Muola Bux Brihmani

Muola Bux Brihmani Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Muola Bux Brihmani, TV Channel, Village Nangardario Khoso City Johi, Johi.

24/05/2023

ڳوٺ بازمال کوسو ۾ ھڪ دفعو وري امن امان خراب ڪرڻ تي اسان سخت لفظن ۾ مزمت ڪيون ٿا.... ۽ ھر ھڪ ڳوٺ واسين کي اپيل ٿو ڪجي ته خدارا ڳوٺ ۾ ھڪ ٻئي جو ساٿ ڏين ته جيئن چوري واري واردات تي ضابطو آڻجي ......
ھتي توڙي جو ٻاھرين ڳوٺ واسين سڀني کي ساٿ ڏيڻ جو اپيل... بدامني جو راڄ
ڳوٺ بازمال ۾ رات وري ٻيھر چور چوري ڪرڻ جي ڪوشش...😢

16/09/2022

*ايم پي اي سجيلا لغاري کان پوء ايم اين اي عرفان ظفر* *لغاري خيرپور ڪين شاھ جون دانھون منھنجي ڪير به نٿو* *ٻڌي مان ڀڄي ڀڄي بيٺو آھيان*
*منھنجو ڪي اين شاھ سڄو* *ٻوڙيو ويو پوري دادو ضلعي* مان* *ڪي اين شاھ جي تباهي تمام* *گھڻي ٿي آهي*
*دادو ضلعي جي پوري ايڊمنسٽريشن نااهل آهي وڌ کان وڌ نااهلي ايريگيشن ڊپارٽمينٽ جي آهي ضلعي انتظاميان منھنجي نٿي ٻڌي حالت ڏسو مطلب ت ٻوڏ متاثرين کي ڪجھ ب ڪون ملندو*🤔🤔

15/09/2022

ڪجھ ڏينھن اڳ قتل ٿيل صفر ٻٻر جي وارثن جو احتجاج ڪندي انھن الزام ھنيو ته ڊرگھ بالا پوليس مک جوابدار دادن لنڊ کي ڪيترائي ڏينهن گذري ويا پر گرفتار ڪري نه سگهي انھن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڊرگھ بالا پوليس باري رشوت وٺي خاموش بڻيل آهي

13/09/2022

*جوھي ڪاليج وٽ ٻيڙي جي جنريٽر کي باھ لڳي وئي ٻيڙي جا پيسينجر پاڻي ۾ پاڻي ننڍو ھجڻ ڪري ڪو ب جاني نقصان ناھي ٿيو*

12/09/2022

ڊرگھ بالا ٿاڻي تي چار ڏينھن پھريان گولي ھڻي قتل ڪندڙ جو ڪيس ڊرگھ بالا ٿاڻي تي مقتول جي امڙ جي فرياد تي ٻن جوبدارن ۽ ھڪ نامعلوم مٿان قتل جي ايف آر ڪٽي وئي مک جوبدار دادن لنڊ علي لنڊ ھڪ نامعلوم مٿان
وارثن لاش روڊ تي رکي جوبدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ايس ايس پي دادو ڊي ايس پي جوھي کان مطالبو ڪيو ته جلد سفر ٻٻر جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن نه ته ٻي صورت ۾ ايس ايس پي دادو آفيس اڳيان احتاجي مظاھرو ڪيو ويندو

11/09/2022

سڄو ڪاڇو تباھ ٿي ويو عوام دربدر ٿي وئي ڪاڇي واسين جو زميني رابطا جوھي دادو سان ڪٽيل ٻوڏ متاثر ماني ڳڀي لاءِ پريشان ڪنھن بہ نوٽيس نه ورتو

07/09/2022

* سپريم ڪورٽ چيف جسٽس آف پاڪستان ڏانهن کليل خط *شيئر ڪري پھچائڻ ۾ مدد ڪندا*

*مان وارا سائين ( سپريم ڪورٽ چيف جسٽس آف پاڪستان اسلام اعليڪم اميد ته ٺيڪ ھوندا اسان ڏي به الله خير ڪيو آ*

_*آئون عرضدار نالي صحافي مولابخش برھماڻي پريس ڪلب ڊرگهه بالا ______________________________

پوري ڪاڇي جي اندر ٻوڏ۽ برساتن تباھي مچائي ڇڏي آهي سنڌ حڪومت ضلعي انتظاميه ۽ اسان جا چونڊيل نمائندا خاموش بڻيل آهن ھن وقت ڪاڇي واسي ھڪ ويلي جي ماني ڳڀي لاءِ پريشان بڻيل آهن ۽ ٻوڏ متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن جڏهن ته ڪاڇي جا روڊ رستا ٻين مھينن کان دادو جوھي سان زميني رابطا ڪٽيل آھن ڪاڇي جي عوام جا حالات انتھائي خراب بڻيل آهن جتي پورو ملڪ آفت جي هيٺ آهي، پوري سنڌ اندر ٻوڏ متاثرن کي لاوارث حالت۾آھن پر بلخسوس ڪاڇو جتي مائروڙن وٽ کائڻ ۽ پيئڻ لاء ڪجھ ڪونهي اهي *۔

*خدارا ڪاڇي جي ٻوڏ متاثرين جي دانھن ٻڌو ۽ پاڻمرادو نوٽيس وٺو * ڪاڇي جي عوام لاءِ تڪڙو ۽ ترت نوٽيس وٺو* *ڪاڇي جي ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪيو ڪاڇي جي يتيمن ۽ بيواهن سان انصاف ڪيو۔ بيشڪ انصاف ڪندڙ رب کي* *نزديڪ آهي*!

06/09/2022

ڪاڇي جا ٻوڏ متاثر بي يارو مددگار بڻيل چونڊيل نمائندا۽ ڊي سي دادو ٻوڏ متاثرن کي رليف فراهم ڪرڻ۾ مڪمل ناڪام نظر اچي رھيا آھن ڪاڇي جا ٻوڏ متاثر هڪ ويلي جي ڳڀي لاءِ پريشان بڻيل

04/09/2022

ڪاڇي جي ٻوڏ متاثرن جي واھر نه ٿي سگهي ٻوڏ متاثر سراپا احتجاج بڻيل چونڊيل نمائندن۽ ڊي سي دادو ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو ڪاڇي جا ماروئڙا بي يارو مددگار بڻيل

03/09/2022
03/09/2022

*منڇر جي تازه ترين صورتحال :
دانسترواهه جي ٽنهي دروازن تان پاڻي اوور ٽاپ ٿيڻ لڳو ـ*

03/09/2022

ڪاڇي جا ماروئڙا ٻوڏ متاثر ھجڻ باوجود چونڊيل نمائندن کان وسريل ھزارين خاندان بک کان بيحال بڻيل

03/09/2022

ڪاڇي جي ٻوڏ متاثرن ڪو به رليف نه ملي سگهيو آهي ٻوڏ متاثر کليل آسمان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل

30/08/2022

ڪاڇي جي ٻوڏ متاثرن جي ڪنھن بہ مدد نہ ڪئي ڳوٺ سعيد خان ٻٻر سميت ٻين ڳوٺن جا رهواسي پريشان بڻيل

29/08/2022

ڪاڇي جي ٻوڏ متاثرن کي ٻيڙيءَ ھلائيندڙ ملاحن به نه بخشو ڪجھ ڏينھن اڳ ماڻڪ کوسو وفات ڪري ويو هو جنهن جي ميت کي اباڻي قبرستان جي لاءِ جوھي کان ٻيڙي ذريعي ڳوٺ بازمال کوسو آندو ويو جنھن جو ڪرايو ٻيڙي واري ڏھ هزار ورتا اڄ ھڪ مسڪين سبزي واري کان ساڍا چار هزار ڪرايو ورتو ويو آهي انتظاميا کي فورن نوٽيس وٺڻ گهرجي

27/08/2022

ڪاڇي جي ٻوڏ متاثرن جي مدد نه ٿي سگهي عوام لاوارث بڻيل چونڊيل نمائندا۽ ڊي سي دادو به خاموش بڻيل

27/08/2022

سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب ڪاڇي جا ٻوڏ متاثر بي يارو مددگار بڻيل ٻوڏ متاثرين کليل آسمان هيٺ ويٺل

27/08/2022

جلد کان جلد ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪئي وڃي تحريڪ ليبڪ جي اڳواڻ محمد بچل

26/08/2022

ٻوڏ کانپوءِ برساتن تباھي مچائي ڇڏي ٻوڏ متاثر بي يارو مددگار بڻيل روڊ رستا بحال نه ٿي سگهيا

24/08/2022

ڪاڇي جا ھزارين خاندان ٻوڏ۾ متاثر ٿيڻ ڪري بيوس بڻيل چونڊيل نمائندن کان ڪاڇي جي عوام وسري وئي

24/08/2022

ڪاڇي جي ٻوڏ متاثرن جي مدد نه ٿي سگهي ٻوڏ متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل زندگي جيئڻ چليج بڻيل

23/08/2022

ڊرگهه بالا لڳ ڳوٺ راڄوڳنڍو جي ٻوڏ متاثرين۽ برساتن جي سٽيل عوام جي ڪنھن بہ مدد نہ ڪئي آهي جڏهن ته ٻوڏ متاثر کليل آسمان هيٺ بيواھ بيگم کوسو حاجاڻي کوسو جو چوڻ هو ته وس وارا سنڌ حڪومت اسان جي مدد ڪري

23/08/2022

حيرت جي ڳالهه آ ٻوڏ متاثرين ۽ برساتن جي ڪري منھنجا مسڪين ماروئڙا ھڪ ويلي جي ماني لاء پريشان بڻيل آهن ضعلي انتظاميا۽ چونڊيل نمائندا خاموش تماشائي بڻيل

23/08/2022

ڪاڇي جا روڊ کنڊرات بڻيل ٺيڪيدارن جي نااهلي سبب ڪاڇي جا روڊ تباھ بڻيل

22/08/2022

سڀاڻي CM سنڌ دادو پيو اچي, دادو جي صحافين کي گذارش آهي ته مهرباني ڪري صرف ٻوڏ، برسات متعلق ئي CM صاحب کان سوال ڪن
جيئن وڌ کان وڌ متاثرن جي مدد ٿي سگهي 🙏

22/08/2022

حڪومت پاران گهرن ۽ ڀتين ڪرڻ سبب فوت ٿيلن جي وارثن لاء 10-10 لک روپيه ڏيڻ جو اعلان

22/08/2022

ڳوٺ راڄوڳنڍو جا رهواسي لطف کوسو اسد الله کوسو بيواھ ڀاوني کوسو وس وارن کي مدد جي اپيل ڪئي

22/08/2022

ذريعن موجب دادو ضلعي ۾ ايمرجنسي آرمي پھچي وئي آهي
پاڪ فوج زنده آباد 🙌🇵🇰

ڏک جي خبرڊرگھ بالا جو رھواسي مشھور جيپ ڊرائيور نصرالله ڏاھري ڪينسر جي موذي مرض ۾ وفات ڪري ويو
22/08/2022

ڏک جي خبر
ڊرگھ بالا جو رھواسي مشھور جيپ ڊرائيور نصرالله ڏاھري ڪينسر جي موذي مرض ۾ وفات ڪري ويو

Address

Village Nangardario Khoso City Johi
Johi

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Muola Bux Brihmani posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Share

Category