BDS in liaquatian's way

BDS in liaquatian's way educational institutions

17/10/2022

BDS Canteen 🙈

17/10/2022

Good luck old house Officers 😂🙈

13/10/2022

انتھائي افسوس ۽ شرمناڪ عمل آهي , ڊينٽل ڊاڪٽرن جي ڪا مالڪي ناھين ـ جٿي ھزارين ڊينٽل سرجن موجود ھجن اتي فقط 50 پوسٽن جو اعلان ڪرڻ ھڪ وڏي بي واجبي , زلت , خواري کان سواء ٻيو ڪجهه ناھين ـ اسين سنڌ حڪومت کان اپيل ٿا ڪيون تا ڊينٽل سرجن جو پوسٽون وڌايون وڃن ۽ ڊينٽل سرجن کي پھنجو حق ڏنو وڃي ـ

22/09/2022

Timetable of First Year BDS (2021-22) / Third Module / Second Week

Now a days faces in my lovely university 😂
21/09/2022

Now a days faces in my lovely university 😂

04/09/2022

منڇر جو قصو
عبدالرحمٰن پيرزادو

سوشل ميڊيا تي سنڌوءَ جو ڇوڙ سکر وٽان گهٽائي، وھڪري کي ماٺو ڪري منڇر جو پاڻي سنڌو درياھہ ۾ ڇوڙ ڪرڻ جون ڳالھيون پيون ٻڌجن. ٿورو ان تاريخي ھاڃي تي بہ سوچجو جيڪو سن 2005ع ۾ ان وقت برپا ٿيو ھو جڏھن اھڙن مطالبن تي بنا ڪنھن سوچ سمجهہ جي منڇر جو پاڻي سنڌوءَ ۾ جهجهي مقدار ڇوڙ ڪرايو ويو ھو جو حيدرآباد ۽ ڏکڻ سنڌ جا اھي شھرن جيڪي واٽر سپلاءِ وسيلي رڳو سنڌوءَ جو پاڻي پيئڻ لاءِ استعمال ڪندا آھن، انھن شھرن ۾ دستن جي وبا برپا ٿي ھئي. حيدرآباد شھر ۾ سوين ماڻھو موت جو شڪار ٿيا ھئا ۽ سالن تائين اھي ڪيس ڪورٽن ۾ ھلندا رھيا. آخر ۾ ڪورٽ سڳوريءَ طرفان سزا رڳو انوقت جي ڊي ايڇ او کي ملي باقي سڀ ساڌ ثابت ٿيا.
منڇر جي پاڻيءَ جي تپاس ڪرائي، ان جي موجودہ آلودگي جو تعين ڪرڻ لاءِ آبپاشي ۽ پبلڪ ھيلٿ جي ماھرن تي مشتمل مستقل نگران ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا اھو فيصلو ڪري تہ منڇر جو ڪيترو پاڻي سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪرائڻ باوجود حيدرآباد ۽ ڏکڻ سنڌ جا اھي شھرن جيڪي واٽر سپلاءِ جي بندوبست تحت سنڌوءَ جو پاڻي پيئڻ لاءِ استعمال ڪندا آھن، انھن وسندين ۾ مھيا ٿيندڙ پيئڻ جو پاڻي صحت جي عالمي اداري طرفان مقرر ڪيل معيار مطابق آٺاري، ڇاڻي، پيئڻ لائق بڻائي شھرين کي مھيا ڪري سگهبو يا نہ.
ياد رھي تہ سنڌ ۾ رڳو نڪاسيءَ واري شعبي کي پبلڪ ھيلٿ چوندا آھيون، جيڪو صرف ھڪ جز آھي. انھن جو ھجڻ بہ لازمي آھي پر پبلڪ ھيلٿ جي ڊاڪٽرن جو ھجڻ بہ لازمي آھي.
ڪلھہ رات جيڪو سيوھڻ وٽان منڇر جي بند کي ٽوڙي اڻ ميو پاڻي سنڌوءَ ۾ شامل ڪيو ويو آھي، اھو وري ڪنھن سن 2005ع جھڙي ھاڃي کي جنم نہ ڏئي. ان لاءِ حيدرآباد ۽ ڏکڻ سنڌ جا اھي شھرن جيڪي سنڌوءَ جو پاڻي پيئڻ لاءِ استعمال ڪندا آھن انھن شھرن کي واٽر سپلاءِ وسيلي پيئڻ جو پاڻي پھچائڻ تي مامور ذميوارن کي ڌيان ڏيڻو پوندو.
ان ڏس ۾ ڪوٽري بئراج جي پاڻيءَ جي انساني استعمال واري صورتحال متعلق سنڌ يونيورسٽي، مھراڻ يونيورسٽي ۽ لياقت يوہيورسٽيءَ کي پاڻيءَ جي تپاس ڪري انگ اکر روزانو جي بنياد تي پڌرا ڪرڻ گهرجن.
اسحاق مڱرئي جو خيال آھي تہ ھن وقت منڇر ۾ تازو پاڻي آيل آهي. زرعي زمينن واري ويسٽيج وارو پاڻي ھن وقت منڇر ۾ ناھي ۽ درياهہ ۾ وڏو وهڪرو موجود آهي.ان ڪري اھو مسئلو ھن وقت منڇر جي پاڻيء سان موجود ناهي
اسحاق جو انھي صحافتي سند جي تصديق ڪير ڪندو؟
منڇر جو پاڻي تازو آھي يا گندگيءَ ڀريو، اھو فيصلو ڪير ڪندو؟
ياد رھي تہ ڪيميائي ۽ حياتياتي گندگي عام اک سان ڏسڻ ممڪن ڪونھي.
ان پاڻيءَ جي ليباريٽري تپاس ڪرائي اھو طئي ڪرڻ ۾ ڪھڙي خرابي آھي تہ منڇر جو پاڻي ڪھڙي ڪييائي حالت ۾ آھي.
جڏھن اھو پاڻي سنڌوءَ جي وھڪري ۾ شامل تي ڪوٽڙي پھچندو تہ ان جي حالت ڪھڙي ھوندي؟
انساني استعمال لاءِ خاص ڪري پيئڻ لاءِ مناسب ھوندو يا نہ؟
گڏيل قومن واري صحت جي عالمي اداري طرفان پيئڻ جي پاهيءَ جي درجابنديءَ کي استعمال ڪندي اھو طئي ڪرڻ ضروري آھي جيئن وري ڪو نئون ھاڃو پيدا نہ ٿئي جيڪو سنڌ جي اڳ ئي لڙھيل صحت جي شعبي کي وڌيڪ لوڙھي ڇڏي.
ھي سنڌ، مھراڻ ۽ لمس ۾ ڪروڙن جو واٽر ٽيسٽنگ ليباريٽريون، اربن جون پگهارون ڪھڙي ڏينھن ڪم اينديون.
منھنجي سمجهہ مطابق اڳ جيڪڏھن ڇنڊڻ ۽ رائيٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين وسيلي ڪجهہ ھزار ايڪڙن جو گندو پاڻي منڇر ۾ ايندو ھو تہ ھن ٻوڙان ٻوڙ ۾ بلوچستان کان ويندي منڇر تائين نہ رڳو لکين ايڪڙن پر ھزارين ڳوٺن جي لکن جي تعداد ۾ آباديءَ ۽ لکين جانورن، ھزارين مڇيءَ جي تلائن، ھزارين ڪڪڙين جي فارمن جو سڄو ڪيميائي ۽ حياتياتي گند انھي پاڻيءَ ۾ شامل آھي جيڪو وھڪرو ڪونھي ھڪ ذخيرو آھي
Copied from the wall of Abdul Rehman Pirzadu

Everyone shud attend!
02/07/2022

Everyone shud attend!

02/07/2022
 :Say No to discrimination among Students of different dept of LUMHS, Students Request to Lumhs administration 🙏💔Some On...
02/07/2022

:
Say No to discrimination among Students of different dept of LUMHS, Students Request to Lumhs administration 🙏💔
Some One emotionally commented, on a post, in Official page of lumhs announcing for Top 10 award Ceremony for Only a few MBBS/BDS batches except Other any other dept & even except some MBBS/BDS batches who passed out recently..!!
🙏💔

26/06/2022

Address

Jam Shoro

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when BDS in liaquatian's way posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Category


Other Media in Jam Shoro

Show All