Ghotki and Khanpur Mahar News

Ghotki and Khanpur Mahar News Social Media
03003151199
03123151199
03092373683

31/05/2025

خانپورمهر ويجهو ڳوٺ ماڪن ڪوري ۾ قرض نه ڏيڻ تان جوابدارن مبينا طور حملو ڪري ٻن ڀائرن الهجوايو ۽ باقر لاشاري مٿان وحشياڻو تشدد ڪيو، جڏهن ته جوابدارن جي تشدد سبب هڪ ڄڻي الهجوايو لاشاري جا ڏند ڀڃي پيا، زخمين خانپورمهر ٿاڻي تي آڻڻ بعد ميڊيڪل ليٽر ڏيئي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ زخمين الهجوايو لاشاري ۽ باقر لاشاري ميڊيا کي ٻڌايو ته قرض نه ڏيڻ تان حضور بخش لاشاري ۽ جعفر لاشاري اسان مٿان حملو ڪري لٺين ۽ مڪن سان وحشياڻو تشدد ڪري زخمي ڪيو ۽ ڏند ڀڃي ڇڏيا آهن، هنن چيو ته جوابدارن خلاف خانپورمهر ٿاڻي تي اين سي رپورٽ داخل ڪرائي آئي، جوابدارن حملو ڪري اسان سان وڏي ناجائزي ڪئي آهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

31/05/2025

خانپورمهر ويجهو ڦُر واردات جو ڊراپ سين،
خانپورمهر ويجهو گذريل رات لنڊ بازار مان علم الدين چنہ کان ڦُر وارو واقعو ڊرامو نڪتو آهي_علم الدين چنہ ڊرامي جو اعتراف ڪري ورتو.

31/05/2025

ڪشمور کان اغوا ٿيل نينگر جي ڌاڙيلن پاران ويڊيو جاري نينگر مٿان تشدد ڪندي

پير ڳوٺ جي هندو پاڙي ۾ زهريلو کير پيئڻ سبب فوت ٿيل هڪ گهر جي 4 ڄڻن بيئا ڪماري، سندس ٻن پٽن ڪائرف، منت ڪمار ۽ اڍائي ورهين...
29/05/2025

پير ڳوٺ جي هندو پاڙي ۾ زهريلو کير پيئڻ سبب فوت ٿيل هڪ گهر جي 4 ڄڻن بيئا ڪماري، سندس ٻن پٽن ڪائرف، منت ڪمار ۽ اڍائي ورهين جي سِمَرِ ڪماري جي فوت ٿيڻ وارو معاملو ڳجهارت بڻجي ويو آهي 3 ڏينهن گذرڻ باوجود معاملي جو ڪنهن به نوٽيس نه ورتو آهي واقعو ڪيئن پيش آيو، موت جا اصل ڪارڻ ڪهڙا آهن ڪير به سامهون نه آڻي سگهيو آهي. جڏهن ته هڪ ئي وقت 4 ڄڻن جي فوت ٿيڻ سبب شهر گهرن ۾ ڪهرام متل ۽ شهر ۾ خوف ۽ ڏک واري صورتحال برقرار آهي. وارثن جو چوڻ آهي ته زهريلو کير پيئڻ سبب هڪ ئي وقت 4 گهرڀاتي فوت ٿي ويا آهن، هن وقت تائين ڪير به ناهي پهتو. نه ئي ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪليون ويون آهن جلد ڊاڪٽر جون ٽيمون موڪلي کير سميت کاڌي پيتي جي شين جي چڪاس ڪرائي موت جا اصل ڪارڻ سامهون آندا وڃن

13/05/2025

عالیہ سومرو، سندھ کی وہ بیٹی جس نے اپنی ہمت اور عزم سے دنیا میں پاکستان کا نام روشن کیا #. Miraninawabalinashad

11/05/2025

خانپورمهر ويجهو ڳوٺ سخيرو ملڪ جي رهواسي ڳوٺاڻي مشتاق احمد ملڪ پنهنجي گهرواري مهرالنسا ۽ ڌيءَ مهڪ ملڪ کي ساڻ ڪري خانپورمهر ۾ صحافين وٽ پهچي احتجاج ڪيو، ان موقعي ته ڳوٺاڻي مشتاق احمد ملڪ ميڊيا آڏو دانهيو ته اسان جو سڱاوتي مسئلو هلندڙ آهي جنھن تان جوابدار ڀائيٽين حفيظ ﷲ ملڪ، عذير ملڪ، طارق، الطاف،اسد ﷲ،ثناءﷲ ملڪ ۽ ٻين منهنجي گهر ته ڪاھ ڪري منهنجي نياڻي مهڪ ملڪ کي زبردستي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي نياڻي جي دانهن تي پاڙي وارن پهچي نياڻي کي ڇڏائي ورتو ان دوران مزاحمت تي جوابدار منهنجي گهرواري کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا،متاثرن چيو ته جوابدارن اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي ان کان اڳ به ڪافي ڀيرا جوابدارن منهنجي گهر تي حملو ڪري منهنجي نياڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هن چيو اهڙي واقعي جي خانپورمهر ٿاڻي تي اين سي رپورٽ داخل ڪرائڻ باوجود پوليس جوابدارن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي آهي ڳوٺاڻي مشتاق احمد ملڪ ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

غلامي گار آهي. مون کي محبت ۾ به پنهنجي محبوب جي غلامي قبول ڪونهي.
28/04/2025

غلامي گار آهي. مون کي محبت ۾ به پنهنجي محبوب جي غلامي قبول ڪونهي.

28/04/2025
28/04/2025

ٻٻرلوء ۾ انقلاب

28/04/2025

وڪيل عامر نواز وڙائچ

14/04/2025

پنجابی ہون. لیکن پانی کے لئیے . سندھی کےساتھ کھڑاہون #. miraninawabalinashad #

Address

Ghotki
123

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Ghotki and Khanpur Mahar News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Ghotki and Khanpur Mahar News:

Share

Category