Sindhi Network

Sindhi Network Sindhi News Channel And Newspaper News Articles

 #سنڌ آن لائن ارننگ واٽسپ گروپ جوائن ڪرڻ لاء ڪمينٽ ۾ موجود واٽسپ گروپ لنڪ تي ڪلڪ ڪندا
14/01/2024

#سنڌ آن لائن ارننگ واٽسپ گروپ جوائن ڪرڻ لاء ڪمينٽ ۾ موجود واٽسپ گروپ لنڪ تي ڪلڪ ڪندا

 #علي محمد راڄڙ ميرپورخاص جو رهائشي آهي  هي تمام غريب ماڻهو آهي ڪراچي بحريه ٽائون ۾ چوڪيداري ڪندو آهي اتي هن کي چوري جو ...
01/01/2024

#علي محمد راڄڙ ميرپورخاص جو رهائشي آهي هي تمام غريب ماڻهو آهي ڪراچي بحريه ٽائون ۾ چوڪيداري ڪندو آهي اتي هن کي چوري جو الزام ھڻي سڄي رات تشدد ڪندا رهيا ان کان پوء هن کي ڪمپني جي انچارج حسن بٽ ڪاشف پٺاڻ حافظ اعجاز پنجابي اغوا ڪري ويگو گاڏي ۾ کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي جيڪڏهن هن چوري ڪئي آهي ته هن کي قانون جي حوالي ڪيو وڃي پوء جيڪو قانون سزا ڏي هي ڪٿان جو قانون آهن توهان پنهنجي نجي ٽارچر سيل ٺاهي پنهنجي ڪريو پيا هن جي والده سميت تمام گهر وارا سخت پريشان آهن منهنجي تمام دوستن خاص ڪري راڄڙ برادري کي هٿ جوڙي عرض آهي هن جي واهر مالڪي ڪيو هن جي امڙ منهنجي گهر ويٺي آهي تمام گهڻو روئي پئي آؤن هڪ امڙ کي روئندو نٿو ڏسي سگهان تمام دوست منهجو ساٿ ڏين پوسٽ کي وڌ کان وڌ شيئر ڪن ۽ جيڪو پنهجي وس آهر ڪري سگهو ٿا اهو ڪريو:
سراج کوسو

 #رات ڪشمور پوليس هن جوان کي اڍائي ڪلاڪ منٿون ڪري سمجهائي واپس ڪري ڇڏيو نه ته ڪشمور ڪچي ۾ وڃي پيو شادي ڪرڻ
02/05/2023

#رات ڪشمور پوليس هن جوان کي اڍائي ڪلاڪ منٿون ڪري سمجهائي واپس ڪري ڇڏيو نه ته ڪشمور ڪچي ۾ وڃي پيو شادي ڪرڻ

12/03/2022

29/11/2021

#ڪراچي ۾ ھر جڳهه تي پٺاڻ پارڪنگ جي نالي ماڻهن ڦري رھيا آھن
انھن پٺاڻن جي غير قانوني ايجاد ڪيل پارڪنگ وارو ڪمائي جو ذريعو بند ٿيڻ کپي

27/11/2021
 #سنڌ سرڪار پنهنجي ايم اين اي ايم پي اي کي بچائڻ خاطر  شھيدناظم جي امڙ ۽ ونيءَ کي غير قانوني ۽ غير اخلاقي طرح سندن ئي  گ...
19/11/2021

#سنڌ سرڪار پنهنجي ايم اين اي ايم پي اي کي بچائڻ خاطر شھيدناظم جي امڙ ۽ ونيءَ کي غير قانوني ۽ غير اخلاقي طرح سندن ئي گھر ۾ قيد ڪري ڇڏيو!

مون پھرين ڏينھن لکيو هو ته جوکين جا چڱا مڙس ڄام ڪريم ۽ ڀاڻس شھيد ناظم جوکئي جي مظلوم ونيء کي به زوريءَ مڃائڻ جي سازش ڪندا. اڄ ھيء بيوس نياڻي پنهنجي ئي گھر اندر قيد ٿي چڪي آهي زرداري پوليس جي طاقت سان!
ظلم اھو آهي ته ناظم شهيد جي امڙ کي به گھر اندر نظربند رکيو اٿن ۽ ڪنھن کي به ساڻن ملڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي. بي غيرت ڀاءُ افضل کي ايترو به شرم حياءَ ڪونھي ته پنهنجي ماءُ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ميڊيا وارن سان ملي آواز اٿاري!
مون کي سنڌ ھائي ڪورٽ جي چيف جسٽس ۾ ته ٽڪي جي اميد ناهي ته ھنن مظلوم عورتن جي غير اخلاقي ۽ غير قانوني نظربندي کي ختم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪندو ۽ نه ئي آئي جي پوليس ۾ ايتري جرئت ۽ سچائي آهي.
انگريزي ۾ پوسٽ لکڻ وارن دوستن کي عرض ڪريان ٿو ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪن ته ھن ظالماڻي قيد مان شھيدناظم جي جيجل ماءُ ۽ ونيءَ کي آزاد ڪرائي..

دستگير ڀٽي

17/11/2021

#عمران خان جي اچڻ کان Cost of living ۾ %35 فيصد اضافو ٿي ويو.
مطلب زندگي گذارڻ لاءِ اسان کي %35 فيصد وڌيڪ ڪمائڻو پوندو.

 #هي نوٽيفڪيشن 9 جولائي 2021 تي سنڌ سرڪار ڪڍيو هو، جيڪو منظر عام تي اچڻ بجاءِ دٻائي رکيو ويو هو. ان نوٽيفڪيشن موجب سڄي س...
14/11/2021

#هي نوٽيفڪيشن 9 جولائي 2021 تي سنڌ سرڪار ڪڍيو هو، جيڪو منظر عام تي اچڻ بجاءِ دٻائي رکيو ويو هو. ان نوٽيفڪيشن موجب سڄي سنڌ صوبي اندر خانگي غير تربيت يافته يعني اڻ پڙهيل مزدور جي پگهار گهٽ ۾ گھٽ 25000 ڪئي وئي آهي، جيڪا 1 پهرين جولائي 2021 کان سڄي صوبي ۾ لاڳو هوندي. هاڻ هن نوٽيفڪيشن باوجود سنڌ جي ڪافي خانگي ادارن، بالخصوص سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۾ استادن کي ساڳيو ئي 8000 روپيه تي لوڙايو پيو وڃي، جڏهن ته استادن ۽ آپريٽرز جي وچ ۾ ٿيندڙ ڪانٽريڪٽ ۾ پگهار 25000 روپيه ئي لکيل هوندي آهي، پر ان ڪانٽريڪٽ جي ڪاپي استاد کي ناهي ڏني ويندي ۽ آپريٽرز حرامخوري ڪندي، استاد جا جائز حق، سيف جي ملازمن سان ملي ڀڳت ڪري کايو ٿا وڃن.
سنڌ جي هر ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر کي عرض هن نوٽيفڪيشن تي عمل ڪرائي سڀني خانگي ملازمن سان گڏ. سيف جي استادن کي پڻ انصاف فراهم ڪيو وڃي🙏

14/11/2021

‏ٿرپارڪر ڇاڇرو ويجهو مبارڪ رند جي ڳوٺاڻن جي سخت مزاحمت کانپوءِ انتظاميا طرفان عرب شڪارين لاءِ لڳل ڪئمپون کڻائي ڇڏيون

ڇا عرب شڪاري بہ مقدس آھن؟ #انسانن کي غلام بنائڻ جي تاريخ تمام گهڻي پراڻي آھي. غلاميءَ جي منظم شڪل قديم مصر کان شروع ٿئي ...
07/11/2021

ڇا عرب شڪاري بہ مقدس آھن؟

#انسانن کي غلام بنائڻ جي تاريخ تمام گهڻي پراڻي آھي. غلاميءَ جي منظم شڪل قديم مصر کان شروع ٿئي ٿي جنھن ۾ مصري فرعونن بني اسرائيل (يھودين) جي سموري نسل کي غلام بنائي رکيو ھُئو.
غلاميءَ جو تصور ئي نسلي بالادستيءَ سان شروع ٿيندو آھي، مصري قبطي (فرعوني نسل) پاڻ کي ديوتائن جي اولاد سمجھندو ھئو. يوناني ويڙھاڪ (اسپارٽيڪن) پاڻ کي ديوتا سمجندا ھُئا.
غلاميءَ جي جديد تاريخ يورپي بيٺڪي نظام جي گرد گھمندي ھُئي جنھن ۾ يورپي نسل (برطانوي، فرانسيسي، ھسپانوي، پرتگالي) باقي سموري دنيا کي غير مھذب سمجھي غلام بنائيندا ھئا.
مصرين، يونانين، رومين، ايرانين، عربن ۽ يورپين آفريقي نسلن کي تہ جانور سمجھي زنجير ھڻي غلام بنائي جانورن وانگر وڪڻڻ شروع ڪيو.
ترڪن 25 لک ماڻھو غلام رکيا ھُئا جنھن ۾ اڍائي لک صرف بربر (موجودہ لبيا، الجزائر، موروڪو) جون حسين عورتون شامل ھُيون.
آمريڪا جي آباد ٿيڻ وقت ٽي لک آفريقي غلام آندا ويا جڏھن تہ پنجاھ ھزار مقامي ماڻھو (ريڊ انڊين) غلام ڪيا ويا.
جڏھن آمريڪي صدر ابراهم لنڪن انساني غلاميءَ کي غير قانوني قرار ڏنو تڏھن پوري دنيا مان انساني غلامي ختم ٿيڻ شروع ٿي.
جڏھن خليجي عرب ملڪن (سعودي عرب، متحدہ عرب امارات، بحرين، عمان، ڪويت ۽ قطر) ۾ تيل نڪتو ۽ بدو عرب امير ٿيا تڏھن بدو عربن پنھنجي شوق خاطر پوري دنيا مان معصوم ٻار اغوا ڪرائي اُٺن تي سواري ڪرائي معصوم ٻارن کي اُٺن جي ريس ۾ استعمال ڪيو جنھن سبب ھزارين معصوم ٻار موت جو شڪار ٿيا.
پاڪستان مان ڪيترائي ٻار اغوا ڪري ۽ آفريقي ٻار خريد ڪري دبئي ۽ ابو ظھبيءَ جي ريگستان ۾ اُٺن جي ريس لاءِ آندا ويا.
عالمي دٻاءَ کان پوءِ متحدہ عرب امارات 26 جنوري 1993ع تي ھڪ سرڪاري حڪم نامي ھيٺ ٻارن جي اُٺن ۾ ريس تي پابندي ھنئين پر تيسيتائين پاڪستان سميت ڪو بہ غريب ملڪ اھو قبول ڪرڻ لاءِ تيار نہ ھُئو تہ سندن ٻار اُٺن جي ريس ۾ استعمال ٿين ٿا،
عرب ملڪن سان سفارتي تعلقات بھتر رکڻ لاءِ پاڪستان سرڪار عرب شڪارين کي سرڪاري اجازت نامو ڏئي ٿي جنھن کان پوءِ سنڌ ۾ مھر سردارن ۽ چانڊين سردارن جي مدد سان پوري سنڌ ۾ ننڍن وڏن سردارن، پيرن، گادي نشينن، وڏيرن ۽ بيوروڪريٽن کي ملائي سياسري جي مند ۾ شڪار ڪرايو وڃين ٿو.
سائيبيريا جا پکي تہ سنڌ کان وڌيڪ ڪڇ (ڀارتي گجرات) ۽ راجستان (ڀارت) ۾ اچن ٿا پر ڀارت ڪنھن کي بہ شڪار جي اجازت نٿي ڏئي.
پاڪستان سرڪار سان گڏ سنڌي وڏيرا عرب بدو شڪارين کي خوش ڪرڻ لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪن ٿا پر ان ڪُڌي ڪوشش ۾ ڪڏھن آمي ڦاپي ڦٿڪي مرن ٿيون تہ ڪڏھن ناظم جوکيو چيچلائي ماريو وڃين ٿو.
ظلم جو انت ضرور ٿيڻو آھي پر ڪو بہ نسل مقدس ڪونھي. عرب بدو شڪاري بہ لعنت جا حقدار آھن.
سنڌي جڙتو سردار ۽ ڀڙوا ڀوتار بہ پنھنجي انت تي پھچڻا آھن.

ڊاڪٽر برڪت نوناري

05/11/2021

#ڪراچي بينظير ڀٽو شھيد يونيورسيٽي لياري ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائڻ جي مڪمل پابندي.
جنھن به شاگرد يا شاگردياڻي سنڌي ٽوپي يا اجرڪ پائي اچڻ جي ڪوشش ڪئي ان کي اداري ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو جنھن شاگرد زوري داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ان جي داخلا رد ڪئي ويندي
(ھن عمل خلاف وڌ کان وڌ آواز اٿاريو ۽ ھن وڊيو کي شئير ڪيو )

04/11/2021

‏هي واقعو جي پنجاب جو هجي ها ملڪ مٿي تي هجي ها
پيپي جي دلال لوڌ بہ مذمت ڪري ها پر هي ننڌڻڪي سنڌ آهي

جوابدار گرفتار نه ٿيا #شھيد ناظم جوکيو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن جو شھيد جنازو ڌاٻيچي وٽ قومي شاھراھ تي رکي ڌرڻو، ر...
04/11/2021

جوابدار گرفتار نه ٿيا
#شھيد ناظم جوکيو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن جو شھيد جنازو ڌاٻيچي وٽ قومي شاھراھ تي رکي ڌرڻو، روڊ بلاڪ

04/11/2021

افسوس انهن تي جن ٻاهرين بگهڙن جي ڪري پنهنجي گهر جو شينهن ماري ڇڏيو
لعنت ئي کوڙ اٿو اهڙي وڏيرپ تي

04/11/2021

عرب شڪارين جي ساٿاري ديسي دلالن هٿان قتل ٿيل ناظم جوکيو جي اصل قاتلن کي گرفتار ڪريو

یہ ہیں شاہ نواز دانی صاحب  #بہت ہی غریب گھر سے ہیں انکا قصور بس اتنا ہے وہ سندھ کا بیٹا ہے اگر یہ پنجاب کا ہوتا تو 3 بھا...
31/10/2021

یہ ہیں شاہ نواز دانی صاحب

#بہت ہی غریب گھر سے ہیں
انکا قصور بس اتنا ہے وہ سندھ کا بیٹا ہے
اگر یہ پنجاب کا ہوتا تو 3 بھائی بھی پاکستان کے لیے ایک ساتھ کھیلتے دیکھتے
22کروڑ عوام میں ایک گھر میں کامران اکمل اور وہ تيسره بھائی بھی پاکستان کے لیے کھیلتے رہیں ہیں
کیا پاکستان میں بس پنجاب میں ہی کرکٹ کھیلتے ہیں ،خدا کے واسطے سندہ اور بلوچستان میں بہت اچھے کھلاڑی ہیں مگر نظر میں اپنے ہی آتے ہیں
خدارا شاہنواز دانی کو مواقع دیا جائے
وہ سندھ کا نہیں پاکستان کا بھی بیٹا ہے

ڀوتار جي اقتداري ڪرسي ۽ اٻوجھ ڳوٺاڻا: #فيس بڪ يا سوشل ميڊيا جي ٻين پليٽفارمن تي سنڌي جوڌا جيڪي سنڌ امڙ لاء جنگ جوٽيو ويٺ...
31/10/2021

ڀوتار جي اقتداري ڪرسي ۽ اٻوجھ ڳوٺاڻا:

#فيس بڪ يا سوشل ميڊيا جي ٻين پليٽفارمن تي سنڌي جوڌا جيڪي سنڌ امڙ لاء جنگ جوٽيو ويٺا آهن اهي ڪيترا ٿيندا، وڌ ۾ وڌ پنج هزار. اهي ڪجهه هزار دوست ته پنهنجي حصي جو ڪم ڪن پيا پر لوسي ۽ لوڀي وڏيرن کي اقتدار جي ڪرسي کان پري رکڻ لاءِ اهو بلڪل به ڪافي نه آهي.
سوشل ميڊيا تي ته سنڌي قوم وڏي سمجھ واري ۽ با شعور لڳندي آهي پر حقيقت ۾ ائين نه آهي. ڇاڪاڻ ته اهي پنج هزار دوست نه پر اهڙن ڀوتارن کي اليڪشن کٽائڻ لاءِ ووٽ ڏيندڙ اسي سيڪڙو عوام ڳوٺن ۾ رهندو آهي. ڳوٺن ۾ رهندڙ سنڌين جو پنهنجي پنهنجي برادري کي سپورٽ ڪرڻ سندن مجبوري آهي، غريب غربو وٽ ڀوتار لنگهي ٿو وڃي ته سندن سڀ گناه معاف ٿي ويندا آهن، ڳوٺاڻي آبادي جا مسئلا ئي پنهنجا آهن، انهن جو ڇا ويو جيڪڏھن ٻيٽ کپي ويا، ڪارونجهر کپي ويو، سنڌ جي سڄي ساحلي پٽي ۽ ڪراچي کان ويندي حيدرآباد تائين لکين ايڪڙ زمين به وئي، وسيلا به ويا، پاڻي به ويو، پٺاڻ سندن ڌنڌن ۽ زمين تي قبضو ٿو ڪندو وتي ته اهي سڀ شيون ته شايد ڳوٺاڻي سنڌ ۾ محسوس به نه آهن ٿينديون.

سنڌ کي نه صرف انهن پنج هزار فيس بڪي جوڌن جي ضرورت آهي پر اصل ۾ عام لوڪ تائين آگاهي پهچائڻي آهي ته ابا اوهان جي زمين اوهان جي قدمن هيٺان ڇڪي پئي وڃي.
اوهان جو ڇا خيال آهي ته پي پي جنهن نموني خدمت پئي ڪري خلائي مخلوق جي اهو ڪنفرم آهي ته اڳين ڀيري به اهي ئي لوسي ۽ لوڀي ڀوتار نرڙ ۾ لڳندا. صرف هڪ ئي طريقو آهي ته ڳوٺاڻي آبادي کي شعور ڏيو، سمجھ ڏيو، پنهنجن پيرن تي بيهارڻ ۾ مدد ڪيو ته جئين پنهنجي مستقبل جا فيصلا ڪرڻ ۾ آزاد ٿئي ۽ فرق وجهي سگهي هر جاءِ تي..

الفت حسين پتافي

 #بيروزگار دوست ٽيسٽ جي تياري ڪن،استادن جي ڀرتي لاء آء بي اي پاران ٽيسٽ وٺڻ واري وڏي ٽاسڪ بعد 5 کان 15 گريڊ جي نوڪرين لا...
31/10/2021

#بيروزگار دوست ٽيسٽ جي تياري ڪن،

استادن جي ڀرتي لاء آء بي اي پاران ٽيسٽ وٺڻ واري وڏي ٽاسڪ بعد 5 کان 15 گريڊ جي نوڪرين لاء ٽيسٽ وٺڻ جو ٽاسڪ به آء بي اي جي ٽيسٽنگ سروس اداري ايس ٽي ايس حوالي
سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن ۾ 50 ھزار کان وڌيڪ خالي پوسٽس لاء اميدوارن کان درخواستون گھرائڻ لاء اشتھار جاري ڪيو ويو
نومبر مھيني جي 30 تاريخ تائين درخواستون جمع ڪرائي سگھبيون

ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار کي پاس سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويندو
جيڪو ٽن سالن تائين سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن ۾ نوڪري لاء انٽرويو لاء اھل ھوندو. زاھد حسين کنڊ سربراھ ايس ٽي ايس..

 #ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي جبلن ۾ ڪڻڪ نٿي ٿئي پر ڪڻڪ جو اٽو 55 روپيا ڪلو آهي۔سنڌ هڪ زرعي صوبو آهي جنهن ۾ هر ضلعي ۾ ڪڻڪ ضرو...
30/10/2021

#ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي جبلن ۾ ڪڻڪ نٿي ٿئي پر ڪڻڪ جو اٽو 55 روپيا ڪلو آهي۔
سنڌ هڪ زرعي صوبو آهي جنهن ۾ هر ضلعي ۾ ڪڻڪ ضرور ٿئي ٿي پر ڪڻڪ جو اٽو 85 روپيا ڪلو آهي۔
پيپلن کي سردار آصف علي پهوڙ صاحب طرفان سلام قبول پوي

30/10/2021

#طالبان کے وزیر خارجہ نے چینی وزیر خارجہ کو تحفے میں نسوار پیش کی ۔دنیا میں بڑے پیمانے پر نسوار کے کاروبار شروع کرنے پر اتفاق

انتهائي افسوسناڪ خبر #سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف لينگويجز جو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر حافظ زين العابدين سوڍر صاحب ڪراچي...
29/10/2021

انتهائي افسوسناڪ خبر

#سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف لينگويجز جو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر حافظ زين العابدين سوڍر صاحب ڪراچي ۾ نامعلوم هٿياربند جي فائرنگ ۾ قتل
ڊاڪٽر زين انتھائي نفيس، ماٺيڻي ۽ فقيري طبيعت جو مالڪ ھو، سندس طبيعت ۾ نہ بغِض نہ ڪينو ھئس پر ايڏي بي دردي سان سندن قتل انتھائي مذمت لائق آھي، ڪراچي اڃا مس مس، ڪالن، لنگڙن، ايم ڪيو ايم جي دھشتگردن مان آجو ٿيو ئي ھو تہ افغاني پٺاڻ اچي دھشتگردي ڪرڻ لڳا. چون ٿا تہ ڊاڪٽر زين کان ٽي ھٿياربند ڦر ڪرڻ آيا ھن ڪجھ ڳالھايو تہ ھنن کيس گوليون ھنيون جنھن ۾ ڊاڪٽر صاحب شھيد ٿي ويو. ٽن دھشٿگردن مان ھڪڙو گرفتار ٿي ويو جيڪو افغاني پٺاڻ آھي ٻہ ٻيا بہ افغاني پٺاڻ ٻڌايا ٿا. وڃن، ھاڻي سان انھن جا افعال ظاھر ٿي ويا آھن اڳتي الئہ ڪھڙا ڪلور ڪندا. تنھنڪري فوري طور جاري ڪيل شناختي ڪارڊ، ڊوميسائل وغيرہ رد ڪري کين نيڪالي ڏني وڃي، سنڌ ۾ دھشتگردي ۽ افغاني نامنظور. فھشتگردن کي فوري پڪڙيو وڃي پر ان سان گڏ دھشتگردن جي سھولتڪارن کي بہ گرفتار ڪيو وڃي..

ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري

29/10/2021

#پنجاب طرف حالات واقعي خراب آھن
بس خدا خير ڪري آھن ته ٻنهي طرفن کان انسان هر ڪنهن جا گهر ٻار ٻچا آھن

29/10/2021

تحريڪ لبيڪ ڪارڪنن وٽ جديد هٿيار آھن: اردو ميڊيا
تحريڪ لبيڪ ڪارڪنن وٽ ڪجھ به ناهين مقامي ماڻهو

29/10/2021

پنجاب حڪومت پاران
تحريڪ لبيڪ جي 97 اڳواڻ ۽ ڪارڪنن مٿان دھشتگردي جا ڪيس داخل

28/10/2021

#صحافين شيخ رشيد جي پريس ڪانفرنس جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو

28/10/2021

سڀ دوست هي ضرور ٻُڌن
#هي سڀ ته سرعام منافقت تي لٿل آھن جيڪڏھن لبيڪ وارا واقعي ۾ دھشتگرد هئا ته اوهان پوء انهن لاء نواز حڪومت ڇا ڇا چيو ۽ هاڻي وري الڳ خيال پيا پيش ڪيو ڇا عوام کي اوهان ائين بيوقوف بڻائي سفهو ٿا

28/10/2021

126ڏينهن اسلام آباد کي پنهنجي اقتدار حاصل ڪرڻ لاء يرغمال ڪري ملڪ جو اربين ڊالر جو نقصان ڪندڙ حڪومت کي تحريڪ لبيڪ احتجاج قبول ناهين

 #تحريڪ لبيڪ وارن جو احتجاج جاري، مظاھرين جو جي ٽي روڊ تي ڌرڻو، اھم رستا بند:لانگ مارچ کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ...
28/10/2021

#تحريڪ لبيڪ وارن جو احتجاج جاري، مظاھرين جو جي ٽي روڊ تي ڌرڻو، اھم رستا بند:
لانگ مارچ کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ تي مظاهرين جو جي ٽي روڊ تي ڌرڻو جاري آھي، مظاهرين کي روڪڻ لاءِ چناب درياھ پُل جي ڀرسان جي ٽي روڊ تي کڏون کوٽيون ويو،
اسلام آباد ويندڙ رستا ڪنٽينرز رکي سيل، مظاهري سبب راولپنڊي ۾ سيڪيورٽي سخت ۽ مري روڊ تي ٽرئفڪ بند بند پيل آھي، ڌرڻي سبب جي ٽي روڊ جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سرڪاري توڙي نجي تعليمي ادارا بند، ڪامونڪي ۾ انٽرنيٽ سروس معطل بڻيل آھي،
جي ٽي روڊ ۽ آسپاس جي علائقن ۾ سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارا بھ نھ کليا، ڪاموڪي ۾ انٽرنيٽ سروس بند پيل آھي، چناب درياھ پل جي ويجھو جي ٽي روڊ تي کڏون کوٽيون ويون آھن ۽ ڪنٽينرز به رکيا ويا آھن، وزيرآباد کان سيالڪوٽ ويندڙ رستن تي کڏون کوٽي ٻنھي شھرن جو رابطو ختم ڪيو ويو آھي..

Address

Sindh
Ghotki

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindhi Network posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Share