04/07/2025
اڄ جو لفظ
ڪيڏارو
battlefield
ڪيڏارو معنى ”جنگ جو ميدان“ ۽ برصغير ۾ ڪيڏارو/ڪيڏار هڪ راڳڻي جو نالو آهي، جيڪا موسيقيءَ جي چند ڄاڻن چواڻِي ڪلياڻ ٺاٺ ۾ شمار ٿئي ٿي. هن سر ۾ ميداني جنگ ۽ اتان جي حالات واقعن جو بيان اهڙي ته انداز سان ڪيو ويندو آهي، جهڙوڪر اکين اڳيان ٿيندو هجي؛ ظاهر آهي ته منظرنگاري هن جو خاص جز آهي .ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ موجب: ”ڪيڏارو سنسڪرت لفظ ’ڪيدار‘ جي بگڙيل صورت آهي، جنهنجي معنى آهي ’جنگ جو ميدان‘. هندستاني گوئين موجب ’ڪيداري‘ هڪ راڳڻي جو نالو آهي، جا ديپڪ راڳ جي پنجن ڀاريائن (زالن) مان هڪ آهي. شاهه لطيف جي سر ڪيڏاري جو شمار رزميه شاعريءَ ۾ ڪري سگھجي ٿو، هن سر ۾ شاهه لطيف ڪربلا جي شهيدن جي همٿ، شجاعت ۽ بهادريءَ کي بيان ڪيو آهي. سنڌي ادب ۾ سُر ڪيڏارو ٻن ٽن خاص حوالن سان چيو ويو آهي، هڪ: ڪربلا جو واقعو؛ ٻيو: کرڙيءَ جي جنگ جو احوال، ٽيون شاهه عنات جهوڪ واري جي شهادت جو واقعو. جديد شاعرن ۾ استاد بخاري، راشد مورائي ۽ خاڪي جويي وغيره سنڌ جي سورهين ۽ قومي واقعن تي ”جديد ڪيڏارا“ لکيا آهن.