Daily Pak Dharti News Paper & Web News Tv

Daily Pak Dharti News Paper & Web News Tv pak dharti news sindhi urdu

29/03/2024

meer shafique laghari

29/03/2024

پنجاب جي ڪنهن ايم پي اي جي ڌي غير انساني سلوڪ ڪندي ميڊيا خاموش تماشائي

08/03/2024
08/03/2024

meer shafique laghari zubair ahmed khokhur faraz larik

08/03/2024

سنڌ ۾ ھڪ گروھ گرفتار ٿيو جنھن ڀيانڪ انڪشاف ڪيو آھي ته ڪھڙي طرح نياڻي کي فون تي ورغلائي گھر کان ڀڄائي ڪھڙو سلوڪ ڪري پوء آخر ۾ پئسن ۾ وڪرو ڪيو ٿو وڃي. 🕋خدا جي واسطي 🙏 اھي جيڪي فون تي نامحرم سان ڳالھائي تعلق جوڙين ٿيون خبردار ٿي وڃو اوھان جي گھر جي چار ديواري ۽ والدين ئي اوھان جا آھن ٻيو ڪير اوھان جو سڄڻ ناھي....پاڻ کي محفوظ رکو جي نه ته سواء پڇتائڻ جي ڪجھ به حاصل نه ٿيندو.

16/02/2024

meer shafique laghari faraz larik

16/02/2024

پهريان ٻڌندا هئاسين ته قانون انڌو هوندو آهي پر هاڻي ڏسو پيا
لاڙڪاڻو شهيد بينظير ڀٽو پريس ڪلب جي صدر محمدنواز عمراڻي جي سرف گاڏي 550 جي ڪاروائي ۾ چالان ٿيل سچل ٿاڻي تان غائب ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي اهڙي عمل خلاف صحافي سراپه احتجاج

لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ غريب مريض دوائن توڙي علاج لاء رلي مري رھيا آھن ـ چانڊڪا اسپتال جو اربين روپيا  ڪيڏانھن پيا وڃ...
10/01/2024

لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ غريب مريض دوائن توڙي علاج لاء رلي مري رھيا آھن ـ چانڊڪا اسپتال جو اربين روپيا ڪيڏانھن پيا وڃن ڪو به پڇاڻو نه آهي ـ غريب مريض بي يارو مددگار بڻيل ـپاڪستان پيپلزپارٽي جي پي ايس 11جي اميدوار جميل سومرو جي آشيرواد تي اسپتال مٿان ويٺل فنانس ڊائريڪٽر ڪاظم ڀٽو جيڪو جميل سومرو جو ڀاڻيجو آھي ـ ڪاظم ڀٽو ڪجھ سال اڳ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڪلارڪ جو ڊرافٽس مين ھوندو ھو جيڪو اچڻ وڃڻ لاء به اتان جي ملازمن کان موٽر سائيڪل تي لفٽ گھرندو ھو ۽ اڄ اھو ڊرافٽس مين ڪاظم ڀٽو اچانڪ جعلي آرڊر تحت فنانس ڊائريڪٽر بڻجي فورن ارب پتي ڪئين بڻجي ويو آھي اسان جي سنڌ کي ناسورن کان ڇوٽڪارو ملڻ گھرجي نه ته ڪرپشن جو ڪينسر مختلف کاتن کي تباھي ڏانھن ڌڪڻ کان ڪير به بچائي نه سگھندو خدارا چانڊڪا اسپتال ڏانھن ڌيان ڏيئي ٿيندر ڪروڙين اربين روپين جي بجيٽ کي غريب عوام جي صحت لاء مختص ڪيو وڃي ته جئين لاڙڪاڻي سميت سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن جي مريضن جون زندگيون بچي سگھن- سيڪريٽري صحت سنڌ ۽ نگران سنڌ حڪومت فوري نوٽيس وٺي يا عدالت سڳوري سو موٽو ايڪشن وٺي ـ غريب مريضن جو اپيل

05/01/2024

8 فیبروري تي رٿیل چونڊون ملتوي ڪیون وڃن !!!
سینٽ مان قرارداد منظور

05/01/2024

اسان اوهان کي پهريان ئي ٻڌايو هو

8 فیبروري تي رٿیل چونڊون ملتوي ڪیون
وڃن !!!
سینٽ مان قرارداد منظور

26/11/2023

26/11/2023

لاڙڪاڻو شيخ زيد وومين اسپتال ڪوس گهر پهريان ئي هيو پر هاڻي ته ٻارڙي جي اکين ۾ ڪينچيون لڳڻ سبب ٻارڻو فوت ڇا ان جي ايف آئي داخل ٿيندي ڊاڪٽرياڻين خلاف ڪو ايڪشن ٿيندو يا هميشه وانگر خاموش تماشائي ٿي سڀ اعلي آفيسر اهو تماشو ڏسندا افسوس اگر اهو ٻار ڪنهن ڊاڪٽر جو اڪلي عملدار جو هجي ها ته پوء ٿي سگهي پيو ڪجه پر هي هڪ غريب مسڪين آهن

Meer Wajid Khan meer shafique laghari
23/11/2023

Meer Wajid Khan meer shafique laghari

نگران وزیراعلیٰ سندھ جسٹس (ر) مقبول باقر  نے  چیئرمین کراچی انٹر بورڈ پروفیسر نسیم میمن کو فوری طور پر ہٹا دیا وزیراعلیٰ...
23/11/2023

نگران وزیراعلیٰ سندھ جسٹس (ر) مقبول باقر نے چیئرمین کراچی انٹر بورڈ پروفیسر نسیم میمن کو فوری طور پر ہٹا دیا

وزیراعلیٰ سندھ نے پروفیسر نسیم احمد میمن کو واپس لاڑکانہ بورڈ کا چیئرمین مقرر کردیا،

نسیم احمد میمن لاڑکانہ بورڈ میں اپنے بقایا ٹینوئر 30 جون 2024 تک چیئرمین رہیں گے،

انٹرمیڈئیٹ اینڈ سیکنڈری بورڈ لاڑکانہ کے چیئرمین سکندر علی میرجت کو فوری طور پر ہٹا دیا

سکندر علی میرجت اپنی اصل پوسٹ انسپکٹر آف انسٹی ٹیوشن پر واپس چلے جائیں گے،

meer shafique laghari
21/11/2023

meer shafique laghari

لاڙڪاڻي جي تعليم کاتي ۾ وڏو انڪشاف…!!!هي اٺ سو پرائمري ماسترن جي لسٽ چيڪ ڪيو دوستو جيڪي ويزائن تي ويل آهن، ڪجھ ڊبل نوڪري...
21/11/2023

لاڙڪاڻي جي تعليم کاتي ۾ وڏو انڪشاف…!!!
هي اٺ سو پرائمري ماسترن جي لسٽ چيڪ ڪيو دوستو جيڪي ويزائن تي ويل آهن، ڪجھ ڊبل نوڪريون ٿا ڪن، ڪجھ وري گھر ويٺي پگهارون ٿا کڻن، هي لسٽ ضلعي لاڙڪاڻي جي چئن تعلقن جي پرائمري ميل، فيميل ماسترن ماسترياڻين جي آهي،
جن کان بائيوميٽرڪ وارن جي آشيرواد سان ڊائريڪٽر ايلمنٽري گلشير سومرو،انيس الرحمان جلباڻي، اسٽنٽ مسعود سومرو جي معرفت ماهوار پيسا وٺندا آهن، هي ايترا ته ڪرپٽ ترين آهن، جيڪي فرنيچر جا پيسا هڙپ ڪري ويا، جعلي ڀرتيون ڪري ميرٽ جي لتاڙ ڪري الڳ سان هزارين غريب نوجوانن جي حقن تي ڌاڙو هڻي، ڪروڙين روپين عيوض رشوت ڏيندڙن کي نوڪريون ڏئي ڇڏيائون، مسڪين نوجوان کي رشوت نه ڏيڻ سبب ويٽنگ ۾ رکيون ويٺا آهن، ٻي طرف هي ماستر ماسترياڻيون جيڪي بااثر ماڻهن جي اولاد ۽ هنن جي شفقت مهرباني سان ڊيوٽي نه ڪرڻ جي پگھار پيا کڻن، تعليم تباھ ڪرپشن زندہ باد.

                  Larkana news Larkana News meer shafique
03/11/2023

Larkana news Larkana News meer shafique

با خبر ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق ڊاريڪٽر پرائمري اسڪو  جناب گلشير سومرو صاحب هڪ ڪرپٽ ڪمپني جي مالڪ سرفراز سومرو جي ڪمپني ...
03/11/2023

با خبر ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق
ڊاريڪٽر پرائمري اسڪو جناب گلشير سومرو صاحب هڪ ڪرپٽ ڪمپني جي مالڪ سرفراز سومرو جي ڪمپني نالي بسم الله انٽر پرائيزز کي 52768000 اکرين پنج ڪروڙ ستاويهه لک اٺهٺه هزار ڏئي ڇڏيا هي ان جو ورڪ آرڊر آهي.

سرفراز سومرو لاڙڪاڻي تعلقي کي فرنيچر ناهي ڏنو اگر ڏنو به آهي تہ ٿوري وضاحت ڏي فيس بڪ تي ڪمينٽس ۾ تہ ڪهڙن ڪهڙن اسڪولن کي فرنيچر ڏنو اٿئي? جڏهن تہ مان اڌ لاڙڪاڻي جا اسڪول وزٽ ڪيان آهن سوائي چند اسڪولن جي باقي ڪٿي به نئون فرنيچر نظر نه آيو

مان ٻڌائڻ چاهيان ٿو ڊاريڪٽر پرائمري جناب گلشير سومرو صاحب جن کي تہ توهان جي ذميواري آهي تہ سرفراز سومرو کان حساب ڪتاب وٺو ڇاڪاڻ تہ ايڊوانس پيمنيٽ اوهان سرفراز کي ڏني آهي ۽ اوهان جي ئي ذميواري آهي تہ ان کان پڇا ڪيو لسٽ وٺو اگر لسٽ ڊائريڪٽر صاحب جن وٽ آهي تہ پبلڪ ڪري ڇاڪاڻ تہ پبلڪ جو پيسو آهي اگر وضاحت نہ ڏني وئي تہ سمجهندا تہ ملي ڀڳت سان پيسا عوام جا هڙپ ٿيا آهن ۽ پبلڪ کي پڇڻ جو حق قانوني آهي.

تعلقي لاڙڪاڻي ۾ ٽوٽل ڊيوئل ڊيڪس 2720 هڪ ڊيوئل ڊيڪس جي رقم 19400=52,768,000 ايڏي وڏي خطير رقم ملڻ باوجود لاڙڪاڻي ۾ سوائي چند اسڪولن جي ڪٿي به فرنيچر نظر نٿو اچي.

تعصب پرستي جي انتها ٿي گذري تہ لاڙڪاڻي شهر جي تاريخي اسڪولن مان هڪ اسڪول وليد پرائمري آهي جيڪو سئو سال پراڻو اسڪول ھجڻ باوجود فرنيچر جي کوٽ آهي پر هڪ به ڊيڪس يا ڪرسي ناهي ملي شيخ زيد ون ۾ اڌ کان وڌيڪ ٽٽل ڦٽل ڊيڪس ڏسي ڪري اندر سڙي رهيو آهي پر ڇا ڪجي ادارا اگهور ننڊ ۾ ستل آهن ايڪشن وٺڻ کان قاصر آهن، اسان جو مقصد آهي اواز اٿارڻ وڌيڪ ادارن جي ذميواري آهي تہ ان تي ايڪشن وٺڻ.

سرفراز سومرو هڪ غريب مسڪين جو ٻار اڄ ارب پتي لاڙڪاڻي جي تعليم کاتي مان ٿيو آهي جيڪو ٽريذري وارن سان ملي رڄي ڊبل ٽرپل ٽيڪس جي ڪٽوتي ڪرائي ۽ مهانگي ريٽ ۾ قيمت ڏيکاري پيسا ڪنائيندو آهي.

جيڪي ورڪ آرڊر ۾ لکيل شيون آهن ان شين جو نالو ۽ وضاحت هيٺ ڏجي ٿي پر لکت مطابق مٽيريل ناهي ٿورو گهڻو مليو به آهي تہ ناقص مٽيريل سان مليو آهي وڊيو موجود آهن جيڪي تمام جلد رکندس.

DUEL DESK (ڪلاس 1 کان 5 سائيز 900mm x 750mm x 980mm. اسٽيل ٽيوب 38mm Dia، پائپ جي ٿولهه 1.2mm ٺيڪ سختي پائوڊر ڪوڊنگ، سب بئنڊ ۽ وکر مولڊ پاڻمرادو مشين جي برابر سائيز جي موڙ کان سواءِ گڏيل هجڻ گهرجي سب سپورٽ هجڻ گهرجي

مضبوط ۽ پائيدار فريم لاءِ اليڪٽرڪ ويلڊنگ CO2 ذريعي ويلڊ ڪيو ويو آهي.

لاڪ ابل نٽ ۽ بلٽ ان واشر کي بولٽ سان لڳايو ويندو، فريم کي بغير ڪنهن ضايع ڪرڻ لاءِ.

فريم پلاسٽڪ فوٽ تي هجڻ گهرجي.

4 "x 1٪ سيٽ پوئتي، اڳيان ۽ ڪتاب شيلف سائيز: سيٽ جي ماپ: 10" x 34" x 17mm. پوئتي سائيز: 6" x 34" x 17mm. سامهون سائيز 34" x 8" x 17mm. ڪتاب جي شيلف جي سائيز 10" x 34" 3 کي سپورٽ ڪري ٿو راڊ 38mm گول پائپ 1.2 ملي ميٽر ٿلهو هجڻ ضروري آهي فريم ۾ 6mm لاڪبل L-Key نٽ ۽ بولٽ سان گڏ فريم جي ٻنهي پاسن کي گڏيل ڪرڻ لاءِ. (مٿي لاءِ هڪ سپورٽ راڊ). ( پوئتي لاءِ هڪ سپورٽ راڊ).

پائپ 1.2mm ڊگھائي، 356mm. فرنٽ بينڊ سپورٽ

هي آهي ورڪ آرڊر ۾ لکيل لفظ جنهن تي عمل ٿيو آهي نہ ئي ٿيندو ڇاڪاڻ جڏهن مليون ئي مختصر آهن تہ ان تي ڪهڙي تقرير ڪجي.

باذرائع کان خبر ملي آهي تہ نيب کي حصو پتي مليو آهي جنهن تي هن مهل تائين ڪو ايڪشن نٿي وٺي پر منهنجي ڏنل درخواست تي نيب ايڪشن نہ ورتو تہ چيئرمين کي لکندس اگر ان بہ نہ ورتو تہ سپريم ڪورٽ ۾ڪيس داخل ڪندس لاڙڪاڻي جي تباهي مان نٿو ڏسي سگهان ان جي لاءِ هر قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيان..

چئن تعلقن مان لاڙڪاڻو ٿي ويو هاڻي ايندڙ قسط ۾ ٻيو تعلقو پيش ڪندس مهراڻ جيڪا سرفراز سومرو جي والد صاحب جي آهي.

لاڙڪاڻو جو هڪ نالي واروصحافي پڻ فرنيچر ۾ هٿ ٻوڙي چڪو آهي ان جو رڪارڊ به ملي چڪو آهي هر هڪ شخص اسان جي اسڪولن کي برباد ڪرڻ ۾ قصر ناهي ڇڏي پر اسان به انهن کي آخري دم تائين نه ڇڏينداسون.

28/10/2023

faraz hussain larik meer shafique laghari

28/10/2023

لاڙڪاڻو اسپتال عملي جي رويي خلاف دانهيندي

Address

Larkana
Larkana

Telephone

03112090136

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Daily Pak Dharti News Paper & Web News Tv posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Daily Pak Dharti News Paper & Web News Tv:

Share


Other Media/News Companies in Larkana

Show All