جوهي ۾ بدامني خلاف احتجاج،
Jan Muhammad Gadehi Dharti TV Johi
جوهي ميونسپل ڪاميٽي مڪمل طور ناڪارا بڻيل آهي شهر اندر مختلف روڊن تي اڪثر موريون ڀڳل گٽرن جا ڍڪڻ جيڪي سالن کان کليل آهن ،جنهن ۾ روز حادثا به پيش اچي رهيا آهن،
شهر جي مختلف هنڌن تي گٽرن جا ڍڪڻ کليل آهن ڊپٽي ڪمنشنر دادو نوٽيس وٺن شهر اندر مين روڊن تي ڀڳل موريون ٺهرائين ته جيئن وڌيڪ جاني نقصان کان شهر واسي بچي سگهن 🙏
جوهي شهر ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني تي ضابطو نه آيو, رات دير سان جوهي دادو روڊ تي ٽن ڪلاڪن تائين مسافرن کان ڦُر واقعي خلاف سول سوسائٽي ۽ ڊرائيور ايسوسيئيشن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ،
جوهي حاجي خان روڊ تي ريتي سان ڀريل ٽرڪ ڪلٽي ڊرائيور ۽ مزدور معجزانه طور محفوظ ،
جوهي حاجي خان جو رستو خراب هئڻ سبب واقعو پيش آيو ،
جوهي ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني ڦُرون ڌاڙا روز جو معمول بڻيل شھرين پاران پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو, ايس ايس پي دادو ۽ ايس ايڇ او جوهي کي هٽائڻ جو مطالبو,
جوهي ۽ ڀرپاسي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ، شهرين سياسي سماجي ڌرين، بلاول پارڪ کان هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري امن امان بحالي جو مطالبو ڪيو ،
بيدرد تنهنجي شهر کي هاڻي ڇڏيون وڃان ٿو,
جوهي ڪاڇي جي اولياھ جنن جي بادشاھ پير گاجي شاھ جي ميلي تي ماڻهو وار ڳولڻ لڳا،
هن عمل کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو ?
جوهي:گاجي شاھ ميلي تي ڀان ۽ جوهي طرف کان ويندڙزائرين ڇني پُل وٽ ٽريفڪ مڪمل جام هئڻ سبب سخت پريشان! گاڏين جون قطارون لڳي ويون!
جنن جي بادشاھ طور مشهور الياءَ گاجي شاھ عرف گنج بخش جو ساليانو ميلو کير ٿر جابلو پٽي جي هنج ۾ الله تهار جي صدائن سان جاري آهي جتي پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارن جي تعداد ۾ مريد ۽ عقيدتمند پهتل آهن
جوهي ۾ بدامني رڪجي نه سگهي
جوهي ڀان روڊ سان ڏينهن ڏٺي جو هٿياربند ڦورن پاران ٽيلينار فرنچائز وارن کان ڊوائيزون ڪيش پئسا ۽ موبائيل فون ڦر ڪري ڦورو با آساني سان فرار ٿي ويا،
جوهي لڳ ڳوٺ مرزا چنا واسي ڳوٺاڻن جو پوليس ۽ مبينا ڦر ڪندڙن خلاف پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو ,