30/07/2023
پنجاب پوليس صرف ڳالهيون ۽ ڪريڊٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوڙيون دعوائون ڪَري سگهي ٿي! پر ايس ايس پي امجد شيخ وڏي هوشياري سان نانگ کي ماري لَٺ بچائي ويو!
ڀَلي ڪير ڪيتريون به دعوائون ڪَري پر جنهن مهارت ۽ منصوبابندي سان ڌاڙيل جهنم حوالي ٿيا آهن! اهڙي صلاحيت صرف ايس ايس پي امجد شيخ وَٽ ئي آهي! يعني عام شهرين سميت پوليس به محفوظ رهي ۽ ڌاڙيل به آساني سان مارجي ويا! ان کان اڳ به اوهان ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ ڏٺو هوندو ته امجد شيخ بهتر منصوبابندي سان نه صرف ضلعي ۾ امن ڪرايو پر ڌاڙيلن سان ٿيندڙ مقابلن ۾ پوليس ۽ عام شهرين کي نقصان کان پڻ بچايو! اهڙو دماغ رکندڙ شخص کي جيڪڏهن ترقي ڏئي آئي جي سنڌ مقرر ڪيو وڃي ته پَڪ سان چئي سگهون ٿا ته پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ تمام گهڻا سُڌارا اچي سگهن ٿا!
وڌيڪ جيڪڏهن ڪنهن کي شَڪ آ ته ڌاڙيل ڪيئن مُئا ڪنهن ماريا، سوال اهو ڪونهي! ظالم هئا، ڪُتي جي موت مَري ويا! جيڪو به ٿيو، سٺو ٿيو!
SSP Amjad Ahmed Shaikh PSP