Daily Dhiyaan Talab Hyderabad

  • Home
  • Daily Dhiyaan Talab Hyderabad

Daily Dhiyaan Talab Hyderabad Most Popular, Influential and Widely-Acclaimed Regional Daily Newspaper of Pakistan"
Daily Dhiyaan T

Most Popular, Influential and Widely-Acclaimed Regional Daily Newspaper of Pakistan"
Daily Dhiyaan Talab Hyderabad is a Sindhi language daily newspaper.. It is widely recognized as the most popular, influential and widely-acclaimed regional daily newspaper of Pakistan. The Daily Ibrat gives detailed coverage to Local, National and International news with an exclusive touch seen in no other Sindhi

language daily. Daily Dhiyaan Talab Hyderabad offer Breaking News, News Update on Facebook, Instagram, Twiter and Whatsapp Groups, headline news, daily news, sports news, entertainment, business news, showbiz, editorials and much more.

7 مهينن کان سائيڪل تي 10 ملڪن جو سفر ڪندڙ پولينڊ جو جوڙو ڦُورن هٿان ڦُرجي ويو ، پولينڊ جو جوڙو مختلف سياحتي ماڳن جو دورو...
29/12/2024

7 مهينن کان سائيڪل تي 10 ملڪن جو سفر ڪندڙ پولينڊ جو جوڙو ڦُورن هٿان ڦُرجي ويو ، پولينڊ جو جوڙو مختلف سياحتي ماڳن جو دورو ڪندي سجاول باءِ پاس وٽ پهتو ته هٿياربندن ڦُر ڪئي

نصیر میمڻ جي وال تانNaseer Memon
28/12/2024

نصیر میمڻ جي وال تان

Naseer Memon

‎ڊاڪٽر قادر مگسي ته 1936, 1947, 1970, 1988 ۽ 1996 جا سياسي واقعا، عمل ۽ نتيجا ڳڻائي رھيو آھي سو ھن کي سياسي جواب ڏيڻ بجا...
28/12/2024

‎ڊاڪٽر قادر مگسي ته 1936, 1947, 1970, 1988 ۽ 1996 جا سياسي واقعا، عمل ۽ نتيجا ڳڻائي رھيو آھي سو ھن کي سياسي جواب ڏيڻ بجاءِ تون چور، تون ڀتاگير، تون اغواڪار، تون قبضاگير، تون غدار چوڻ بجاءِ اھو ٻڌايو ته ھو ڪوڙ ڪھڙو ٿو چوي!؟

امداد سومرو

سياسي حڪمت عملين سان اتفاق ۽ انڪار ڪري سگهجي ٿو، مان ترقي پسند پارٽي جو بنيادي ڪارڪن آهيان ۽ ڪڏهن نه ان جي ترديد نه ڪئي اٿم ۽ نه لڪايو اٿم، بلڪه ان تي فخر اٿم ته مان قومي قافلي جو ادنا ڪارڪن آهيان، بعد ۾ روزگار ۽ صحافتي ذميدارين سبب مان هاڻي سياسي سرگرمين کان پري اهيان...

ڊاڪٽر قادر مگسي صاحب کي مان ان جي سياسي پورهئي، جدوجهد ۽ قربانين سان گڏ ذاتي طور تي هڪ ليڊر سان گڏ، وڏي ڀاءُ ۽ ان کان به وڌيڪ حيثيت سان ڏسندو آهيان، ڇو جو پارٽي لائين کان هٽي ڪري، هن شخص جا ذاتي طور تي مون تي اڻ ڳڻيا احسان آهن... جڏو مڏو صحافي ته مان ڪالھ ٿيس، پر جڏهن مان ڪجهه به نه هئس ۽ بي روزگاري جي عذاب ۾ پيسجي رهيو هئس ته هن ئي ماڻهو اسان کي پنهجي پيرن تي بيهڻ جو حوصلو ڏنو ۽ سدائين ٻچن جيان عزتون ڏنيون... پر مان انڌو پوئلڳ ڪڏهن به نه رهيس، منهن تي ۽ پارٽي جي اجلاس ۾ پنهجي حيثيت آهر پنهجي سوچ آهر غير متفق ڳالهين تي پنهجي سوچ جو اظهار ڪندو رهيس.... انتهائي ادب سان چوندس ته مان ڊاڪٽر صاحب جي شاھنواز ڪنڀر معاملي جي موقف ۽ تازو شهيد بشير قريشي، آريسر صاحب ۽ سائين امداد شاھ لاءِ ڏنل موقف سان متفق نه آهيان.... پر ان موقف سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو، ان تي تنقيد ڪري سگهجي ٿي، ان جو بهتر ۽ مهذب سياسي جواب ڏئي سگهجي ٿو پر ان جي جواب ۾ جڏهن قومي ڪارڪنن پاران غير اخلاقي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي يا ڊاڪٽر قادر مگسي جي پاڇي ۾ جيئندڙ جيتامڙا جڏهن بداخلاقي جا سڀ ريڪارڊ ٽوڙي ٿا ته سخت تڪليف ٿئي ٿي.... شهيد بشير قريشي، آريسر صاحب ۽ سائين امداد شاھ، نياز ڪالاڻي سڀني جو سياسي پورهيو آهي، جدوجهد آهي سڀني پنهجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي، انهن جي سياسي سفر، موقف جي تائيد يا تنقيد ٿي سگهي ٿي پر ڊاڪٽر قادر مگسي جي 40 سالن جي پورهئي ۽ قربانين کي ڪيئن نظرانداز ڪري سگهجي ٿو.... ٻنهي پاسن جي دوستن کي هٿ ادب جا ٻڌي بلڪه پيرن تي هٿ ٻڌي عرض ڪجي ٿو ته سنڌ امڙ جي واسطي سياسي اختلافن کي گارگند ۽ دشمني تائين نه وٺي وڃون....

باقي مان محترم فتاح دائود پوٽو جي لکيل خيالن سان حرف به حرف متفق آهيان.....

"ڊاڪٽر قادر مگسي ھڪ ڏاھو معتبر سياستدان آھي جنھن جي کاتي ۾ ڪو به مخالف سنڌي قوم کي کڏ ۾ اڇلائڻ وارو ڪو قومي ڏوھ ڳڻائي يا لکي نه سگھيو آھي. پر ٻئي طرف ھن جي تنظيم وٽ سنڌيت جي قومي سوڀ جا ڪيترائي مثال موجود آھن.

ڊاڪٽر قادر مگسي خلاف ماڻھن جي ذاتي کنڌين ۾ ضرور ڪي ذاتي حساب ڪتاب لکيل آھن ته انھن حسابن ڪتابن کي سياسي الزام تراشيءٓ کان پاسيرو رکي گفتگو ڪري سگھجي ٿي. يا ان شخصي عملن لاءِ ھرڪو پنھنجو وھنوار لکي پاڻ ڄاڻي سگھي ٿو. سو ان شخصي ۽ ذاتي مامرن کي سياسي عناد، ساڙ، ڪروڌ، بغض، حسد ۾ نروار ڪرڻ چڱو عمل ڪونھي.

مان اڳوڻي ڊي ايس ايف جو ڪارڪن آھيان ۽ سوشلسٽ خيال منھنجو سرمايو آھن. جنھنکي قومپرست ديشي ڊينڊڙا لقب سان سڏيندا ھئا ۽ اڄ ياد ڪندا رھندا آھن. مان سمجھان ٿو ته ھن وقت ستر سيڪڙو سنڌ جا قومپرست اڳواڻ يا ڪارڪن 1987 کان وٺي ڊاڪٽر قادر مگسيءَ جا ڪيترو ئي عرصو ساٿي ڪارڪن يا تنظيمي عھديدار رھيا آھن. مثال طور رياض چانڊيو، شفيع برفت، مير عالم مري، حسين بخش ٿيٻو، دودو مھيري، پنھل ساريو، غازي خان پرھياڙ، نواز زئنور، نواب لغاري، محبوب ابڙو، حميد سبزوئي سميت ھزارين شخص ھن جا ساٿي ڪارڪن ھئا. پر اڳتي ھلي ھر ڪنھن پنھنجو ڌنڌو ڌاڙي، سرڪار نوڪري يا ڌار سياسي تنظيم جوڙي آھي.

اھي ماڻھو اسانجي سامھون نعرہ قادر نعره سنڌ - جيئي قادر جيئي سنڌ جا نعرا ھڻندا ھئا. سو اڄ اھي پنھنجي تاريخي اڳواڻ خلاف سوشل ميڊيا تي ڪھڙي ڏٺ تحت وڏي بھتان بازي ڪري رھيا آھن. جيڪو ھڪ وڏو ۽ اھم سوال آھي تہ آخر ڊاڪٽر قادر مگسي ھنن سان ڪھڙو سياسي ڌڪ يا ذاتي ناواجب عمل ورتايو آھي؟

جڏھن تہ ايس ٽي پي کان ڌار ٿي ڪري ھنن ماڻھن پاران ڪي به انقلابي عمل نه ڪيا ويا آھن. ٻي طرف ھنن بھتان ھڻندڙ سنگتين وٽ ڊاڪٽر قادر مگسي خلاف ڪنھن قومي ڏوھ جو ڪو الزام به ڪونھي. بس ائين ذاتي نوعيت جا الزام آھن جن ۾ اغوا، ڀتا، قبضا ۽ خوشحال بڻجي وڃڻ جا طعنا شامل آھن. جن الزامن کي ثابت ڪرڻ ڪنھن لاءِ به ڪو سئولو ڪم ڪونھي. سو اھي الزام بس ڪنھنکي به خوار ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا جو ھٿڪنڊو آھن.

ڊاڪٽر قادر مگسي ته 1936, 1947, 1970, 1988 ۽ 1996 جا سياسي واقعا، عمل ۽ نتيجا ڳڻائي رھيو آھي سو ھن کي سياسي جواب ڏيڻ بجاءِ تون چور، تون ڀتاگير، تون اغواڪار، تون قبضاگير، تون غدار چوڻ بجاءِ اھو ٻڌايو ته ھو ڪوڙ ڪھڙو ٿو چوي!؟

منھنجا دوستو! شخصي گفتگو ڇڏي تاريخي گفتگو ڪريو ته قوم قيام ۾ اٿي بيھي ۽ اڄوڪي حالتن کي منھن ڏئي سگھي.

موڙيدار، فوجدار، جاگيردار، افسرڪار ٽولن مھاجر لفظ کي تسليم ڪرڻ شروع ڪيو آھي. ياد رکو مھاجر لفظ قبول ڪندڙ ھر شخص، ادارو يا خيال سنڌ جو دشمن سمجھيو وڃي.

1985 کان وٺي ته مان ڀتين تي چاڪنگ ڪندو رھيو ھيس ته سنڌ جو ورھاڱو نامنظور آھي. اھا ڊي ايس ايف ھئي جنھن نظرياتي طور سنڌ جي ورھاڱي کي نروار ڪري ننديو ۽ جيئي سنڌ پروگريسو ونگ عملي طور اھو باھ جو درياءُ پار ڪيو.

سنڌ زنده باد - سنڌيت زنده باد"

18/12/2024

بیدردي سان پنھنجي معصوم پٽن کي قت ل ڪندڙ ماءُ

سموري سنڌ ۾  ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي ھڙتالمختلف شھرن ۾ انتظامیا طرفان زبردستي ڪاروبار کلرائڻ تي چڪریون، ڪیترائي ڪارڪن گ...
18/12/2024

سموري سنڌ ۾ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي ھڙتال

مختلف شھرن ۾ انتظامیا طرفان زبردستي ڪاروبار کلرائڻ تي چڪریون، ڪیترائي ڪارڪن گرفتار

سنڌ جي عوام سنڌو درياءِ تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي خلاف شٽربند هڙتال واري سڏ کي ڀرپور موٽ ڏني آهي.
ڊاڪٽر قادر مگسي
سڄي سنڌ ۾ ڪاروبار مڪمل بند آهن. پوري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي.
ڊاڪٽر قادر مگسي
ڪامياب هڙتال حڪمران کي نياپو ڏنو آهي ته فوري طور سنڌو درياءِ تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي کي رد ڪيو وڃي.
ڊاڪٽر قادر مگسي
سنڌ جي جياپي جو واحد ذريعو سنڌو درياءِ آهي ان تي ڪئنال اڏي سنڌ کي موت جي وادي ۾ تبديل ٿيڻ نه ڏينداسين
ڊاڪٽر قادر مگسي
اڄ جي ڪامياب هڙتال ڪئنالن جي خلاف عوامي ريفرينڊم آهي. سنڌ هاڻي سجاڳ ٿي چڪي آهي
ڊاڪٽر قادر مگسي
سڄي سنڌ ۾ پر امن هڙتال ٿي آهي. عوام رضاڪارانه طور سڏ جي موٽ ۾ ڪاروبار بند ڪري ڪئنالن جي منصوبي کي رد ڪيو آهي.
ڊاڪٽر قادر مگسي
ايس ٽي پي جي پرامن هڙتال کي موٽ ڏسي انتظاميه ڪيترن شهرن ۾ زبردستي دڪان کولائڻ جي ڪوشش ڪئي پر کين ناڪامي نصيب ٿي آهي.
ڊاڪٽر قادر مگسي
ايس ٽي پي ضلع حيدر آباد مان ضلع اڳواڻ عرفان بروھي سميت اٺ ڪارڪن پوليس گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيا آهن. دادو مان جبران پنھور ۽ خادم ٻٻر سميت 5ڪارڪن ۽ هالا مان فرحت ڳاهوٽي شاهد لغاري سميت 6 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ڊاڪٽر قادر مگسي
پرامن سياسي ڪارڪنن جي گرفتاري جي مذمت ڪجي ٿي فوري طور گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي.
ڊاڪٽر قادر مگسي

ھينڊس پاران عبدالرزاق عمراٹي جي سرواٹي ۾ سالياني ڪانفرنس ۽ ايوارڊز جي ورھاست
16/12/2024

ھينڊس پاران عبدالرزاق عمراٹي جي سرواٹي ۾ سالياني ڪانفرنس ۽ ايوارڊز جي ورھاست

15/12/2024

ایس ایڇ او 2 منٽن ۾ ون وي ٽریفڪ بحال ڪرائي ڇڏي

ان جو طریقو اوھان کي ڪیئن لڳو؟

ٿر جي ڳوٺ پاٻوويرو سان تعلق رکندڙ نياٹي سنڌیا میگھواڙ 192 مارڪون کٹي میڊیڪل ۾ داخلا لاءِ پھرين پوزيشن ماٹي ورتي.
15/12/2024

ٿر جي ڳوٺ پاٻوويرو سان تعلق رکندڙ نياٹي سنڌیا میگھواڙ 192 مارڪون کٹي میڊیڪل ۾ داخلا لاءِ پھرين پوزيشن ماٹي ورتي.

13/12/2024

دنيا کي پهريون سائنسي ايجادون سنڌ ئي ڏنيون، پھریون ویل بہ سنڌو تھذیب ڏنو:
سردار شاھ

13/12/2024

حضرت بلال حبشي پهرين آذان راڳ ڀيروي ۾ ڏني
سردار شاھ

سپاريون ۽ گٽڪا نه کائو، ڪينسر ٿئي ٿو: پیر پاڳارو
13/12/2024

سپاريون ۽ گٽڪا نه کائو، ڪينسر ٿئي ٿو: پیر پاڳارو

رهجي ويل استاد نه کڻندس، چڻا ٺاهين يا ٻيو ڪاروبار ڪنتعلیم کاتو تعلیم ڏیڻ جو ذریعو آھي روزگار ڏیڻ جو ناھيسرادر شاھ
13/12/2024

رهجي ويل استاد نه کڻندس، چڻا ٺاهين يا ٻيو ڪاروبار ڪن
تعلیم کاتو تعلیم ڏیڻ جو ذریعو آھي روزگار ڏیڻ جو ناھي

سرادر شاھ

جعلي ڊگري ظاھر ٿیڻ تي ملڪ جي وڏي اداري نادرا ۾ اھم عھدي تي ویٺل ڊاریڪٽر جنرل عھدي تان فارغ
13/12/2024

جعلي ڊگري ظاھر ٿیڻ تي ملڪ جي وڏي اداري نادرا ۾ اھم عھدي تي ویٺل ڊاریڪٽر جنرل عھدي تان فارغ

05/12/2024

سانگھڙ ۾ عورت جو بیدردي سان قتل

سنجهورو مان عورت جو لاش هٿ , گوليون هڻي قتل، منھن تي تيزاب اڇلايو ويو

01/12/2024

سانا طرفان ٽائيم اسڪوائر، نيو يارڪ ۾ سنڌي ثقافتيًڏھاڙو ملھايو ويو جنھن جي اڳواڻي چيپٽر جي دوستن رمضان چانڊيو، ڪاشف جلباڻي، ۽ شوڪت زرداري ڪئي.
ثقافتي رقص جلال چانڊيو جي ڳايل “ھو جمالو تي ڪيو ويو.

کرپٹو کرنسی کا بانی چینی شخص نیلامی میں خریدا گیا پونے 2 ارب روپے کا کیلا کھاگیا
30/11/2024

کرپٹو کرنسی کا بانی چینی شخص نیلامی میں خریدا گیا پونے 2 ارب روپے کا کیلا کھاگیا

بریکنگ نیوزميرپورخاص ۾ ڪتي کي بيدردي سان مارڻ جي الزام ھيٺ ڪائونسلر سميت 4 ڄٹن تي سرڪار جي فریاد تي ڪيس داخل
28/11/2024

بریکنگ نیوز

ميرپورخاص ۾ ڪتي کي بيدردي سان مارڻ جي الزام ھيٺ ڪائونسلر سميت 4 ڄٹن تي سرڪار جي فریاد تي ڪيس داخل

ڪتي کي زھر ڏئي مارڻ تي ٻہ ڪائونلسر گرفتار
27/11/2024

ڪتي کي زھر ڏئي مارڻ تي ٻہ ڪائونلسر گرفتار

Address


Telephone

+923111442080

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Daily Dhiyaan Talab Hyderabad posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Daily Dhiyaan Talab Hyderabad:

Videos

Shortcuts

  • Address
  • Telephone
  • Alerts
  • Contact The Business
  • Videos
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share

Daily Dhiyaan Talab Hyderabad

Daily Dhiyaan Talab Hyderabad