#JacobabadUpdate
جيڪب آباد: سيشن ڪورٽ حاضري تي ايندڙ مورو واسي علي غلام پٽ رجب علي کي جوابدار محبوب علي پٽ سڄڻ ڀٽي گوليون ھڻي فرار ٿي ويو, زخمي نوجوان علي غلام کي سول اسپتال جيڪب آباد آندو ويو جتي علاج جون سهولتون نہ ھجڻ سبب کيس لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو آھي.
#JacobabadUpdate
ڪيئن چئون ته بگهڙن جي ولر م اڪيلي نياڻي...
قمبر شهدادڪوٽ پوليس م عورتن جي تحفظ لاءِ مقرر ٿيل عورت اهلڪار آهي پر وڊيو ٻڌو ته ڪيئن هو پاڻ ئي حراسمينت جو شڪار ٿي آهي.
#JacobabadUpdate
جيڪب آباد/ڳڙهي خيرو: دوداپور ويجهو بڪيجا لاڙي وٽ ڦُر دوُران مزاحمت تي هڪ ڄڻو قتل هڪ زخمي، ڦورن جي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب عبدالرزاق چانڊيو مارجي ويو سندس پٽ پرويز چانڊيو سخت زخمي ٿي پيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي.
#JacobabadUpdate
جيڪب آباد: سول اسپتال ٻاھران چنگچي رڪشا ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار مبارڪپور واسي سب انسپڪٽر عبدالرشيد ڀٽو سخت زخمي ٿي پيو, جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي جڏھن تہ چنگچي رڪشا جو ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو آھي پوليس چنگچي رڪشا کي پنھنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آھي.
#JacobabadUpdate
جيڪب آباد: سنڌ دوست ڪميٽي جي امن ڪانفرنس اجلاس کانپوءِ چيمبرز آف ڪامرس جو صدر مير احمد علي بروھي ميڊيا سان ڳالهائيندي.
#JacobabadUpdate
جيڪب آباد: ٺل ڀرسان گرڊ اسٽيشن ڪنڌڪوٽ روڊ تي مسافر ڪوچ ۽ مزدا وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ ڪوچ ۾ سوار ماڻھون فوت، فوت ٿيلن ۾ حفيظ اللہ، 29 ورھين جي جميلا، خديجہ، اطلس بيبي دلمراد جعفري موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏھن تہ پرانو ۽ سنو بگٽي زخمي ٿي پيا آھ،ن لاش ۽ زخمي ٺل اسپتال منتقل ڪيا ويا آھن.
#JacobabadUpdate
جيڪب آباد: ٽاور روڊ تي قائم ھوٽلن ۽ سرائن تي سي آئي اي پوليس جا ڇاپا, مرد ۽ عورتون گرفتار.
#JacobabadUpdate
جيڪب آباد: مولاداد ٿاڻي جي حد ۾ مونکان ڦر ٿي آھي، زيادتي ڪون ٿي آھي، ليڊي ھيلٿ ورڪر جو وڊيو بيان سامھون اچي ويو.
#JacobabadUpdate
جيڪب آباد: مولاداد ٿاڻي جي حد ۾ پوليو ورڪر عورت سان زيادتي اطلاع تي ڊي سي ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد سميت ضلعي جي اعلي عملدارن واقعي واري جاء تي پھچي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ پوليو ورڪر عورت کي جمس اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس ميڊيڪل چيڪ ڪيو پيو وڃي.
#JacobabadUpdate
جيڪب آباد: دلمراد ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٽلڻ خان بنگلاڻي ۾ ڪارنھن تڪرار تان جوابدارن لياقت بنگلاڻي، امجد، آصف، اياز ۽ عامر بنگلاڻي وارن فائرنگ ڪري مھردل پٽ راجو خان بنگلاڻي کي قتل ڪري ڇڏيو, جوابدار فرار، لاش اسپتال منتقل.
#JacobabadUpdate
جيڪب آباد:سول لائين ٿاڻي جي حد مان جئي ڪمار کان ٽي هٿياربندن پاران 7 لک رپيا روڪ ۽ 5 موبائيل فون ڦر ڪندڙ جوابدارن جا سي سي ٽي وي فوٽيج سامھون اچي ويا، سرعام ديدہ دليري سان ڦر ڪندي ڏسي سگھجي ٿو.