26/02/2024
ٽٽل دل کي ڳنڌڻ بہ اچي ٿو
توکان سوا جاني جيئڻ بہ اچي ٿو
ٽوڙي دل کي بھلي ڪر سؤ ٽڪڙا
پر ھڪڙي ڪجان ڳالھ ياد مٺڙا
چپ رھياسي ڪجھ چوڻ بہ اچي ٿو
پرائي کي پنھجو چوڻ چرائي آ
ھت پيار ۾ رڳو بيوفائي آ
روئڻ ۽ روئارڻ بہ اچي ٿو
انور بھيو جاني تو بن جيئندو
اڪيلو تو سواءِ مري ڪون ويندو
تنهائيءَ ۾ رھڻ بہ اچي ٿو