ساک نيوز
جيڪب آباد: سول لائين ٿاڻي اندر مبينہ پوليس تشدد ۾ مارجي ويل نوجوان عمران ڪٽو وارو معامرو: پوليس الزام ھيٺ آيل ايس ايڇ او مشتاق ڀنگوار، وڏي منشي اشفاق جکراڻي، مظفر چنا ۽ غلام حسين ٽالاڻي کي عدالت ۾ بغير ھٿڪڙين جي پيش ڪيو. عدالت ۾ پيشي وقت جوابدار پنھنجا چھرا لڪائيندا رھيا
عبرت نيوز
جيڪب آباد: مزدور شھري اتحاد جو چيئرمين حاجي غلام نبي رند پريس ڪانفرنس ڪري رھيو آھي
عبرت نيوز
نوشھروفيروز ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي استقبال دوران اڳوڻو ايم پي اي ممتاز چانڊيو پنھنجي قميض ڦاڙائي ڇڏي.
عبرت نيوز
جيڪب آباد: 5 ڏينهن اڳ پر اسرار نموني فوت ٿي ويل نينگري حسينه کوسو جي وارثن ۽ جمعيت علماءِ اسلام پاران نينگري جي کي مبينه زيادتي بعد قتل ڪرڻ واري عمل خلاف ڊاڪٽر اي جي انصاري، مولانا عبدالجبار رند، حافظ مير محمد بنگلاڻي، نينگري جي والد سهڻو کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ضلعي آفيس کان احتجاجي جلوس ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو جنهن ۾ اڳواڻن سميت ڪارڪن شريڪ ٿيا، مظاهرين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪئي.
عبرت نيوز
جيڪب آباد: جيڪب آباد جي ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج عبدالغفور ڪلهوڙو جي عدالت چرس رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن محمد پنهل گوپانگ ۽ محمد يعقوب عمراڻي کي عمر قيد ۽ 10-10 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
عبرت نيوز
جيڪب آباد: جيڪب آباد ڀرسان دلمراد ٿاڻي جي حد مان اڻڄاتل شخص جو ڳلو ڪپيل لاش ھٿ اسپتال منتقل لاش جي جيڪب آباد جي مختيارڪاري روڊ جي رھواسي سجاد احمد ولد عبدالواحد ابڙو طور سڃاڻپ ٿي وئي لاش وارث کڻائي ويا.
عبرت نيوز
جيڪب آباد: جيڪب آباد ڀرسان پاڻي واري موٽر مان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ 30 ورھين جو غلام محمد ابڙو فوت ٿي ويو. لاش اسپتال منتقل
عبرت نيوز
جيڪب آباد: جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد جان محمد ٽالاڻي ڪالوني ۾ گهر ۾ گهرڻ جي ڳالهه تان مندراڻي ۽ گولاٽو برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ نظير مندراڻي، عسيَ خان مندراڻي، محمد طفيل، محمد شريف، نثار احمد، ثناءُ الله مندراڻي زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
عبرت نيوز
جيڪب آباد: جيڪب آباد ۾ بجلي چورن خلاف واپڊا جو ڪريڪ ڊائون جاري. اي سي آپريشن پرويز احمد ڦلپوٽو، ايڪس ئي اين الطاف حسين ڪيري، ايس ڊي او محمد فرحان ميمڻ جي هدايتن تي جيڪب آباد ۾ ڪالهه ٽئين ڏهاڙي بجلي چورن خلاف آپريشن ڪيو ويو. سب ڊويزن 1 جي آپريشن چيئرمين احمد نواز لاشاري، ايل ايس امداد حسين پنهيار جي اڳواڻي ۾ واپڊا جي ٽيم رحيم داد بروهي، نثار احمد دائودپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جيڪب آباد جي دستگير ڪالوني، فيئملي لائين، ضلع ڪائونسل روڊ، سول اسپتال روڊ سميت مختلف هنڌن تي بجلي چورن خلاف آپريشن ڪري سون جي تعداد ۾ ڪنڊا ڪنيڪشن ڪٽيا ويا. بجلي جي ڪريڪ ڊائون جو ٻڌي ڪيترن ئي بجلي چورن پنهنجا پنهنجا ڪنڊا ڪنيڪشن پهريان ئي ڪٽي ڇڏيا.
عبرت نيوز
جيڪب آباد: بدامني جي خاتمي ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ جيڪب آباد ۾ آل پاڪستان ٽالاڻي اتحاد پاران محسن خان ٽالاڻي، علامه مقصود علي ڊومڪي، جاڙو خان ٽالاڻي، عمران علي، همٿ علي، غلام سرور، الهداد ٽالاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهيد الله بخش سومرو پارڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو جنهن ۾ ٽالاڻي برادري جا ماڻهون وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيا، مظاهرين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي بدامني خلاف سخت نعريبازي ڪئي.
عبرت نيوز
گھوٽڪي ڪچوٻنڊي ٽو جو پوليس اھلڪار شھيد
تعلقه اسپتال گھوٽڪي ۾ شھيد جو مڙهه آندو ويو
شھيد پوليس اھلڪار علي بخش پتافي مٿان ٽٻي مائنر تي ٽن موٽر سائڪل سوار ڏوھارين فائرنگ ڪري ڏني جنھن ۾ پوليس اهلڪار علي بخش پتافي شھيد ٿي ويو سندس لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي.
عبرت نيوز
جيڪب آباد: سنڌ ۾ بدامني ۽ اغوا ڪارين خلاف مجلس وحدت المسلمين پاران علامه مقصود علي ڊومڪي، مهراڻ سوشل فورم جي چيئرمين عبدالحئي سومرو، سيد ڪامران شاهه، نثار ابڙو، سيد اعجاز شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مرڪزي امام بارگاهه کان پريس ڪلب تائين احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو جنهن ۾ اڳواڻن سميت ڪارڪن شريڪ ٿيا، مظاهرين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي بدامني خلاف سخت نعريبازي ڪئي.