Shykh kainat

Shykh kainat Official Sheikh Kainait page This page is run by Sheikh Kainait herself

الحمدالله نڪاح ٥جمادل اول 20_november 2023
20/11/2023

الحمدالله
نڪاح ٥جمادل اول
20_november 2023

ونواه جي رسم ٢جمادل اول17_November __2023‏ذَوق ِ اِحساس  میں  ہوتی  ہے  تکلیف  سراسراچھے رہتے ہیں ، وہ لوگ جو ، پَروا نہ...
17/11/2023

ونواه جي رسم ٢جمادل اول
17_November __2023
‏ذَوق ِ اِحساس میں ہوتی ہے تکلیف سراسر
اچھے رہتے ہیں ، وہ لوگ جو ، پَروا نہیں کرتے

15/11/2023

مرڪ جان جي قتل جي خبر ٻڌهي افسوس ٿيو مولا ڪو قاتلن کي سزا ڏي باقي سنڌ جي قانون مان اميد ناهي

13/11/2023

شاهڪار تحفو . 100سال.
1923سکر بئراج.. اڄ 2023.
سکر بئراج اڄ 100 سال عمر پوري ڪري ڇڏي. اڄوڪي ڏينهن تي سنه 1923ع تي سکر بئراج جو انگريز سرڪار افتتاح ڪيو. سنڌ جي تقريبن هڪ ڪروڙ ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جو منصوبو پايا تڪميل ٿيو هو.
ان وقت سکر بئراج کي انگريزن 66 دروازه ڏنا ۽ 7 ڪئنال ٺاهيا. سکر بئراج ٺهڻ کان پوءِ سنڌ جي زرعي زمين ۾ انقلابي تبديليون آيون. 12 مهينا پاڻي موجو سو ٻنين تائين پهچايو ويو.
بئراج جي تعمير ۾ سوين انسانن جسماني پورهيو ڪيو ۽ جانورن گڏهن گهوڙن اٺن به پٿر ڍوهيا هيا مزدورن هٿ سان پٿر ڪٽي سنوت ۾ آندا. جن جي بدولت اڄ سکر بئراج وڏي ڳاٽ سان اڀو بيٺل آهي.
سکر بئراج 100 سالن جي عرصي ۾ 13 مها ٻوڏن کي گذاريو.
۽ ڪيتريون ن ئي وچوليون ٻوڏون۽ هر 12 ماه ۾ نارمل ٻوڏ جي پاڻي کي گذاري سمنڊ طرف روانو ڪري ٿو.
سکر بئراج کي 1942 جي تمام وڏي ٻوڏ نقصان ڏنو پر انگريزن جي سرڪار بچائڻ ۾ ڪامياب وئي.
1942ع ۾ ئي سکر بئراج جا 10 دروازا انگريزن بند ڪيا انگريز وڃڻ بعد به اڄ تائين بند آهن. سنڌ سرڪار ته انگريزن واري انجنيئرنگ سمجهي ناهي سگهي. ويتر 5 دروازه ٻيا به بند ڪيا ويا.
ورلڊ بينڪ کان قرض کنيو ويو پو تڏهن به پراڻو بئراج بهتر آهي. سکر بئراج سنڌ جي سائي سينڌ سڪڻ ناه ڏني. لڳي ٿو مستقبل ۾ به رهڻو آهي. ۽ رهندو.
سکر بئراج 9 سالن جي يڪسان ۽ سخت محنت سان مڪمل ٿيو.
ان وقت هندستان جي انگريز سرڪار 20 ڪروڙن ۾ سکر بئراج مڪمل ڪرايو.
هن وقت سکر بئراج جي صرف مرمت واسطي 2 ارب ڊالر سنڌ سرڪار عالمي بينڪ کان ورتا ۽ ايريگيشن کاتي خرچيا به ڏيکاريا تڏهن به انگريزن جهڙو اصلوڪي حالت ۾ ناهي آيو نڪو خراب دروازا هلايا ويا آهن. پر پيسا ختم ٿي ويا.
سنڌ جي ساڃاهه وندن ۽ زميندارن آبادگارن ۽ پاڻي جي ريٽائر ماهرن جو چوڻ آهي ته سکر بئراج مرمت کانپو بهترين ته ٺهيو پر سکر بئراج جي پنهنجي اصلي رونق به وڃائجي وئي آهي.
سکر بئراج جو اصل نالو لائيڊ بئراج آهي پر سنڌي ماڻهن انکي سکر ۾ هجڻ ڪري سکر بئراج سان چيو ۽ اڄ مشهور به سکر بئراج آهي.
سکر بئراج جو افتتاح ان وقت هندستان جي گورنر وائسرا ويلنگٽن صاحب جن اڄوڪي تاريخ تي ڪيو.
سکر بئراج جو نقشو سر ايمبروز لائيڊ ڪيو.
انگريز سرڪار بئراج جو نالو به ان ئي ڪري ته لائڊ رکيو هو. پر اڄ سکر بئراج ٿي ويو آهي .
سکر بئراج جو چيف انجنيئر سر آرنلڊ رابرٽ هو. ان جو نائيب اسٽنٽ انجنيئر رام چند

12/11/2023

💙💜

10/11/2023

😂😂

09/11/2023
نمک حرام اور احسان فراموش آدمی کا پہلا شکار اسکا محسن ہوتا ہے
05/11/2023

نمک حرام اور احسان فراموش آدمی کا پہلا شکار اسکا محسن ہوتا ہے

05/11/2023

ماڻھن جي زبانن جي پويان نہ هلو,

ڪير بي توهان کي اهڙي ڪهاڻي نہ ٻڌائيندو جنهن ڪهاڻي ۾ اهو پاڻ غدار هجي.

سڄو سنسار تنھنجو، تون فقط منھنجو .
04/11/2023

سڄو سنسار تنھنجو، تون فقط منھنجو .

جِتِ پکي نه  پير،  تِتِ  ٽمڪي  باهڙيِ،اُتِ ٻاريندو ڪير ڪاهوڙڪي کي
04/11/2023

جِتِ پکي نه پير، تِتِ ٽمڪي باهڙيِ،
اُتِ ٻاريندو ڪير ڪاهوڙڪي کي

پکي پروڪا  اڃان نہ آيااُڪير تن جي هُري رهي آ
04/11/2023

پکي پروڪا اڃان نہ آيا
اُڪير تن جي هُري رهي آ

ڪُوڙُ  ڪَماءِ  مَ ڪَچُ  اُٿِي اورِ اَللّٰهَ سين،ڪَڍُ تون دَغا دِل مان، صاحِبَ وَڻي سَچُ،مَحبتَ سَندو  مَنَ  ۾، ماڻِڪَ!  ...
04/11/2023

ڪُوڙُ ڪَماءِ مَ ڪَچُ اُٿِي اورِ اَللّٰهَ سين،
ڪَڍُ تون دَغا دِل مان، صاحِبَ وَڻي سَچُ،
مَحبتَ سَندو مَنَ ۾، ماڻِڪَ! ٻارجِ مَچ،
اِنَ پَرِ اُٿِي اَچُ، ته سودو ٿِيَئِي سَفَرو

گزر گئے ہیں بہت دن ، رفاقتِ شب میں‏اک عمر ہو گئی ، چہرہ وہ چاند سا دیکھے‏تیرے سِوا بھی کئی رنگ خُوش نظر تھے مگر‏جو تجھے ...
04/11/2023

گزر گئے ہیں بہت دن ، رفاقتِ شب میں
‏اک عمر ہو گئی ، چہرہ وہ چاند سا دیکھے

‏تیرے سِوا بھی کئی رنگ خُوش نظر تھے مگر
‏جو تجھے دیکھ چکا ھو، وہ اور کیا دیکھے؟

03/11/2023

ورهاڱي کان اڳ سنڌ جي آزادي متعلق سائين جي.ايم سيد ڏانهن سائين محمد ابراهيم جويو جو کي لکيل تاريخي خط..
8 – حاجي چانڊو بلڊنگ،
برنس اسٽريٽ، ڪراچي-3
14 مئي 1947ع

عزيز و محترم سيد صاحب،
18 مهينن جي مُدت گذري چڪي آهي ته اوهان جي ملاقات جو شرف حاصل نه ڪري سگهيو آهيان. انهيءَ مدت ۾ اسان جي سنڌ ديس ۾ ڇا نه ٿي گذريو آهي، تنهن جي ڄاڻ ۽ تنهن جو احساس اوهان کان وڌيڪ ٻئي ڪنهن کي ٿيو هوندو؟
اڄ جيڪا وقت جي تقاضا آهي، سا، منهنجي ناچيز خيال ۾، هيءُ آهي ته اسين هيءُ گهُر ڪيون ته اسان کي ۽ اسان جي سنڌ وطن کي هندستان يا پنجابستان جي ماتحت سياسي ۽ اقتصادي غلاميءَ لاءِ مجبور ڪيو وڃي، تنهن کان اڳ اهو سوال اسان جي سڀني ماڻهن کان سوالنامي (Referendum) ذريعي فيصلو ڪرايو وڃي. اهڙو سوالنامو سڀني بالغن، مردن توڙي عورتن، جي سامهون رکيو وڃي، ته هو پنهنجي راءِ کان دنيا کي واقف ڪن ته، هُو (1) هندستان سان شامل ٿيڻ گهرن ٿا، (2) پنجابستان سان شامل ٿيڻ گهرن ٿا، يا (3) آزاد ۽ خودمختيار سنڌ وطن ۾ رهڻ گهرن ٿا.
اهڙيءَ گهُر کي عام ماڻهن جي گهُر بنائڻ لاءِ نهايت لازمي آهي ته فوراً هلچل چالُو ڪجي ۽ ايندڙ سال کن جي عرصي ۾ ٻيا سڀ ڪم ڪاريون ڦٽا ڪري، بکون، تڪليفون ۽ ڏک سِر تي سهسائي، فقط ان فرض ادائيءَ کي لڳي وڃجي.
حالتون نهايت سازگار آهن، نه فقط اسان جي پنهنجي ديس جي چوديواري، پر خود هندستان جي سياسي انتشار ۽ انگريزن جي هندستان جي سياسي مسئلي متعلق پريشانيءَ واري ماحول ۾، اسان جي اِها گهُر عوام ۾ نهايت تيزيءَ سان ۽ مؤثر نموني ۾ قبول پوندي.
منهنجو اندازو هيءُ آهي ته ايندڙ مهيني جي 2 تاريخ جيڪا تجويز انگريزن جي طرفان، اسان جي اڳيان پيش ڪئي ويندي، سان پڻ انهيءَ نوعيت واري ئي هوندي، سواءِ سنڌ جي آزاديءَ جي.
اڄڪلهه سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنجاب جي خلاف ڪافي ناراضپو ڦهلجي چڪو آهي، خود ڪامورن ۽ منشين ۾ پڻ ان ڳالهه جو خاص احساس پيدا ٿي چڪو آهي، شاگردن ۾ هيءَ هلچل شدت واري منزل کي پهچي چڪي آهي. خود زميندار طبقو به منهنجي خيال ۾ ان ڳالهه ۽ ان گهُر جي خوش آمديد ڪندو.
انهن سڀني ڳالهين کي خيال ۾ رکي، آءٌ سمجهان ٿو ته هي نهايت ضروري آهي ته جڏهن اهو وقت اچي چڪو آهي، تڏهن اهڙي تحريڪ ۽ اهڙي جماعت ضرور وجود ۾ هجي، جيڪا اسان جي وطن واسين کي صحيح صلاح ۽ سندن سچي رهنمائيءَ جا فرض سرانجام ڏئي سگهي. تنهنڪري ڇو نه ”سنڌ عوامي پارٽي“ يا ”

عورت کي روڪيو ويو ٽوڪيو ويو   ڇڏيو ويو رکيو ويو.  پرکيو ويو بس ڪڏهن ان کي سمجهيو نه ويو
03/11/2023

عورت کي روڪيو ويو
ٽوڪيو ويو ڇڏيو ويو
رکيو ويو. پرکيو ويو
بس ڪڏهن ان کي سمجهيو نه ويو

اک   اُلٽي   ڌار  ، وَھُ  اُبتو   عام   کان لھوارو لوڪ وَھَي،تون اُوچو وھ اوڀار
03/11/2023

اک اُلٽي ڌار ، وَھُ اُبتو عام کان
لھوارو لوڪ وَھَي،تون اُوچو وھ اوڀار

‏هَلَندي هوتَ پُنهُونءَ ڏي پيرَن پَنڌِ ڪَندِياسِپيرَنِ پُرَڻُ ڇَڏِيو تہ گوڏَنِ ڀَرُ گِسِڪَندِياسگوڏَنِ گِسِڪَڻُ ڇَڏِيو ت...
03/11/2023

‏هَلَندي هوتَ پُنهُونءَ ڏي پيرَن پَنڌِ ڪَندِياسِ
پيرَنِ پُرَڻُ ڇَڏِيو تہ گوڏَنِ ڀَرُ گِسِڪَندِياس
گوڏَنِ گِسِڪَڻُ ڇَڏِيو تہ ٺُونٺين ڀَرُ ٺُلَندِياس
ٺُونٺِيَن ٺُلَڻ ڇَڏِيو تہ ھََٿَن ڀَرُ ھَلَندِياس
‏هَٿَن هَلَڻ ڇَڏِيو تہ سِيني ڀَر سُرَندِياس
سِيني سُرَڻ ڇَڏِيو تہ چَپَنِ ڀَر چُرَندِياس
مِرُن سان مِرُون ٿي جَبَلَ جهاڳِيندِياس
جي مِليو تہ مِلندِياس نَتَ گهورِي جان جَتَن تان
حضرت شاہ عبداللطيف ڀٽائي رح

03/11/2023

اسان جا مائٽ آفيسر ٿيڻ کان پوء جائز ڪم به پنهنجن جو ناھن ڪندا رٽائر ٿيڻ کانپوء دانهون ڏيندا مائٽ سلام ئي نٿا ڪن اڙي بيلچو ڪاڏي ويو

سِنڌُ   جو   لاکَيڻَو   لَطيفُ   چوي   ٿووِيا  مورَ  مَرِي  ،  ھَنجُ  نہ  رَھيو  ھيڪِڙو ،وَطَنُ  ٿِيو  وَرِي  ،  ڪُوڙَنِ...
03/11/2023

سِنڌُ جو لاکَيڻَو لَطيفُ چوي ٿو
وِيا مورَ مَرِي ، ھَنجُ نہ رَھيو ھيڪِڙو ،
وَطَنُ ٿِيو وَرِي ، ڪُوڙَنِ ڪانِيَرَنِ جو .
سُرُ ڪارايل

02/11/2023

شاعر قاصر نواز ٻڌايو ته مشتاق سرڪي ۽ فنڪار شمن ميرالي منهنجي علاج لاءِ ڪوڙا وعدا ڪيا ۽ دبئي سعودي مان فنڊ وٺي کاڌا علاج نه ڪرايو

استاد بخاريجيءُ جنھن کي چيم، جھڻڪ تنھن کان مليمچوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذرجان جن لاءِ ڏنم سي نہ ڪانڌي ٿيمچوٽ ڏاڍي رسيم پر...
02/11/2023

استاد بخاري
جيءُ جنھن کي چيم، جھڻڪ تنھن کان مليم
چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر
جان جن لاءِ ڏنم سي نہ ڪانڌي ٿيم
چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر

ڪيس ڪيڏا ڪيئي حُسن جي انڌ تي
باھ ٻاري وڌءِ هيانءَ جي هنڌ تي
غير جي پنڌ تي پير تنھنجا ڏٺم
چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر

پيار جي ڇانو ۾ ڪي ٻہ ساٿي مليا
جُون جي سج جيان ڳوٺ وارا جليا
خار کائي کِليا هي خبر جا ٻُڌم
چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر

ڪا بہ نازڪ بدن نوجوان نازنين
کنڊ جهڙي مِٺي، چنڊ جهڙي حسين
دلربا دلنشين جي ڏکاري ڏٺم
چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر

گيت جن لئه "بخاري" پڪاري لکيم
سي ڌتاري ڌتاري ڌڪاري ويم
نيڻ جن لئه ڀنم سي مٿان پئي کليم
چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر

01/11/2023

1- سنڌ يونيورسٽيء ۾ سنڌي شاگردن جي عملي ادبي ۽ سوشو پوليٽيڪل چرپر تي نقاب پوش بندوق بردارن جي آرڊر تي انتظاميا پاران راتاھو!

2- ڪراچي يونيورسٽيء ۾ سنڌي شاگرد سٿ پاران "سنڌي دشمن داخلا پاليسيء خلاف" ڌرڻو ھندڙ

3- نواب شاھ ۾ STP ڪارڪنن: مردن توڻي عورتن ۽ ٻارن جي لڳاتار ڏرڻي تي پنجابي ايس پي پاران تشدد تذليل ۽ گرفتاريون

اھا آھي پاڪستان ۾ سنڌ!

ڪُﺠﻬـ ﺟﺎﭺ ڪﺒِﻲ ، ڪُﺠﻬـ ﺳﻮﭺَ ڪﺒِﻲ ڪُﺠﻬـ ﻣﺎﭞڪﺒِﻲ ڪُﺠﻬـ ﺷﻮﺭ ڪﺒﻮڪُﺠﻬـ ﻫﻮﺵ ڪﺒﻮ، ڪُﺠﻬـ ﺟﻮﺵ ڪﺒﻮ، ڪُﺠﻬـ ﻏﻮﺭڪﺒﻮ، ڪُﺠﻬـ ﺯﻭﺭ ڪﺒﻮ!."...
01/11/2023

ڪُﺠﻬـ ﺟﺎﭺ ڪﺒِﻲ ، ڪُﺠﻬـ ﺳﻮﭺَ ڪﺒِﻲ ڪُﺠﻬـ ﻣﺎﭞ
ڪﺒِﻲ ڪُﺠﻬـ ﺷﻮﺭ ڪﺒﻮ
ڪُﺠﻬـ ﻫﻮﺵ ڪﺒﻮ، ڪُﺠﻬـ ﺟﻮﺵ ڪﺒﻮ، ڪُﺠﻬـ ﻏﻮﺭ
ڪﺒﻮ، ڪُﺠﻬـ ﺯﻭﺭ ڪﺒﻮ!.
"استاد بخاري "

لَڳي ڪوسو واءُ، لوڪُ مِڙوئي لَهسِيو،اُڀَنِ مَنجهان آيو، ”هَيءِ! هَيءِ!“ جو هُڳاءُ،طُيُورَنِ تَنوارِيو، پُنهونءَ پُڄاڻاءُ...
01/11/2023

لَڳي ڪوسو واءُ، لوڪُ مِڙوئي لَهسِيو،
اُڀَنِ مَنجهان آيو، ”هَيءِ! هَيءِ!“ جو هُڳاءُ،
طُيُورَنِ تَنوارِيو، پُنهونءَ پُڄاڻاءُ،
رَسيو سُور شَبان کي، وَحُوشنِ وَٽاءُ،
مرُوئنِ موتُ قَبُوليو، اپر اَفسوساءِ،
بَرَ پڻ ڪَنِ بُڪاءُ، اُڪَنڊيا آريءَ لئي گهڻو

Address

Khairpur

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Shykh kainat posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Shykh kainat:

Videos

Share


Other Digital creator in Khairpur

Show All