شھيد ناظم جوکيو
ڀٽائي نيوز سٿ پاران شھيد ناظم جوکيو کي اڱاري ڏينهن (09/11/2021 ) تي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو اعلان ـ ـ ـ ـ !
جوھي
جوھي برانچ جي مُختلف شاخن ۾ زرعي پاڻي کوٽ برقرار, پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن , سياسي , سماجي , سول سوسائيٽي سميت شھرين پاران غلام قادر لغاري, يونس سولنگي, ڪامريڊ جمن سنڌي, امام علي روستماڻي, ميھر گاڏھي, ڪامريڊ ايوب لغاري, لطيف جمالي , خليل عارف سومرو, سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽر منظور لغاري چونڪ تي عَلامتي بُک ھڙتال. پاڻي ڏيو پاڻي ڏيو ظالمو.پاڻي ڏيو جون صَدائون.
جوھي برانچ جي مُختلف شاخن چنجاڻي, مائينر , ڇِني , دَڙا , لاکا سميت ٻين شاخن جي حصي جو زرعي پاڻي جوھي برانچ جي مُنڍ جا با اثر زميندار سرعام غير قانوني لفٽ مشينون ھڻي پاڻي تي ڌاڙو هڻي رھيا آھن , آبپاشي کاتي دادو جوھي جا راشي عملدار پاڻي چورن خلاف قانوني ڪاروائي ڪرڻ بجاء رُشوت وٺي خاموشي اختيار ڪري ڇڏي آھي ,,آبادگار“
دادو
دادو جي احساس ڪفالت سينٽر تي ميگا ڪرپشن ٿيڻ جو انڪشاف انچارج ۽ ملوث ايجنٽن خلاف ڪورٽ ۾ ڪيس داخل *
دادو
دادو:
جوهي برانچ جي مُختلف شاخن ۾ زرعي پاڻي نه پُهتو پاڻي کوٽ سبب چيٽ جو فصل مُتاثر ٿيڻ جو خَدشو ظاهر. آبادگار ذھني پريشانين جو شڪار, آبادگارن, سياسي سماجي سول سوسائٽي جي اڳواڻن پاران زرعي پاڻي کوٽ خلاف غلام قادر لغاري, ڪامريڊ يونس سولنگي, ميرمحمد لغاري, خيل عارف سومرو, ايوب لغاري, سڪندر جمالي, ڪامريڊ جمن سنڌي سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ شهيد مخدوم بلاول پارڪ کان هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مُظاهرو ڪري نيشنل پريس ڪلب جوهي اڳيان ڌرڻو
ڪوٽڙي
ڪوٽڙي سائيٽ بيھار ڪالوني اسٽاپ تي پٺاڻن جي اوباش ڇوڪرن جي رستي ويندڙ عورتن سان ڇيڙ ڇاڙ،
ٽي بي ٿاڻي تي متاثر نياڻي جي وارثن جي رپورٽ داخل هجڻ بدران پوليس ڪا به ڪارروائي نه ڪئي، جڏهن ته جسقم مرڪزي اڳواڻ ديدار شام جي اڳواڻي ۾ جسقم جا سوين ڪارڪن ٽي بي پوليس ٿاڻي تي پهچي ويا، آڳواڻن جو چوڻ ھو ته پٺاڻن جي اوباش ڇوڪرن تي ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي،پٺاڻن جي اڳواڻي ڪندڙ اڳواڻ ظاهر ٿي پنهنجي اوباش ڇوڪرن کي لغام ڏين، رستي ويندڙ نياڻين کي تنگ ڪرڻ برداشت کان ٻاهر آهي، پٺاڻن کان ووٽ وٺڻ جي لالچ ۾ چونڊيل نمائندا خاموش تماشائي بڻيل آهن!ڌرڻي جي اڳواڻي جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام ،جسقم اڳواڻ خالق مهراڻ ،آصف ميراڻي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا
ڀان سيدآباد
ڀان سيدآباد ويجهو بلاول پور ۾ 2 سالا معصوم نينگر عبدالغفار شاهاڻي پُر اسرار بيماري ۾ مبتلاع مٿان با اثرن جو ظلم ۽ بربريت جو اتاب معصوم نينگر کائڻ پيئڻ کان لاچار ، نينگر سخت ڪمزور ، هلڻ کان لاچار ، سندن امڙ پنهنجي جگر کي تڪليفن ۾ ڏسي روئي روئي ڏينهن گذارڻ تي مجبور ، حڪومت توڙي چونڊيل نمائندن سندن سار نائي لڌي معصوم نينگر جا وارث ڪنهن مسيحيٰ جا منتظر سنڌ جي وڏي وزير کان محصوم نينگر کي علاج ڪرائڻ جي اپيل ۔
دادو : جوھي
جوهي ( رپورٽ : فاروق علي پنھور ) جوهي شھر جو واپاري دڪاندار راشد راجپوت جي ناڪي واري هاڊويئر جي دڪان جي ٻه ماڙ ڀانڊي کي اوچتو بجلي جي تارن مان باه لڳي وئي ڏسندي ڏسندي باه ڀانڊي کي چئين طرفن کان وڪوڙي وئي جڏنهن ته باھ جي خوف سبب شھر اندر خوف حراس ڇانيل مالڪانن آصف ,ڪاشف فاسٽ نيوز سنڌ کي داهيندي الزام هڻندي ٻڌايو ته بر وقت ميو نسپل ڪاميٽي کي فائر برگيڊ جو چيو مگر جوهي فائير برگيڊ نه ملي آخر دادو مان فائير برگيڊ گهرائي وئي ته جئين باه ته ضابطو اچي سگهي ,
جوهي ( رپورٽ : فاروق علي پنھور) جوهي لڳ ڳوٺ باگڙاڻي پنھور برادري جي رھواسين جو زمين جي قبضي خلاف احتجاج ڪيو ويو
جوهي ( رپورٽ : فاروق علي پنھور ) جوهي لڳ ڳوٺ باگڙاڻي پنهور جي رهواسن محمد رمضان پنهور محرم پنهور ابراهيم العمروف صحافي فاروق پنھور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ زمين تي قبضو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاء احتجاجي مظاهرو ڪري نيشنل پريس ڪلب جوهي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آھي ته اسان جي ذاتي خريدي زمين ديھ وڳيجي ريتي ۾ سروي نمبر 304 يارنهن ايڪڙن کان وڌيڪ آھي مگر 10 کان وڌيڪ قبضه خور هٿيار بند اسان جي زمين تي هلندڙ ٽريڪٽر کي هٿيارن جي زور تي روڪي واپس ڪري زمين تي قبضو ڪري اسان جي گهرن مٿان انڌا دند فائرنگ ڪندي چيو ته زمين آباد ڪندو ته اوهان پي پٽ کي قتل ڪنداسين ڳوٺ مان لڏو کڻي وڃو هنن چيو ته زمين جا اسان وٽ قانوني ڪاغذات آھن مخالف جوابدارن وٽ ڪوب ڪاغذ ناهي ۽ اهڙو ڪيس دادو جي عدالت ۾ هلي رهيو آھي جنهن ڪيس جي اڃاتائين ڪاب فتوي ناهي آئي هنن وڌيڪ الزام هنيو آھي ته مخالف ڌر با اثر ۽ ڏوهاري قسم جا ماڻھون آھن برادري جي فيصلن ۾ پڻ شڪست کاڌي آھي هٿيارن جي زور تي حراسان ڪري اسان کي گهرن تائيم محدودڪري ڇڏيو آھي آخر ۾ ھنن سنڌ هاء ڪورٽ جي چيف جسٽس ڪمشنر حيدراباد ,ڊي سي دادو , ايس ايس پي دادو ۽ ٻين اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته زمين تان قبضو ختم ڪرائي اسان کي تحفظ فراهم ڪري انصاف ڏياريو وڃي , نه ته مجبورن آخري رستو اختيار
افسوسناڪ خبر
ڪوٽڙي سائيٽ بيھار ڪالوني جو رھواسي 12سالا سمير شيخ ولد عرفان شيخ ڪراچي واھ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو آھي جنھن جي لاش جي ڳولا جاري آھي
ڪوٽڙي ( رپورٽ : محمد اظھر رند ) ايس ٽي پي ڪارڪن مصطفي شاھاڻي کي رات جي انڌيري ۾ گلشن شھباز پوسٽ انچارج لطيف لنڊ کڻي جبري گم ڪرڻ تي ضلعي ڄامشورو صدر يونس اوٺو جي پنهنجي رھائشي گاهه ته ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چوڻ ھو ته انچارچ لطيف لنڊ جيڪو پاڻ ڏوھارين جو ساٿاري آھي اسان ايس ايس پي کان گھر ڪيون ٿا ته ايس ٽي پي ورڪر کي ظاھر ڪري مٿس ڪوڙي ايف آئي آر ختم ڪئي وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ سخت احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي ـ
مختيار ڪار قاسم آباد جي سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالھ ٻولھ ــ ملازم جي واقعي لاء جي آء ٽي جوڙي جاچ ڪئي وڃي۔ ۔ ماجد خاصخيلي