Ktnnewshdtv

Ktnnewshdtv KTN NEWS is the first private Sindhi News channel in Pakistan.Breaking news, Sindh news updates, current affairs, airing 24-hour bulletins and talk shows.
(2)

KTN News is equipped with state of the art transmission services that support KTN NEWS fastest bulletin updates across SINDH. Whether it is breaking news or current affair show KTN News promotes meaningful and productive things that play an important role about the development of country and society.

01/01/2025

ڪراچي ۾ سال 2024 ۾ اسٽريٽ ڪرائم جا ڪيترا واقعا رپورٽ ٿيا؟محسن سيال جي رپورٽ

01/01/2025

ڪراچي ۾ ڌرڻا ختم ڪريو يا سخت ايڪشن لاءِ تيار رهو: صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار جي احتجاج ڪندڙن کي وارننگ

01/01/2025

ڪراچي ۾ ڌرڻن دوران صوبائي گهرو وزير ڪٿي غائب هو؟ صحافين جي سخت سوالن ضياءَ لنجار کي لاجواب ڪري ڇڏيو!!

01/01/2025

🔴KTN News || 9:00 PM || Headlines || 1st January 2025

01/01/2025

...ڪراچي ۾ پهريان هڪ ڌر جا ڌرڻا هئا، هاڻي ٻي ڌر به روڊن تي آهي، ٽڪراءُ جو خدشو آهي، اوهان ڪٿي گم هئا؟ صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار کان صحافين جا سخت سوال، صحافين گهرو وزير کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان چئو ٿا پوليس جي رٽ چئلينج ٿيڻ نه ڏبي، هتي ته رٽ چئلينج آهي، پوليس جو مورال ڊائون ۽ سموري شهر ۾ خوف آهي.

Journalists Asked Tough Questions To Interior Minister Sindh Zia Ul Hassan Lanjar

01/01/2025

ڪراچي، تعليم واري وزير سردار شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس، سرڪاري اسڪولن ۾ اي ليول جا ڪلاس شروع ڪرڻ بابت اڳڀرائي جو جائزو

پاڪستان ۾ رجب المرجب جو چنڊ نظر اچي ويو، مرڪز رويت حلال ڪميٽي پاران پاڪستان ۾ رجب المرجب جو چنڊ نظر اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏي...
01/01/2025

پاڪستان ۾ رجب المرجب جو چنڊ نظر اچي ويو، مرڪز رويت حلال ڪميٽي پاران پاڪستان ۾ رجب المرجب جو چنڊ نظر اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، مذهبي معاملن واري وزارت پاران جاري نوٽيفيڪشن موجب مرڪزي رويت حلال ڪميٽي جو اجلاس مولانا سيد عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ ٿيو، سموري ملڪ مان ملندڙ شاهدين کي نظر ۾ رکندي مرڪز رويت حلال ڪميٽي اعلان ڪيو ته پهرين رجب المرجب سڀاڻي 2 جنوري خميس ڏهاڙي تي ٿيندي.

01/01/2025

🔴KTN News || 7:00 PM || Headlines || 1st January 2025

01/01/2025

ڪي پي جي علائقي ڪرم ۾ امن معاهدو ٿي ويو، ڪوهاٽ ۾ گرينڊ جرڳي دوران ڌرين معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون

01/01/2025

🔴KTN News | 5:00 PM | Headlines | 1st January 2025

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت مستحق عورتن لاءِ ٽه ماهي قسط ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن روبينا خالد چيو ت...
01/01/2025

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت مستحق عورتن لاءِ ٽه ماهي قسط ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.
بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن روبينا خالد چيو ته هي نئين سال تي مستحق عورتن لاءِ هڪ انقلابي قدم آهي ۽ اسان هن سال کي بينظير هنرمند پروگرام لاءِ وقف ڪري رهيا آهيون.
هن چيو ته منفرد ٽيلنٽ پروگرام ذريعي مستحق خاندانن کي هُنر سيکاريا ويندا.
بينظير ڪفالت جي ٽه ماهي قسط جي رقم 10,500 رپين مان وڌائي 13,500 رپيا ڪئي وئي آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 3 ارب 20 ڪروڙ رپين جي سيلز ٽيڪس فراڊ ڪيس ۾ شريڪ جوابدار شاهد حسين خواجا جي 100 رپين جي مچلڪن عيوض ض...
01/01/2025

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 3 ارب 20 ڪروڙ رپين جي سيلز ٽيڪس فراڊ ڪيس ۾ شريڪ جوابدار شاهد حسين خواجا جي 100 رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.

عدالت ٽيڪس کاتي جي فوجداري ڪارروائي کي حد کان وڌيڪ قرار ڏئي ڇڏيو.

جسٽس بابر ستار عدالتي فيصلي جي ڪاپي چيئرمين ايف بي آر کي موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت تفصيلي فيصلي ۾ چيو ته بينڪ جي برانچ مئنيجر کي پاور ڪمپني جي برانچ ۾ اڪائونٽ کولڻ ۾ مدد ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو، رياست درخواستگذار کي ٽيڪس فراڊ جي ڏوهه ۾ ملوث ڪرڻ جو ڪو به مواد پيش ناهي ڪيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته ٽيڪس کاتي قانون موجب ٽيڪس ادا ڪندڙن کان ٽيڪس جو تعين نه ڪيو، ٽيڪس کاتي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪندي درخواستگذار کي گرفتار ڪري ورتو، ٽيڪس کاتي درخواستگذار کي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي گرفتار ڪيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڄاڻڻ باوجود فوجداري ڪارروائي شروع ڪئي وئي

01/01/2025

ڪراچي : پاران چنار واقعي جو اهو مطلب ناهي ته ڪراچي جا روڊ بند ڪيا وڃن ، ڪي پي ڪي حڪومت کي مسئلو حل ڪرڻ گهرجي ، رِٽ چيلينج ٿيندي ته سامهون اينداسين ، احتجاج جي نالي تي ڪنهن کي به شهر بند ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي ، مظاهرين کي احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ هنڌ ڏيڻ جي آڇ ڪئي ، مظاهرين پُرامن هئا ته 8 موٽر سائيڪلون ڪيئن سڙيون !؟ اُهي ڪير ماڻهون هئا جن پوليس تي فائرنگ ڪئي ، 8 اهلڪارن کي زخمي ڪيو ويو ، ٽن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي : صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار

01/01/2025

ڪراچي : مبينا شراب جي نشي ۾ ڌُت ڪار سوار ٽريفڪ پوليس اهلڪار جو بيٺل سوزوڪي پڪ اپ کي ٽڪر ، پڪ ڊرائيور موقعي تي فوت ، ذريعن موجب ڪي پي ٽي انڊر پاس لڳ سوزوڪي پڪ اپ گاڏي خرابي سبب روڊ تي بيٺل هئي ، جنهن کي پويان کان ايندڙ پوليس اهلڪار جي گاڏي ٽڪر هنيو ، نتيجي ۾ پڪ اپ ڊرائيور ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو ، پوليس اهلڪار کي موقعي تي ئي گرفتار ڪيو ويو هو ، اهلڪار شاهد هنڱورو خلاف ڪلفٽن ٿاڻي تي ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي : پوليس

01/01/2025

🔴KTN News | 4:00 PM | Headlines | 1st January 2025

01/01/2025

ڪراچي : صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار , آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ٻين جي پريس ڪانفرنس

01/01/2025

ڪراچي : صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار , آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ٻين جي پريس ڪانفرنس

01/01/2025

حيدرآباد : ايف آءِ اي سائبر ڪرائم حيدرآباد جي ڪارروائي ، ڪورٽ ملازم سجاد جتوئي گرفتار

Address

KTN News 6-9 West Point Tower Mezzanine Floor Ext-II DHA Karachi
Karachi
75500

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Ktnnewshdtv posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Ktnnewshdtv:

Videos

Share