نقلي ڪلر جو وڪرو ۽ خاموش دوڙ انتظاميا
پاڪستان تنظيم آرائيان جي مرڪزي تنظيم جو سنڌ جي مختلف شھرن جا دورا
دوڙ ڀرسان يوسي شير علي شاھ جا ڪيترائي قديمي ڳوٺ بنيادي سھولتن کان محروم پيپلز پارٽي جي اعلا قيادت نوٽيس وٺي ڳوٺ دليل مري پيارو خان مري ساجن زرداري حبيب الله زرداري سميت ڪيترنئ ڳوٺن جي ڳوٺاڻن ميڊا آڏو احتجاج ڪندي دانھيندي چيو ته صالح شاھ کان اولھ طرف کان ٽن ڪلوميٽر جي فاصلي تي اسان جا ڳوٺ آھن جيڪي انسان سھولتن کان بلڪل به محروم آھن ھر دفعي پيپلز پارٽي وارا ووٽ وٺي دلاسا ڏيو ٿا وڃن ته روڊ ٺھي ويندو پر اڃان تائين آسرن ۾ رکيو ٿا اچن گذريل برساتن ۾ اسان جو جيڪو نقصان ٿيو ان جو ته ازالو ڪون ٿيو پر خدا جي واسطي اسان کي رڳو روڊ ٺاھي ڏنو وڃي ته مھرباني ٿيندي بيماري وغيره جي حالت ۾ ڏاڊا ڏکيا آھيون روڊ سروي به ٿيل آھي روڊس کاتي وارا ڪو به جواب نٿا ڏين ڳوٺاڻن فوجي اعجاز زرداري ساجن زرداري فقير محمد زرداري محمد صادق زرداري حبيب الله زرداري خام محمد زرداري سميت ڳوٺاڻن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري.ميڊم فريال ٽالپر.علي حسن زرداري.عاشق حسين زرداري .سٽي صدر دوڙ ظفر علي زرداري کان مطالبو ڪيو آھي ته خدارا اسان کي روڊ ٺھرائي ڏيو ٻئي صورت ۾ ايندڙ اليڪشن ۾ اسان کان ووٽ وٺڻ لاء ڪوب اميد نه رکي
دوڙ ۾ جسقم پاران اعلانيل 10 تاريخ واري ريلي کي ناڪام ڪرڻ لاء دوڙ پوليس پنھنجا ھربا استعمال ڪرڻ لڳي دوڙ ايس ايڇ او جو پرائيوٽ گارڊ مختلف ڏوھارين کي جيڪي پوليس تحويل ۾ آھن انھن کي زبردستي قومپرست ڌرين مٿان بيھاريو پيو وڃي ته جئين قومپرستن لاء ڪاروائي ڪرڻ ۾ آساني ٿئي اھڙي خيالن جو اظھار ڪندي جسقم تعلقي اڳواڻ محبوب خاصخيلي. بادل بروھي.سٽي صدر رحيم سنڌي دوڙ پريس ڪلب پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو ھنن وڌيڪ چيو ته اگر اسان جي ڪنهن به ڪارڪن کي ڪجھ به ٿيو ته ان جو ذميوار ايس ايڇ او دوڙ ۽ سندس پرائيوٽ گارڊ جبار مري ھوندو ھنن وڌيڪ چيو ته شھر اندر منشيات سپلائي کان وٺي ھر ڏوھ جو ذميوار ايس ايڇ او جو گارڊ آھي ھنن چيو ته ھر حال ۾ اسان جي ريلي نڪرندي اگر رڪاوٽ وڌي وئي ته نتيجا خراب نڪرندا
دوڙ جي مال پڙي بابت گفتگو
دوڙ شھر جي ماڻھن کان وسري ويل مال پڙي
دوڙ جي مال پڙي بابت گفتگو
پارٽي قيادت سان ھر ٽائم رابطي ۾ آھيان انشا الله دوڙ شھر جي لاء پارٽي سان گڏجي خدمت ڪئي آھي ۽ ڪندو رھندس 8 ڪلوميٽر روڊ جون اسڪيمون جنھن ۾ دوڙ شھر جا اھي وارڊ جن ۾ ڪجھ گليون رھجي ويل آھن ۽ ڪجھ مڪمل وارڊ آھن انشا الله سڀني وارڊن جا روڊ مڪمل ٿيندا دوڙ شھر جي ماڻھن جي بنا فرق خدمت ڪندو رھندس پيپلز پارٽي جي اعلا قيادت جو ٿورائتو آھيان جن مون تي اعتماد ڪري ڪروڙين رپين جون اسڪيمون ڏنيون دوڙ پيپلز پارٽي سٽي صدر ظفر علي زرداري جو سوشل ميڊيا دوڙ نيوز تي خاص انٽرويو
اسسٽنٽ ڪمشنر دوڙ ۽ خفيا ادارن جي گڏيل ڪاروائي ڪيترائي گدام سيل وڏي تعداد ۾ ڪڻڪ جون ٻوريون ۽ ڪلر جو اسٽاڪ موجود
ميھڙ
مقتول سرور چانڊيو جي نياڻي ريشما جون آھون دانھون ۽ بيان مگسي قبيلي جي بااثر شخص نادر مگسي تي قتل جو الزام
دوڙ شھر ۾ ھٿرادو مھاگائي خلاف دوڙ اسسٽنٽ ڪمشنر جو اوچتو دورو دڪاندارن تي ڏنڊ وڌيڪ ڪاروائي لاء دڪاندارن کي وارنگ عوام جي جي جان مال جو تحفظ يقني بڻائنداسين منافعي خورن ۽ ھٿرادو مھانگائي ڪندڙن کي ھرگز بخش نه ڪبو ڊاڪٽر رافع ناز سسسٽنٽ ڪمشنر دوڙ .دوڙ شھر جي عوام جي شڪايتن تي پاڻ مرادو نوٽس وٺي پيدل شھر جي دڪانن تي وڃي سامان جا ريٽ چيڪ ڪيا وڌيڪ ريٽ وصول ڪندڙ ۽ ايڪسپائير سامان وڪرو ڪندڙن مٿان ڏنڊ وڌا ويا سبزين فروٽن ۽ دڪاندارن کي پابند ڪيو ويو ته سامان جون ريٽ لسٽون جنھن وٽ نه ھونديون انھن جا دڪان سيل ڪيا وييندا اھڙي ڪاروائي کان پوء شھرين ۾ سرھائي
دوڙ مھراڻ ھائي وي تي ھيوي ٽريفڪ ڪنٽرول ۾ نه اچي سگھي ۽ نه وري ايس ايس پي جي احڪامات تي عمل ٿي سگھيو سياسي آشرواد تي آيل ايس ايڇ اوز مال ميڙڻ ۾ پورا
ايس ايس پي نوابشاھ جي حڪمن جي تڏا ويڙھ مھراڻ ھائي وي تي ڪٿي به پڪٽ قائم نه ٿي سگھي ھائي لوڊر گاڏين جي اج وڃ جاري
دوڙ ۾ واپڊا جون ڪاروايون ڀوتار ڪارواين کان آجا
ڏيو منھن ھاڻي ڪيو ڪاروائي ته ڏسون اسان به
ريلوي انتظاميا سرھاڙي حادثي کان پوء ھڪ ٻيو حادثو ڪرائڻ جي تياري ۾ آھي دوڙ ريلوي اسٽيشن جي چند قدمن تي پٽڙي ٽٽل ريلوي انتظاميا غائب خدارا ھن پوسٽ کي وڌ کان وڌ شعر ڪيو ته جئين اتظاميا جو اکيون کلن ۽ انساني جانيون حادثي کان بچي پون بچي سگھن
ڪنڌ ڪوٽ جي پريمي جوڙي نوابشاھ جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو غلام محمد ولد نيڪ محمد گولو فوزيا ڌي لعل محمد گولو عدالتي پرڻي بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان رضا خوشي سان پيار جو پرڻو ڪيو آھي ڇوڪري جا چاچا مختلف ڪيسن ۾ منھنجي ڀائرن کي بنا جواز جي تنگ پيا ڪن ھنن چيو ته عدالتي ڪاغذات ڪنڌ ڪوٽ جي ٿاڻي تي به پھتل آھن پوء به حد جي پوليس SHO جھانگير مھر بنا جواز منھنجن ڀائرن کي گرفتار ڪري رشوت پيو وٺي اسان اعلا اختيارين کان گھر ٿا ڪريون ته اسان کي تحفظ ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ ھائي ڪورٺ وڃي پوليس خلاف دانھينداسين وس وارا ھيومن رائٽس ۽ انساني حقوق جا ادارا اسان مدد ڪن
دوڙ بچايو تحريڪ جي اڳواڻي ڪندڙ ايس يو پي اڳوڻ ڊاڪٽر مجاھد رستماڻي جي اڳواڻي ۾ دوڙ جي پسگردائي جي ڪيترنئ ڳوٺن جي متاثرن پاران برساتي پاڻي نيڪالي نه ٿيڻ ۽ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف آڄ مهراڻ ھائي وي کان ريلي ڪڊي دوڙ اسسٽنٽ ڪمشنر جي آفيس گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو ويو جتي مختلف تنظيمن ايس ٽي پي جي علي لغاري.جسقم اڳواڻ محبوب خاصخيلي.ايس يو پي جي ڊاڪٽر مجاهد رستماڻي سميت متاثر ٿيل ڳوٺاڻن خطاب ڪيو ڪندي چيو ته مسلسل ڪيترنئ ڏيهن کان اعلا اختيارين جي درن جا چڪر پيا ڪاٽيون پر ڪير ٻڌڻ لاء تيار ناهي اسان جا ڳوٺ ٻڏا پيا آھن اسان جا ٻچا روڊن تي خانه بدوشن واري زندگي پيا گذارين پر هتان جي لوڪل انتظاميه ڪو به تحرڪ وٺڻ لاء تيار ناهي اسان اعلا اختيارين کي اگاه ٿا ڪريون ته اسان جي ڳوٺن جو پاڻي نيڪالي ڪري ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ ڪجھ به ٿيو ته ان جا ذميوار توهان پاڻ هوندئو