Sindh newz

Sindh newz

21/11/2023
19/11/2023

ﮬﻦ ﻧﻴﺎﮢﻲ ﺟﺎ ﻟڙڪ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺟﺎ ﻓﻨڊ ﮐﺎﺋﻴﻨﺪڙﻥ ﺟﻲ ﭔﻮﭢ ﺗﻲ ﭼﻤﺎٽ ﺁﻫﻲ ,
ﺟﻨﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻋﻮﺍﻡ ﻭڏﻱ ﻃﺒﻘﻲ ﺗﻲ ﻭﻳﭡﻞ ﺳﺮڪﺎﺭﻱ ﺁﻓﻴﺴﺮﻥ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ
ﻣﻼﺯﻡ ﺳﻤﺠﻬﻨﺪﻱ ,
ﺁﺋﻮﻥ ﺳﻤﺠﻬﺎﻥ ﭤﻮ ﭘﻮﺀ ﺳﻨﮅ ﺿﺮﻭﺭ ﺗﺮﻗﻲ ڪﻨﺪﻱ ,
ﺍﺳﺎﻥ ۾ ﺍﻧﻘﻼﺑﻲ ﺷﻌﻮﺭ ﺟﻲ ﻭڏﻱ ﮐﻮٽ ﺁﮬﻲ !!!!...

19/11/2023

🙏

19/11/2023

😂😂🙏

آفسوناڪ خبر: اِنّا لِلّهِ وَاِنّا اِلَيْهِ رَاجِعُوْن💔😭اسين جي مئاسين سفر ۾  او ساٿيته  ماڻي دا منزل پنھنجا ڍول ڍاٽي ـ ـ...
15/11/2023

آفسوناڪ خبر:
اِنّا لِلّهِ وَاِنّا اِلَيْهِ رَاجِعُوْن💔😭
اسين جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي
ته ماڻي دا منزل پنھنجا ڍول ڍاٽي ـ ـ ـ

جئي سنڌ قومي معاذ ( ناري تحريڪ ) جي آڳواڻ ڪامريڊ ادي مرڪ جان پرسرار طور فوت وارثن طرفان ڳجھي نموني قتل ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ھن ڏکائيندڙ گھڙي ۾ اسان ھنن وارثن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ ۽ سوڳوار آھيون ۽ ھن ڳجھي نموني ٿيندڙ موت جي جاچ شاف شفاف ٿيڻ گھرجي ته حقيقتون سنڌ آڏو پيش ٿين ـ 😭😭😭
جا مُرڪ مون کان وئي کسي تنھن مُرڪ جو آھي قسم،
مان رَتُ رُنس جو ظالمو! تنھن لڙڪ جو آھي قسم،
جيجل جي مٺڙي ٿڃ جي، ھر سُرڪ جو آھي قسم،
پلئه ڪندس، پلئه ڪندس، اي وقت! توسان آ وچن!

”آڪاش“

ادي مرڪ پيرزادو❤

اي سنڌ ڌرتي جي جاکوڙي ارڏي ننڊر ڌيء تنهنجون سنڌ لاء ڏنل عظيم قربانيون سنڌ نه وساريندي, مون توهان جي اکين ۾ آزادي جي جستجو, فڪر, جدوجهد, اعتماد سائين جي ايم سيد سان محبت محسوس ڪئي ھئي مرڪ تون ھڪ بھادر ڇوڪري ھئين تو ته خاڪي وردي وارن کي سر عام للڪاريو ھو پوء تون ڪيئن ٿي خودڪشي ڪري سگھي ڪاش ادي مرڪ اھا خبر پئجي سگھي ته ان واقعي جو اصل ڪارڻ ڇا آھي وڌيڪ ڪجھ لکجي ته ڇا لکجي ھن خبر جيء جھوري وڌو آ الله سائين اوھان جي فيملي کي صبر جميل عطا ڪري ۽ اوھان کي غريق رحمت ڪري آمين

14/11/2023

😂😂

14/11/2023

😂😂

13/11/2023

واھ ڙي واھ ٺوڙھا 😂😂

11/11/2023

ڳوٺ سيد نور شاھ جي رھواسين جو بااثر زميندار پاران ڳوٺ مان زبردستي لڏائڻ خلاف ڳوٺاڻن غلام قادر لاشاري,محرم علي لاشاري ,ياسين لاشاري,خدا بخش لاشاري,مسمات بانک,مسمات ڌنا, مسمات حميدا لاشاري معصوم ٻارن عمران,مسڪان,شھزادي ۽ ٻين سان گڏجي پريس ڪلب جھول اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪندي صحافين اڳيان داھيندي چيو ته ھو سرڪاري ڳوٺ ۾ ويٺل آھي جٿي جا زميندار پھنجون ٻنيون پلاٽنگ ڪري وڪري ڪري ھاڻ ڳوٺ ۾ پيڙھين کان ويٺل انھن غريبن کي لڏائي اتي بنگلا ٺاھڻ لا۽ انھن کي ڌمڪائي گھرن کي باھيون ڏيڻ جا داٻا ڏئي ڳوٺ مان نيڪال ڪرڻ چاھين ٿا انھن وڌيڪ چيو ته انھن سان رند برادري سان تعلق رکندڙ زميندار انھن جي اچ وڃ جا رستا بند ڪري ڇڏيا آھن انھن کي پاڻي ڀرڻ به نٿو ڏنو وڃي ھو سخت پريشان آھن انھن وٽ بس ايھا ملڪيت گھر آھن جيڪي ھڪ سرڪاري ڳوٺ ھجڻ جا انھن وٽ سڀ ثبوت آھن انھن اھڙيون دانھون ڊي سي سانگھڙ توڙي مختار ڪار سميت جھول ٿاڻي تي ڏنيون آھن ته انھن کي جبري طور تي گھر خالي ڪرايا پيا وڃن ته ان معاملي جو نوٽيس وٺي انھن کي تحفظ ڏنو وڃي ۽ انھن کي ڌمڪيون ڏيندڙ ۽ جبري گھر خالي ڪرائيندڙ خلاف قانوني ڪاروائي عمل ۾ آندي وڃي انھن آخر ۾ ايس ايس پي سانگھڙ ۽ ڊي سي سانگھڙ کان مطالبو ڪيو ته ان معاملي جو فوري نوٽيس وٺي انھن سان انصاف ڪن.

اڄ جي ڳالھگذريل ڏينھن مٽڻي افغانيء وٽ خوار ٿيندڙ صحافيء جي بي سرائپ جون خبرون پاروٿيون ٿيون ئي ڪين ته ھڪ ٻئي صحافيء پنھن...
11/11/2023

اڄ جي ڳالھ

گذريل ڏينھن مٽڻي افغانيء وٽ خوار ٿيندڙ صحافيء جي بي سرائپ جون خبرون پاروٿيون ٿيون ئي ڪين ته ھڪ ٻئي صحافيء پنھنجي غلاظت واري مزاج کي نروار ڪري ڇڏيو ، اھڙنن واقعن مان اندازو ٿي وڃي ٿو ته اسان جي صحافت جي اڪثريت جي ليول ڇا آھي ؟
بنا پگهار جي سڄو ڏينهن صحافت صحافت ڪندڙ صحافت ڪيتري ڪارائتي ڪري سگهن ٿا سو سمجهڻ اڳ به ڏکيو نه ھيو اڄ به ڏکيو نه آهي..

11/11/2023

ئي کئين کوسا با 😜
مزيدار ڪچھري
ميھڙ جي رڪشہ چوڪ تي ٻہ جوئاري ڏاندن جي گوء تي رکيل 1600 سئو روپيا جي شرط تي پاڻ ۾ ٽڪرجي پيا، ھڪ ڪلاڪ تائين ھڪ ٻئي کي چھڙون ڏيندا رھيا درجنين ماڻھو سندن رونشو ڏسڻ لاء بيھجي ويا 😂

27/09/2023

Address

Jhol
222

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindh newz posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Share


Other Jhol media companies

Show All