڊ ڏيڻ، ٽائيم اسڪيل ۽ ٻين مراعتن لاءِ ڊي پي سي ويهارڻ، پيرا ميڊيڪل جو سروس اسٽرڪچر جاري ڪري سمورن ننڍن ۽ ڪچن ملازمن کي پروموشن ڏئي نوجوانن جي نوڪري لاءِ 28 سالن وارو شرط ختم ڪرڻ، ڪانٽريڪٽ ۽ ڊيلي ويجز ملازمن کي پڪو ڪرڻ وارا مطالبا شامل آهن جيڪي مراعتون کسي هر مهيني پگهارن مان ٽئڪس جي ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي پر ايتري حد تائين جو کين ميڊيڪل الائونس به نه ٿو ڏنو وڃي. هنن چيف جسٽس پاڪستان، صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته ملازمن سان انصاف ڪندي ملازمن خلاف نڪتل نوٽيفڪيشن واپس وٺي جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن ٻي صورت پوري ملڪ جي سرڪاري توڙي غيرسرڪاري تنظيمن سان گڏجي پوري ملڪ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

21/01/2025

وڳڻ ويجهو ڳوٺ جعفراڻي ۾ گذريل رات دير سان نامعلوم چورن پاران ٻن گهرن مان موبائيل فونون چوري ڪري فرار ٿي ويا ، چورن گهر ڌڻي عاشق علي پٽ محرم پنهور ۽ قاسم پٽ عبدالرحمان پنهور جي گهر ۾ داخل ٿي ٻہ عدد موبائيل فونون چوري ڪري فرار ٿي ويا ان سلسلي ۾ متاثر ڳوٺاڻن عاشق علي ۽ محمد قاسم پنهور ٻڌايو تہ چورن پاران گهر مان موبائيل فونون چوري ڪري ويا آهن آئي ڏينهن چوريون معمول بڻيل آهن ، هنن وڌيڪ چيو تہ پوليس جي موجودگي ۾ کوجي ڪتن وسيلي پيرو کڻايو ويو جيڪو پاڙي ۾ ئي پورهيت جي گهر ۾ لڳو پوليس کين شڪ جي بنياد تي پورهيت عبدالحق سومرو کي گرفتار ڪري ورتو ، هوڏانهن پوليس مطابق گرفتار جوابدار جي جاچ ڪري رهيا آهيون متاثرن جي قانوني مدد ڪئي ويندي

20/01/2025

تعلقه اسپتال ڪي اين شاھ جي ڊاڪٽر ۽ صحافي وارو مامرو ڳنڀير ٿي ويو آھي.

تعلقه اسپتال کي ايم ايس پنھنجي ذاتي جاگير سمجھندڙ۽ ايمرجنسي ڊيوٽي ڊاڪٽرن خلاف سينيئر صحافي
محمد حسن کوسو صحافي راجا رجب علي کوھارو ۽ ٻين شھر جي واپارين جي اڳواڻي ۾ سخت احتجاج ڪيو ھنن چيو ته تعلقه اسپتال ڪي اين شاھ انتظاميه نااھل آھي
ٽي ڏينھن اڳ مان پنھنجي معصوم 7سالا پٽ کي زخمي حالت ۾ کڻي ويس ته ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر معصوم زخمي پٽ جو علاج ڪرڻ بدران اسپتال ۾ من ماني ڪرڻ لڳواسپتال مان دوائون به نه مليون علاج به بروقت نه ٿيو
جنھن بعد آء ننڍڙي کي سيوھڻ اسپتال علاج لاء کڻائي ويس.
اسان سان اھڙو ظلم ڇو آھي مظاھرين صحت کاتي آفيسرن سميت اعلي ادارن کان نوٽيس وٺڻ ۽ انصاف فراھم ڪرڻ جو مطالبوڪيو آھي
انصاف نه ٿيڻ جي صورت وڌيڪ احتجاج ڪرڻ جو چتاء پڻ ڏنو آھي

19/01/2025

شھيدن جي شھر لاڙڪاڻو لاء ھڪ وڏو اعزاز,
سنڌ ڌرتي جا نوجوانو,,,,,,,,!!
ھن نوجوان جو اوھان لاء ھڪ اھم پيغام ٻڌو ۽ عمل ڪيو !!

Address


Alerts

Be the first to know and let us send you an email when INDUS Times News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to INDUS Times News:

Videos

Shortcuts

  • Address
  • Telephone
  • Alerts
  • Contact The Business
  • Videos
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share