Ween Jhar

Ween Jhar سنڌ جو پهريون ديني ،سياسي ،علمي ،ادبي ۽ تجزياتي رسالو

سب سے زیادہ محبت اللہ سب سے زیادہ ان لوگوں سے محبت کرتا ہے جو دوسروں کو نفع (فائدہ) پہنچائیں (فرمان رسول صلی اللہ علیہ و...
10/02/2022

سب سے زیادہ محبت اللہ سب سے زیادہ ان لوگوں سے محبت کرتا ہے جو دوسروں کو نفع (فائدہ) پہنچائیں
(فرمان رسول صلی اللہ علیہ وسلم )

ڀٽائي صاحب مخاطب کي هدايت ڪري ٿو ته: بندا تنهنجي دل ۽ زبان تي هروقت رب تعالى جي تات تنوار هئڻ گهرجي، تنهنجي وجود ۾ الهٰي...
09/02/2022

ڀٽائي صاحب مخاطب کي هدايت ڪري ٿو ته: بندا تنهنجي دل ۽ زبان تي هروقت رب تعالى جي تات تنوار هئڻ گهرجي، تنهنجي وجود ۾ الهٰي ياد جا خيما کُتل ۽ اڏاڻا اڏيل هجن، سَمي جو هڪ هڪ سيڪنڊ سچي سائين جي ساراهه ۾ صرف هئڻ گهرجي، ڪا پل،ڪو پهر انهي احسن عمل کان پالهو نه وڃڻ گهرجي. قرآن پاڪ ۾ غور ۽ فڪر جون ٽُٻيون هڻي، پنهنجي من جي مُراد، دل جي تمنا، مڙني مسئلن جو حل (اسم اعظم) حاصل ڪر. توحيد جي تات تنوار جي لولي ۽ للڪار لايو اچ. ٻين درن تي سيس نمائي پاڻ کي خوار ۽ خراب نه ڪر. الهٰي رضا ۽ راضپو هڪ مٺي مالڪ جي مهندان مٿو ٽيڪڻ سان ئي حاصل ٿيندو.

رسول اللہ صلی اللہ علیہ وسلم کار ارشاد ہےتم جہاں ہو اپنے دل میں اللہ کا خوف رکھواور گناہ کے بعد نیکی کر لیا کرویہ نیکی ا...
09/02/2022

رسول اللہ صلی اللہ علیہ وسلم کار ارشاد ہے
تم جہاں ہو اپنے دل میں اللہ کا خوف رکھواور گناہ کے بعد نیکی کر لیا کرویہ نیکی اس گناہ کو مٹا دے گی (صحیح مسلم)

فرمايو ويو: اهو اڪيلو آهي، سندس ڪوبه شريڪ ڪونهي، اهائي حق پاڪ جي توحيد آهي. لَامِثل له وَلا مِثال لَه.. هو پنهنجي قدرت ۽...
08/02/2022

فرمايو ويو: اهو اڪيلو آهي، سندس ڪوبه شريڪ ڪونهي، اهائي حق پاڪ جي توحيد آهي. لَامِثل له وَلا مِثال لَه.. هو پنهنجي قدرت ۽ ڪارگزاري ۾ آزاد ۽ اختيارجو صاحب آهي، هو هميشه کان موجود ۽ سدا باقي رهڻ وارو آهي. نه ڪنهن مان ڄائو نه ڪنهن کي ڄڻيو اٿس. سندس صفت لَم يَلد وَلَم يُولد آهي. نباتات وجمادات سندس حڪم هيٺ، چرند وپرند سندس بخشش جا محتاج آهن. سيارا، ستارا، جن وملائڪ، انسان، حيوان سندس وس اڳيان بيوس آهن. سموري مخلوق سندس تخليق، سندس تشريحي ۽ تڪويني امر جي تابع آهي. جڳ جهان جو چُرخو سندس چورڻ سان چُري رهيو آهي ۽ بس ڪرڻ سان بيهي رهندو آهي. جيڪو انسان انهيءَ واٽ تان ٿڙيو، الٰهي اختيار ۾ ڀائيوار ۽ ساجهيدار بنايائين اهو گمراهي جي گس تي نڪري ويو. صراط مستقيم جي سِڌي ۽ سلامتي واري واٽ تان هٽي ويو. ٻيائي کي ٻَک وجهڻ شرڪ جي واٽ وٺڻ ۽ پروردگار سان پتيار مقرر ڪرڻ جو نتيجو مُهلڪ ۽ ڀُلڪاري آهي. انهي بُڇڙي عمل کان پاڻ بچائڻ ۽ پاسو ڪرڻ ۾ سلامتي آهي. ملاحرحمة الله صاحب ڪيڏي نه سٺي ڳالهه ڪئي آهي:

هن بيت ۾ عقيدي، عمل ۽ انجام بابت آگاهي ڏنل آهي، ڀٽائي صاحب توحيد جي تعليم ڏيندي فرمائي ٿو:“ اي مخاطب! دنيا ۾ ڪمائڻ ۽ ڪٺي...
08/02/2022

هن بيت ۾ عقيدي، عمل ۽ انجام بابت آگاهي ڏنل آهي، ڀٽائي صاحب توحيد جي تعليم ڏيندي فرمائي ٿو:“ اي مخاطب! دنيا ۾ ڪمائڻ ۽ ڪٺي ڪرڻ، سَودڻ ۽ سنڀارڻ جا ڪيترائي حوالا آهن. ڪو سون جو سوداگر آهي ته ڪنهن کي چاندي سان چاهه آهي، ڪو محل ٺهرائڻ جو مداح آهي ته ڪو شُهرت جو شوقين. ڪو زمينون ۽ جاگير جوڙڻ جو مشتاق آهي ته ڪنهن کي وري ڪا ٻي لنئون لڳل آهي. مگر اي سياڻا! تنهنجو سودو سلف ان کان ٻئي طرح جو هئڻ گهرجي. تنهنجي تجارت ۾ توحيدِ خداوندي کي ترجيح ملڻ گهرجي، الله وحده لاشريڪ له اڪيلو آهي، احد آهي، بي نياز آهي، بي مثال آهي، تنهنجي ويساهه ۽ وهنوار ۾، اخلاق ۽ عمل ۾ انهي ڳالهه جو احساس ۽ اظهار هئڻ گهرجي ڇو ته تنهنجي هار جيت جو هنڌ هي چار ڏهاڙي واري حيات فاني ئي آهي، هتي جو کَٽيو هتي جي جيت آهي پر هتي جي هار هُتي يعني آخرت جي ابدي زندگي لاءِ دائمي آزار جو ڪارڻ ٿيندي. کٽين جي هارائين هنڌ تنهنجو هي. ! اي سياڻا! سُڻ ۽ سمجهي ڇڏ ته عملِ صالح ۽ اخلاق حسنه جي صورت ۾ ماڻيل سوڀ جي صلي ۾ تنهنجي لاءِ بهشت جا باغ ۽ جنت جا جام ميسر ۽ موجود هوندا، آخرت جو عيش ابدي ۽ اڻ کٽ آهي. اُتي جون نعمتون بيمثال ۽ لازوال آهن. جيڪي تنهنجون مشتاق ۽ منتظر آهن. پاڻان چوندِءِ پي ڀري جام جنت جو. انهي ڌڻي داور ڌاران نه ڪو حيلو نه ڪي وسيلي.”

الله تعالى جي نيڪ ۽ صالح ٻانهي جي اها صفت آهي ته هو ڪارزار حيات ۾ سرانجام ڏيندڙ پنهنجي ڪمن ۽ ڪار گزارين جو آغاز الله تعا...
08/02/2022

الله تعالى جي نيڪ ۽ صالح ٻانهي جي اها صفت آهي ته هو ڪارزار حيات ۾ سرانجام ڏيندڙ پنهنجي ڪمن ۽ ڪار گزارين جو آغاز الله تعالى جي اعلى اسم مبارڪ سان ڪري ٿو. انهيءَ طريقي سان اُهو مالڪ جي مدد ۽ الله جي استعانت طلب ۽ حاصل ڪري ٿو. اهو اعلى اخلاق، مهذب رويو ۽ اسلامي تهذيب آهي. انهيءَ کان سواءِ انسان لاءِ گمراهي جي گس تي وڃڻ کان ڪوٽ ۽ قلعو پردو ۽ پناهه آهي، جڏهن انسان ڪنهن به ڪم ۾ هٿ وجهڻ کان پهرين الله جو اسم پاڪ اُچاريندو آهي ته لازمي طور سندس ذهن ۾ اهو خيال ايندو ۽ سوال اُڀرندو آهي ته ڇا هن ڪم ۾ هٿ وجهندي آءُ الله تعالى جو نالو وٺڻ ۾ حق بجانب آهيان؟ جيڪڏهن انسان الله تي ايمان جي دولت سان سمايل ۽ خشيت الاهي جي نعمت سان مالا مال آهي ته اها حڪمت کيس گمراهي جي واٽ تي وڃڻ کان روڪيو ڇڏي. شاه صاحب هن بيت ۾ اِها ئي واٽ وٺڻ جي تعليم ۽ ترغيب ڏي ٿو. فرمائي ٿو ته :“ سڀ کان پهرين الله جو نانءُ ڳنهان ٿو جيڪو ڪُل جهان جو مٿاهون مالڪ، قائم ۽ قديم، والي ۽ واحد، رزاق ۽ رحيم، وحده لاشريڪ رب آهي. انهيءَ ئي سچي ڌڻي جي ساراهه ۽ حڪيم رب جي حمد ڪرڻ گهرجي جنهن مهربان مالڪ جملي جهان جو جڳت جوڙيو ۽ پرٿڻي پيدا ڪئي آهي. ”

23/10/2021
لفظن جي معنيٰ:- سانڀرجن. ياديون، مور. هرگز نه، مينهن ڪنڍيء پور. مڙيل سڱن واري مينهن جي سڱ جو پيچ. وراڪو. پيچ.يعني:- ڪي م...
02/10/2021

لفظن جي معنيٰ:- سانڀرجن. ياديون، مور. هرگز نه، مينهن ڪنڍيء پور. مڙيل سڱن واري مينهن جي سڱ جو پيچ. وراڪو. پيچ.
يعني:- ڪي ماڻهو نزديڪ هئڻ جي باوجود به پري لڳندا آهن ۽ ڪي پيارا دور هئڻ جي باوجود نزديڪ محسوس ٿيندا آهن. ڪجهه ماڻهون جو ڪڏهن خيال به ڪونه ايندو آهي ۽ ڪن کي ڪڏهن وساري نه سگهبو آهي. جيئن مڙيل سڱن واري مينهن جي سڱن جو پيچ، تيئن دلبر جي محبت جو پيچ، .منهنجي دل کي مروٽا ڏيئي رهيو آهي
:

موبائل
05/08/2021

موبائل

14/04/2021

رمضان اور رشتہ داریاں
مختصر و پر اثر گفتگو
اللہ سب کو اس کی توفیق عطا فرمائے۔ امین

اے اللہ!
13/03/2021

اے اللہ!

12/03/2021

بالآخر ‏ "ہر حربہ" استعمال کرنے کے بعد "ریاستی" امیدوار جیت گئے!

Address


Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Ween Jhar posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Ween Jhar:

Videos

Shortcuts

  • Address
  • Alerts
  • Contact The Business
  • Videos
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share