امام العارفين حضرت پيرسائين سيد محمد راشد روضي ڌڻي قدس سره العزيز جي مجمع الفيوضات ملفوظات شريف۔❤
نقل :11هيڪر ڪڇ جي سفر ۾ ٻن شخص پيءُ پٽ قوم جا ڊکڻ حضور ۾ حاضر ٿي اچي تلقين
ورتائون. پاڻ ٻنهي کي چار هزار ذڪر معلوم جا ارشاد فرمايائون ۽ فقيرن کي حڪم فرمايائون ته انهن
کي ذڪر جون تسبيحون سيکارن ۽ هر هر چورائين، فقيرن ٻنهي ڄڻن کي ذڪر پي چورايو، پر انهن
ٻنهي مان هڪڙي شخص ڏاڍي جوش ۽ محبت سان ذڪر جي تلاوت پي ڪئي باقي ٻي شخص هوريان
هوريان پي پڙهيو،جڏهن ذڪر کان فارغ ٿيا، تڏهن فقيرن مان هڪڙي شخص ٻي شخص کي آهستگيءَ
سان چيو ته انهن ٻنهي ڄڻن مان هڪڙو شخص ذڪر واهه جو ڪندو ۽ باقي ٻيو شخص ذڪر شل ڪري!
پاڻ سندس چوڻ ٻڌي ورتائون ۽ فرمايائون ته هينئر جو چار تسبيحون ذڪر جون ڪيائين تنهن جا
شاهد اسين به آهيون .