Pak Sindh tv

Pak Sindh tv "Pak Sindh TV" is a trusted web-based news channel providing the latest news and analysis from Sindh province and across Pakistan.
(1)

27/01/2024

#اليڪشن جا اشتهار ٺهرائڻ لاءِ رابطو ڪري سگهو ٿا رابطي لاءِ 03017459716, 03183289390 واٽسپ*


اڪري ٿاڻي جي حد ڪرونڊي ڪاليج مهراڻ هاء وي تي ھاء اسڪول جاجھ جي ھيڊ ماستر دائم جوڳي کان هٿياربندن موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار...
11/12/2023

اڪري ٿاڻي جي حد ڪرونڊي ڪاليج مهراڻ هاء وي تي ھاء اسڪول جاجھ جي ھيڊ ماستر دائم جوڳي کان هٿياربندن موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس نه پهتي هڪ هفتو اڳم به هيڊ ماستر کان موٽرسائيڪل ڦر ٿي هئي

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پيٽروليم شين جا اگهه گهٽجڻ تي عوام کي فائدو پهچائڻ لاءِ پرائس ڪنٽرول جو نظام سخت ڪري شين ...
17/10/2023

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پيٽروليم شين جا اگهه گهٽجڻ تي عوام کي فائدو پهچائڻ لاءِ پرائس ڪنٽرول جو نظام سخت ڪري شين جا اگهه گهٽائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
وزيراعظم اهم پاليسي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ٻارڻ جي اگهن ۾ گهٽتائي جي نتيجي ۾ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي اختيارين کي پرائس ڪنٽرول جي سخت طريقي ڪار کي فعال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
هن چيو سڀني وڏن وزيرن کي درخواست ٿو ڪيان ته اهي ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته ضروري شين ۽ خدمتن جا اگهه گهٽايا وڃن، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو فائدو عوام تائين پهچائڻ تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ سرڪاري ادارا شين جا اگهه گهٽائڻ لاءِ هدايتن تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻائين.

حڪومت پاڪستان  فلسطينين لاءِ فوري طور انساني بنيادن تي امداد غزا رواني ڪرڻ جو فيصلوپرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ...
17/10/2023

حڪومت پاڪستان فلسطينين لاءِ فوري طور انساني بنيادن تي امداد غزا رواني ڪرڻ جو فيصلو
پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته غزا ۾ انڌاڌند اسرائيلي جارحيت ۽ گهيري کي ڏسندي غزا جي اڳ کان مظلوم عوام کي انساني امداد جي فوري طور ضرورت آهي.

ڳوٺ جلال خاصخيلي واسي  محمد رمضان پٽ علي گوهر خاصخيلي عمر 18سالا زهريلي دوا پي موبائل نه وٺي ڏيڻ تان خودڪشي ڪري ڇڏي
13/10/2023

ڳوٺ جلال خاصخيلي واسي محمد رمضان پٽ علي گوهر خاصخيلي عمر 18سالا زهريلي دوا پي موبائل نه وٺي ڏيڻ تان خودڪشي ڪري ڇڏي

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته اندروني ۽ ٻاهرين شرپسند قوتن کي ملڪ جي معاشي ۽ انساني ترقي سان تڪليف پهچي رهي آهي، قو...
01/10/2023

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته اندروني ۽ ٻاهرين شرپسند قوتن کي ملڪ جي معاشي ۽ انساني ترقي سان تڪليف پهچي رهي آهي، قوم جي حمايت سان دهشتگردن خلاف آپريشن ڀرپور قوت سان جاري رهندو.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪوئيٽا جو دورو ڪيو، جتي کيس مستونگ ۽ زوب ۾ ٿيندڙ تازن دهشتگرد حملن بابت بريفنگ ڏني وئي.
ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جو مذهب ۽ نظريي سان ڪو واسطو ناهي، اهي پاڪستان ۽ ان جي عوام جا دشمن آهن، قوم جي حمايت سان سيڪيورٽي فورسز ڀرپور طاقت جو استعمال ڪندي رهندي.
هن چيو ته دهشتگردن خلاف آپريشن بنا وقفي جاري رهندو ۽ ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي پاڙئون پٽڻ تائين سک سان نه ويهنداسين.

30/09/2023

پوري دنيا جيان #ڪرونڊي ۾ جشن عيد ميلاد نبي صلي الله عليه وسلم جي آمد جو جشن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي ـ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفىٰ صلي الله عليه وسلم جي آمد جي خوشي ۾ جشن عيد ميلاد نبي صلي الله عليه وسلم جي ريلي ڪڍي جنهن عاشق رسول وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته فوج خيبر پختونخواهه جي ترقي ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي...
28/09/2023

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته فوج خيبر پختونخواهه جي ترقي ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي ته جيئن معاشي ترقي جي رفتار کي وڌائي سگهجي.
آءِ ايس پي آر موجب پشاور ۾ ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس دوران آرمي چيف کي منشيات جي سمگلنگ ۽ ذخيري اندوزي خلاف قدمن سميت مجموعي سيڪيورٽي صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي.
ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته اسان کي پنهنجي ملڪ جي ترقي، استحڪام ۽ امن لاءِ هڪٻئي سان سهڪار کي وڌائڻو پوندو، ملڪ جي امن ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجي ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻو پوندو.
ايپڪس ڪميٽي ۾ شرڪت ڪندڙن ان عزم جو اظهار ڪيو ته رياستي ادارا عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ متحد آهن.
شرڪت ڪندڙن شهيدن کي به ڀيٽا پيش ڪئي، جڏهن ته آرمي چيف جي پشاور آمد تي ڪور ڪمانڊر پشاور سندس آجيان ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف عورتن جي سمپوزيم ۾ عورت سان خطاب به ڪيو، هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ عورتن ملڪي ترقي ۾ هاڪاري ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ملڪي ترقي ۾ عورتن جو ڪردار انتهائي اهميت رکي ٿو.
هن چيو ته خيبر پختونخواهه جي عورتن دهشتگردي خلاف ڊگهي جنگ سبب وڏن چئلينجن کي منهن ڏنو، عورتن انهن سڀني چئلينجن باوجود پختي عزم۽ بهادري جو ثبوت ڏنو.

ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن کي بجلي جو ٻيو جهٽڪو لڳي ويو، نيپرا ڪراچي لاءِ بجلي 4 رپيا 45 پئسا في يونٽ تائين مهانگي ڪرڻ جي منظو...
28/09/2023

ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن کي بجلي جو ٻيو جهٽڪو لڳي ويو، نيپرا ڪراچي لاءِ بجلي 4 رپيا 45 پئسا في يونٽ تائين مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
نيپرا موجب بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري گذريل مالي سال جي پهرين ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڏني وئي، نيپرا ڪراچي لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جو فيصلو نوٽيفڪيشن لاءِ وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو.
ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن کان واڌو وصوليون آڪٽوبر ۽ نومبر 2023 ۾ ڪيون وينديون، ڪي اليڪٽرڪ لاءِ 1.49 رپين کان 4.45 رپيا في يونٽ تائين بجلي مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.
نيپرا وفاقي حڪومت جي درخواست تي واڌ جي منظوري ڏني، نيپرا پنهنجو فيصلو وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو، وفاقي حڪومت طرفان نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کانپوءِ واڌ لاڳو ٿي ويندي.

26/09/2023

#ڪرونڊي ڀرسان ڳوٺ حاڪم علي رتڙ جي رھواسين ,محمود رتڙ گلزار رتڙ اعجاز رتڙ , بابر رتڙ ۽ ٻين پنهنجي معصوم ٻارن سان احتجاج ڪندي ٻڌايو ته گلزار رتڙ ڪجهه سال اڳ عنايتان رتڙ سان خيرپور جي عدالت ۾ پيار جو پراڻو ڪيو ھو . جنھن تان اسان جي ڳوٺ جا بااثر ماڻهوَ ناري عنايتان رتڙ جا سوٽ ۽ چاچو قادر بخش رتڙ جنسار رتڙ گلاب مجاھد ۽ ڌڻي بخش رتڙ ۽ ٻيا اسان جي جان جا ويري بڻجي ويا آهن .اسان کي ھر روز مختلف طريقن سان حراسا ڪري اسان کي منشيات جا ڪوڙا الزام ھڻي ڳوٺ مان لڏائڻ چاھين ٿا .ھو چون ٿا ته اسان کي پنهنجي گھر مان قبرستان لاء رستو ڏيو نه ڏئڻ جي ڪري پوليس جي ذريعي حراسا ڪري پريشان ڪري رھيا آهن .جڏهن اسان جا ڪيس ڪورٽ سڳوري ۾ ھلندڙ آهن . پوء به اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي چاھين ٿا. بااثرن جي چوڻ تي اڪري پوليس اسان گھر مٿان چوڌاري جو تقدس پائمال ڪري چاپو ھينون پر پوليس کي اسان وٽان ڪابه شئي ھٿ نه آئي .
ھنن چيو ته اسان ڊي آء سکر ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ٿا ڪيون ته بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري اسان انصاف ڪيو وڃي .

#اڪري

اليڪشن ڪميشن پاران جنوري 2024ع جي آخري هفتي ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾...
22/09/2023

اليڪشن ڪميشن پاران جنوري 2024ع جي آخري هفتي ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته تڪبندين واري ڪم جو جائزو وٺي فيصلو ڪيو ويو، تڪبندين جي ابتدائي فهرست 27 سپٽيمبر تي شايع ڪئي ويندي.پڌرائي موجب، تڪبندين تي اعتراض ۽ تجويزن جي ٻڌڻي کانپوءِ ٽيهه نومبر تي حتمي فهرست جاري ڪئي ويندي.

پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حتمي فهرست شايع ٿيڻ جي 54 ڏينهن کانپوءِ جنوري جي آخري هفتي ۾ عام چوندون ڪرايون وينديون.

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪ فوج جي پيشيوراڻي مهارت ۽ قيادت جو معيار دنيا جي ڪنهن به جديد فوج کان بهتر آهي.آرم...
20/09/2023

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪ فوج جي پيشيوراڻي مهارت ۽ قيادت جو معيار دنيا جي ڪنهن به جديد فوج کان بهتر آهي.
آرمي چيف گهڻ ملڪي اسپيشل فورسز جي گڏيل مشق ”ايٽرنل برادرهم ٽو“ جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ان حوالي سان بروٿا گيريزن جو دورو ڪيو، هن جونيئر لينڊ شپ اڪيڊمي (شنڪياري) جو به دورو ڪيو.
ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج جي پيشيوراڻي مهارت ۽ قيادت جو معيار دنيا جي ڪنهن به جديد فوج جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي، پاڪ فوج جي جونيئر ليڊرز دنيا ۾ تربيت ۽ آپريشنز ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي.
هن چيو ته جونيئر ليڊرز روايتي ۽ غير روايتي جنگ ۾ ڪاميابي سان ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، انهن عالمي معيار جي مقابلن جي شعبن ۾ به پاڻ ملهايو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي سربراهه کي جنرل آفيسر ڪمانڊنگ اسپيشل سروسز گروپ جي مشق بابت بريفنگ ڏني وئي.
بيان ۾ ٻڌايو ويو ته مشق جو مقصد دوست ملڪن وچ ۾ تاريخي فوجي لاڳاپن ۽ فوجي سهڪار کي وڌائڻ ۽ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ آهي

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين آفريدي ۽ ڪپتان بابر اعظم وچ ۾ لفظي جنگ بابت گردش ڪندڙ سمورا افواهه ختم ٿي ويا آهن.ا...
20/09/2023

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين آفريدي ۽ ڪپتان بابر اعظم وچ ۾ لفظي جنگ بابت گردش ڪندڙ سمورا افواهه ختم ٿي ويا آهن.
ايشيا ڪپ ۾ سريلنڪا هٿان اهم ميچ ۾ شڪست کانپوءِ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته پاڪستان جي ڪپتان بابر اعظم ۽ فاسٽ بالر شاهين آفريدي وچ ۾ ڊريسنگ روم ۾ سخت لفظن جي ڏي وٺ ٿي آهي.

پر هاڻي شاهين آفريدي طرفان سوشل ميڊيا تي پيغام جاري ڪيو ويو جنهن بعد ڪپتان بابر ساڻ سندس ڪنهن به قسم جي لفظي تڪرار جي افواهن دم ٽوڙي ڇڏيو آهي.

شاهين شاهه انسٽاگرام تي بابر اعظم سان گڏ تصوير شيئر ڪئي ۽ ان جي ڪيپشن ۾ ” فيملي “ لکيو ۽ دل جو ايموجي به ٺاهيو

ڪراچي ۾ ڊالر ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جي ٻئي مرحلي ۾ ڊالر هٿ ڪرڻ لاءِ ايف آءِ اي ۽ حساس ادارا گڏجي گهرن تي ڇاپا هڻندا...
20/09/2023

ڪراچي ۾ ڊالر ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جي ٻئي مرحلي ۾ ڊالر هٿ ڪرڻ لاءِ ايف آءِ اي ۽ حساس ادارا گڏجي گهرن تي ڇاپا هڻندا.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، ڊالر ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو ٻيو مرحلو شروع ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ ذخيرو ڪيل ڊالرن جي برآمدگي لاءِ ايف آءِ اي ۽ حساس ادارا گڏجي ڪارروائي ڪندا.
ذريعن موجب، ايڪسچينج ڪمپنيز کان حاصل ڪيل ڊيٽا جي مدد سان سموري مُلڪ ۾ گهرن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حساس ادارن کي ڪريڪ ڊائون کانپوءِ ادارن وٽ مافياز جي گهرن ۾ ڊالر ذخيرو ڪرڻ جا جوڳا اطلاع مليا آهن، حساس ادارن غير معمولي انگ ۾ ڊالرز ذخيرو ڪندڙن جي فهرست به حاصل ڪري ورتي آهي.
ذريعن موجب، ايف آءِ اي ۽ حساس ادارا گهرن تي ٽارگيٽڊ ڪارروائي ڪندا، جنهن کانپوءِ گهرن ۾ ڊالر لڪائڻ وارن کي جيل ڀيڙو ڪيو ويندو.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سرڪاري آفسرن کي مفت بجلي سهولت ختم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.ذريعن موجب ناڻي واري وزارت مفت بجلي ...
20/09/2023

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سرڪاري آفسرن کي مفت بجلي سهولت ختم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.
ذريعن موجب ناڻي واري وزارت مفت بجلي جي سهولت فوري طور تي ختم ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي ۽ مفت بجلي جي سهولت جي جاءِ تي رقم ادا ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي.
وزيراعظم کي مفت بجلي جي پيش ڪيل رپورٽ ۾ اهم انڪشاف به ٿيا آهن.
رپورٽ موجب هر مهيني بچي ويندڙ يونٽ ايندڙ مهينن ۾ ايڊجسٽ ڪرڻ جي نوازش جاري آهي ۽ ڪيترائي ملازم ۽ آفيسر مفت يونٽ پاڙيسرين کي وڪرو ڪندا آهن.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 10 ورهاست ڪندڙ ۽ 4 جنريشن ڪمپنين جا آفيسر ۽ ملازم مفت بجلي حاصل ڪري رهيا آهن، اين ٽي ڊي سي ۽ واپڊا آفيسر ۽ ملازم مفت بجلي حاصل ڪندڙن ۾ شامل آهن، ان کانسواءِ بل پرمٽ ڪندڙ ڪمپني پي آءِ ٽي سي جي آفيسرن ۽ ملازمن کي مفت بجلي ڏني ويندي آهي.
رپورٽ موجب سرڪاري آفيسرن ۽ ملازمن کي رٽائرمينٽ کانپوءِ به مفت بجلي جي سهولت حاصل آهي، مجموعي طور تي هڪ لک 89 هزار ملازم ۽ آفيسر مفت بجلي استعمال ڪري رهيا آهن.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ورهاست ڪندڙ ڪمپنين جا گريڊ 17 جا آفيسر ماهوار 450 يونٽ مفت بجلي وٺندا آهن، جڏهن ته جنريشن ڪمپني جا گريڊ 17 جا آفيسر 650 يونٽ مفت بجلي وٺي رهيا آهن.
رپورٽ موجب ورهاست ڪندڙ ڪپني جا گريڊ 18 جا آفيسر ماهوار 600 يونٽ ۽ جنريشن ڪمپني جا گريڊ 18 جا آفيسر 700 يونٽ مفت بجلي استعمال ڪندا آهن، جڏهن ته ورهاست ڪندڙ ڪمپني جا گريڊ 19 جا آفيسر 880 يونٽ ۽ جنريشن ڪمپني جا گريڊ 19 جا آفيسر هڪ هزار يونٽ مفت بجلي استعمال ڪندا آهن.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ورهاست ڪندڙ ۽ جنريشن ڪمپني جا گريڊ 20 جا آفيسر 1100 يونٽ ۽ گريڊ 21 جا آفيسر ماهوار 1300 يونٽ مفت بجلي وٺندا آهن

17/09/2023

#اڪري ٿاڻي جي حد ۾ منشيات جو آزار وڌي نوجوان عادي بڻجي ويا.ڳوٺ محمد شاھ واسي تسليم خاتون بيبل خاتون پنجل چانڊيو معصوم ٻار ساڻ ڪري احتجاجي ڪندي ٻڌايو ت محمد شاھ تي منشيات سرعام ھلي ٿي.جنهن سبب اسان جو نوجوان نسل تباھ ٿي ويا آهن ھنن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو آھي ته اڪري ٿاڻي مان منشيات جو آزار ختم ڪري نوجوان کي نسل بچائي وڃي .

14/09/2023

Asia Cup 2023
vs
Live Score
SL 115-2
18.5Overs

14/09/2023

Asia Cup 2023
vs
Live Score
SL 89-2
15.3 0Overs

14/09/2023

Asia Cup 2023
vs
Live Score
SL 87-2
14.4 Overs

Asia Cup 2023  vs  Live Score SL 64-1 11 Overs
14/09/2023

Asia Cup 2023
vs
Live Score
SL 64-1
11 Overs

Asia Cup 2023Pakistan vs Sri Lanka
14/09/2023

Asia Cup 2023
Pakistan vs Sri Lanka

اڪري ٿاڻي جي حد نييشنل مھراڻ تي پير غلام الله  شاھ لڳ  مزدوري تي ويندڙ ممتاز بالادي کان سي ڊي موٽر ساءيڪل ۽ روڪ رقم فر پ...
04/09/2023

اڪري ٿاڻي جي حد نييشنل مھراڻ تي پير غلام الله شاھ لڳ مزدوري تي ويندڙ ممتاز بالادي کان سي ڊي موٽر ساءيڪل ۽ روڪ رقم فر پوليس اگھور ننڊ

مهانگائي ۽ واڌو بلن کان تنگ عوام کي نگران حڪومت رليف ڏيڻ جو منصوبو جوڙي ورتو.حڪومتي ذريعن موجب آڪٽوبر ۾ 300 يونٽن تائين ...
04/09/2023

مهانگائي ۽ واڌو بلن کان تنگ عوام کي نگران حڪومت رليف ڏيڻ جو منصوبو جوڙي ورتو.
حڪومتي ذريعن موجب آڪٽوبر ۾ 300 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن جي بلن ۾ 3 هزار رپين تائين گهٽتائي هوندي.
حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته 60 هزار کان 70 هزار رپين تائين بجلي بلن وارن واهپيدارن جي بلن ۾ 13 هزار رپين تائين گهٽتائي ٿيندي.
حڪومتي ذريعن موجب نگران حڪومت طرفان عوامي رليف لاءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي ۽ رليف جي حوالي سان آءِ ايم ايف گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي.
واضح رهي ته ملڪ ۾ بجلي جي ڳرن خلاف احتجاج تي نگران وزيراعظم انور الحق ڪاڪڙ چيو هو ته اهو ڪو وڏو مسئلو ناهي، عوام کي جلد رليف ڏينداسين.

02/09/2023

#ڪرونڊي : ڳوٺ حاڪم علي رتڙ جي گورنميٽ بوائز پرائمري اسڪول رتڙ مان چور اسڪول جي واشرم جي ڇت ڀڄي لوھ چور ڪرڻ سميت اسڪول پيل درسي ڪتاب ۽ اسڪول جو رڪارڊ پڻ کڻي ويا .استادن ۽ شاگردن جو احتجاج ڪري چوري واپس ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي .

28/08/2023

#ڪرونڊي ڀرسان گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول غلام سرور شر جي بلدنگ ڪافي سالن کان زبون حال بڻيل .اسڪول ۾ فرنيچر جي تمام وڏي کوٽ .معصوم شاگرد وڻ ھيٺ پٽ تي ويھي سخت گرمي تعليم پرائڻ تي مجبور بڻيل آهن .

26/08/2023

ڪرونڊي ڀرسان گورنميٽ پرائمري اسڪول پارل خان شر ھن جديد دؤر ۾ به بنيادي سھولتن کان محروم بڻيل . اسڪول ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي بجلي واشرم سميت فرنيچر جي به تمام وڏي کوٽ

Address

Karoondi
Faiz Gang
66300

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Pak Sindh tv posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Share


You may also like