لاڙڪاڻي جي خانگي اسڪول ڪلچر ڊي جي مناسبت سان شاندار ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي
آباد راندين جا ميدان صحتمند معاشري جو عڪس آهن : ايم پي اي جميل احمد سومرو
لاڙڪاڻو شھر جي سول لائين ٿاڻي جي حد ليڊيز جيل روڊ تي 14 سالا نينگر هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو خبر موجب ڳوٺ ٻيلو مغيري جي رهواسي 14 سالا نينگر اسدﷲ مغيري کي هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو ان موقعي تي نينگر جي امڙ لال خاتون مغيري روئيندي صحافين کي ٻڌايو ته اسان دوا وٺڻ لاءِ لاڙڪاڻو آيا هئاسين ته ڳوٺ در محمد مغيري واسي جوابدارن علي بخش مغيري سڪندر علي ۽ علي شير مغيري منھنجي پٽ کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا هن ٻڌايو جوابدارن جو اسان جي ذات وارن سان پراڻو تڪرار هلندڙ هو جن سان اسان جو ڪو به واسطو ناهي پر ظالمن منھنجي معصوم پٽ کي قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي
ڪراچي ۾ شهيد نوجوان زاهد ميراڻي جي ٽيجهي جي تقريب ۾ ميراڻي، ميربحر قوم جي چيف سردار علي اڪبر ميربحر شرڪت ڪئي ۽ وارثن سان ڏک جي گهڙي ۾ شريڪ ٿيو.
تفصيل موجب : 2 ڏينهن اڳ ڪراچي گلشن حديد ۾ شرپسند افغانين پٺاڻن نوجوان زاهد ميراڻي کي خنجر جا وار ڪري سرعام قتل ڪري ڇڏيو ، جنهن بعد سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي، نوجوان جي ٽيجهي جي تقريب ۾ ميراڻي ، ميربحر قوم جي چيف سردار علي اڪبر ميربحر شرڪت ڪئي ۽ ٽيجهي جي دعا ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏ احتجاج ۾ پڻ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار علي اڪبر ميربحر جو چوڻ هو ته سنڌي قوم ننڌڻڪي ناهي جو افغاني پٺاڻ سرعام ائين ناحق نوجوانن جو خون وهائيندا رهندا، نمڪ حرامن کي ٿورو به شرم نٿو اچي ته اسان جي سنڌ ۾ رهي ، سنڌ جو نمڪ کائي ، پوءِ به سنڌي سان ئي غداري ڪن ٿا، سندس وڌيڪ چوڻ هو ته شهيد زاهد ميراڻي جي خون سان انصاف ٿيڻ گهرجي ، فورن افغانين پٺاڻن کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي ۽ شرپسند قاتل کي سزاءِ موت ڏنو وڃي، سردار علي اڪبر اهو پڻ چيو ته زاهد ميراڻي جو خون ناحق وهايو ويو آهي ، آءُ هن ڏک جي گهڙي ۾ پنهنجي برادري سان گڏ آهيان.