Pure Dadu

Pure Dadu ✔ Verified Official Page © ORIGINAL PROFILE ® █║▌│█│║█║▌│▌║ Be a responsible citizen of PuREDADU! Thanks

Thanks for all your support

PuREDADU - Social Media Official, Our Priority is PuREDADU

We are the Voice of SiNDH Nation, an Independent Social Media of PuREDADU
We don't support any Political Party OR Any Agency
If you want to share any story, video and Image, Message US, we will share it with your name. You have right for criticism or favoring views, to Agree or Disagree and not for abusive expressions.

14/06/2024

سوشل ميڊيا جي ڇڙواڳ صحافت ڪامورن کان ڀتي جي مد ۾ خرچي وٺڻ غريب صحافي جو حق ڪھڙي صحافت آھي ؟
صحافت ھڪ عظيم پيشو آھي پر ڪجھ معاشري جي ڌڪاريل فردن ھن کي سولو ۽ آسان ڌنڌو بڻائي ڇڏيو آھي سوشل ميڊيا جو استعمال ڪندڙ اڪثر ماڻھو صحافي بڻجي ويا آھن جن کي عطائي صحافي چئي سگھجي ٿو ڇو جو ھڪ پروفيشنل صحافي اھو ئي آھي جنھن کي پھريان لکڻ ۽ پڙھڻ ته اچي جنھن جي صورتخطي به صحيح نه آھي اھو به صحافي بڻجي ويا آھن سوشل ميڊيا تي ھن وقت اھيو ڌنڌو تيزي سان وڌي رھيو آھي اڻ رجسٽرڊ ھٿ ٺوڪيا ڪوڙا چينل ڪوڙيون پي ڊي ايف اخبارون جيڪي اي بي سي سرٽيفائيڊ به نه آھن انھن جا نمائيندا جنھن کي خبر لکڻ به نٿي اچي اھي عطائي صحافي ھن معاشري جي غلط ترجماني ڪري عوام کي گمراھ ڪن ٿا . سوشل ميڊيا تي ڪم ڪندڙ عطائي صحافين جي لکڻي اڪثر بداخلاقي ۽ ذاتيات تي ھوندي آھي جنھن سان معاشري ۾ ھڪ بگاڙ پيدا ٿئي ٿو جنھن سان ذاتي جھيڙا به ٿين ٿا جڏھن ته ھڪ پروفيشنل صحافي پاڪستان پريس فائونڊيشن سميت مختلف ادارن جون ٽريننگس ڪري صحافتي ذميواريون ڪيئن ادا ڪجن اھڙيون ٽريننگس پڻ ڪن ٿا دادو جي صورتحال عطائي صحافين جي حوالي سان انتھائي ڳڻتي جوڳي آھي جو ڪجھ صحافين جو سوشل ميڊيا تي اھڙي مھم ھلائي پئي وڃي ته ڪامورا ڪرپٽ آھن صحافي غريب آھن منٿلي ،خرچي،ڀتو، تيل سندس حق آھي اھڙن بگڙيل سوچ جي عطائي صحافين جي تربيت ڪير ڪندو اسان وٽ مختلف ادارا صحت،پوليس ،روينيو،ايريگيشن ،ٽريزري،سميت مختلف کاتن ۾ ويٺل ڪامورا سڌي يا اڻ سڌي طريقي سان ڪرپشن ڪن ٿا ته انھي جو مقصد اھيو بلڪل صحيح ناھي ته انھن کان پئسه وٺڻ صحافين جو حق آھي ھڪ پروفيشنل صحافي جو ڪم آھي ڪرپشن ڪندڙ ادارن جي ڪامورن جي ڪرپشن جا انگ اکر گڏ ڪري خبر کي ھر پاسي کان ڪور ڪري اھا ڪرپشن پنھنجي قلم ذريعي عوام ۽ رياست جي اڳيان آڻي ھن وقت دادو ۾ عطائي صحافين جو وڏو گروپ سوشل ميڊيا تي سرگرم آھي جيڪي دادو ضلعي ۾ پاڻ کي ڊپٽي ڪمشنر سمجھن ٿا انھن جون لکڻيون بداخلاقي ۽ ذاتيات جي بنياد تي ٻڌل آھن ھڪ سٺي صحافي ۾ ادب اخلاق جو ھجڻ ضروري آھي سوشل ميڊيا تي ڪنھن کي گار گند ڪرڻ يا ڪنھن جي تذليل ڪرڻ انھن جون تصويرن تي غيراخلاقي نشان ڏيڻ اھيو سڀ سائبر ڪرائيم آھي مان سمجھان ٿو ته جيڪي صحافي ڀتو،خرچي ،منٿلي ،تيل وٺڻ غريب صحافي جو حق سمجھن ٿا اھي به ھن سماج جا دشمن آھن اڳوڻو ڪامريڊ سڪندر ڀٽو جيڪو پ پ شھيد ڀٽو جي سياسي پارٽي سان واسطو رکندڙ ۽ ھاڻوڪو صحافي آھي ھن کي دادو جا سڀ ماڻھو چڱي طرح سان سڃاڻن ٿا جيڪو بيروزگاري سبب ڪامريڊ بڻيو ۽ بعد ۾ اڻ رجسٽرڊ اداري جي پي ڊي ايف اخبار پڇاڻو جو رپورٽر ٿيو ھن کي مان ذاتي طرح سان سڃاڻو ٿو ھن جو گذر سفر اڪثر سرڪاري ادارن مان خرچي تي ھوندو آھي ھن کي خبر لکڻ به نه ايندي آھي ھن کي بس اھيا خبر آھي ته ملڪ ۾ ڪرپشن عروج تي آھي ھر اداري جو ڪامورو ڪرپشن ڪري ٿو ۽ ان ڪرپشن ۾ کيس خرچي وٺڻ حق آھي تازو ئي سول اسپتال دادو ۾ کيس خرچي وٺڻ مھانگي پئجي ۽ ھن غريب صحافي تي ڪيس داخل ٿي ويو ۽ ھي گرفتار ٿي ويو پر سندس دادو جا ڪجھ صحافي کيس ھن وقت ان کي نصرالله گڏاڻي جو درجو ڏيارڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رھيا آھن جنھن ۾ مختلف پريس ڪلبن جا صحافي به اڻ سڌي طرح سان شامل آھن اھي بس ھن جي لاء پوسٽون رکن ٿا ته خرچي وٺڻ غريب صحافي جو حق آھي ۽ ڪامورو ڪرپٽ آھن پر ھن وقت تائين ڪنھن به ھن جي آزادي لاء نه ڪو احتجاج ڪيو آھي نه ئي وري ضمانت لاء ڪو وڪيل ڪيو آھي جڏھن ته سڪندر ڀٽو پنھنجي ڪيل غلطي تسليم ڪندي سول اسپتال جي ايم ايس کان معافي ورتي ۽ اھيو چيو ته خرچي ،پئسه يا بليڪ ميل آئيندا نه ڪندس معافي ڏني وڃي اسين ھن پوسٽ ذريعي ايم ايس سول اسپتال دادو کي به گذارش ڪنداسين ته ھن کي ھڪ دفعو معافي ڏني وڃي ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪنداسين ته غريب صحافين کي نوڪريون ڏنيو وڃن ته جئين ھو پنھنجو گذر سفر آساني سان ڪري سگھن .

08/05/2024

ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌ جي نياڻين مٿان MQM جي گنڊن هڪ دفعو ٻيهر گنڊا گردي شروع ڪري ڏني جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا.

29/04/2024
03/04/2024

هي حالت ڏسو، روڊ تي گند اڇلائڻ جو ڪهڙو فائدو؟
جڏهن روڊ تي گاڏيون گند مٿان گذرن ٿيون ته ساڳيو گند ڪچرو وري برگر ،. ڪباب ۽ ٻين کائڻ جي شين سميت پنهنجي ئي ۾ لڳين ٿو، بهتر ناهي ته اهو هڪ جڳه تي گڏ ڪري ؟؟؟

توهان جي راء؟

دادو ميونسپل ڪاميٽي جي نادرا برانچ ۾ برٿ سرٽيفڪيٽ،ميرج سرٽيفڪيٽ ،ڊيٿ سرٽيفڪيٽ سميت مختلف سرٽيفڪيٽ تي دادو جي شھرين کي ٻن...
27/03/2024

دادو ميونسپل ڪاميٽي جي نادرا برانچ ۾ برٿ سرٽيفڪيٽ،ميرج سرٽيفڪيٽ ،ڊيٿ سرٽيفڪيٽ سميت مختلف سرٽيفڪيٽ تي دادو جي شھرين کي ٻنھي ھٿن سان لٽڻ جو ڌنڌو تيز ٿي ويو آھي ڊرائيور جي سيٽ تي ڀرتي ٿيل گلزار نالي ميونسپل ملازم ھن وقت نادرا ميونسپل جو موجوده انچارج پنھنجا پرائيوٽ ماڻھو آفيس ۾ ويھاري شھرين کان غيرقانوني فيس جي آڙ ۾ ڪرپشن ڪري رھيو آھي 200 جي جاء تي 1 ھزار ،2 ھزار کان 3 ھزار تائين غير قانوني فيس ورتي وڃي ٿي جنھن فيس جو نه ڪو چالان آھي نه وري ڪا رسيد جيڪو وڌيڪ پئسه نٿو ڏئي ان کي رلايو ٿو وڃي اسين ميونسپل چيئرمين پير دانش ۽ سي ايم او اياز پنھور کان اھيو مطالبو ٿا ڪريون ته ميونسپل ۾ نادرا انچارج ڪنھن ايماندار کي مقرر ڪيو وڃي ته جيئن عام شھري کي فائدو ملي .

24/03/2024

دادو با اثر ميراڻي برادري جي سردار چاڪر خان شاھاڻي جي بنگلي ڀرسان اڳوڻو رٽائرڊ استاد سائين خادم مستوئي جي گھر مٿان جديد ھٿيارن سان فائرنگ پوليس ڪابه گرفتاري نه ڪئي ميراڻي برادري پاران سرعام فائرنگ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

دادو ۾ سردار رفيق احمد جمالي سان عوام جي محبت ھر طرف جيئي ڀٽو جا نعرا شھر ،ڳوٺ ،محله پپلزپارٽي جي جھنڊن سان سينگارجي ويا...
05/02/2024

دادو ۾ سردار رفيق احمد جمالي سان عوام جي محبت ھر طرف جيئي ڀٽو جا نعرا شھر ،ڳوٺ ،محله پپلزپارٽي جي جھنڊن سان سينگارجي ويا مخالفن جون وايون بتال...

عبدالرحمٰن مستوئي ..
پاڪستان پپلزپارٽي ضلعي دادو جي صدر سردار رفيق احمد جمالي جا ڪاڇو ،ڪچو،پڪو،جھر جھنگ ،واھڻ وستيون ،شھر محلن ۾ 8 فيبروري جنرل اليڪشن 2024 جي حوالي سان شاندار استقبال ھر طرف جيئي ڀٽو جيئي سردار رفيق احمد جمالي جا نعرا گونجڻ لڳا شھر توڙي ننڍا وڏا ڳوٺ ڪاڇي کان ڪچي تائين شھر کان محلن تائين پپلزپارٽي جي جھنڊن سان علائقا سينگارجي ويا دادو جي عوام جو سردار رفيق احمد جمالي سان محبت جو اھڙو جذبو ڏسي مخالفن جون وايون بتال ٿي ويون دادو ۾ وک وک تي پپلزپارٽي جي حمايت ۾ ڪارنر گڏجاڻيون پپلزپارٽي جي ھر طرف کان حمايت جا اعلان مونو ٽيڪ جي عوامي اليڪشن سروي مطابق پپلزپارٽي دادو ضلعي ۾ وڏي اڪثريت سان کٽيندي پپلزپارٽي جي فتح يقيني بڻجي وئي پپلزپارٽي جي مخالف اميدوارن کي ورڪ دوران سٺي موٽ نه ملي سگھي دادو ۾ پپلزپارٽي جي مخالف ڌر مايوس پپلزپارٽي جي مقبوليت عوام ۾ وڌي وئي ترقياتي ڪم ،عوام جي ڀلائي جو پروگرام ۽ بيروزگار نوجوانن لاء روزگار جا موقعا صرف پپلزپارٽي جي پاليسي ۾ آھن ڇو جو پپلزپارٽي صرف عوامي پارٽي آھي جيڪا صرف عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي سردار رفيق احمد جمالي جا مختلف گڏجاڻين ۾ عوام پاران اليڪشن ۾ ڀرپور موٽ ملڻ تي شڪريو ادا ڪيو دادو شھر پپلزپارٽي جو ڳڙھ بڻجي ويو ان جا اصل ڪارڻ اھي به آھن ته مخالفن وٽ عوام جي ڀلائي لاء ڪو به پروگرام ناھي ھو صرف اقتدار جي لالچ جي ڪري اليڪشن ۾ ظاھر ٿين ٿا وري 5 سال گم آھن ماضي به انھن مشرف جي ڪاري دور ۾ عوام دشمن پالسيون آنديون ماڻھن کان روزگار کسيو ۽ غريب ماڻھن کي بک بدحالي ،بيروزگاري ڏئي انتقامي ڪاروايون ڪيون ان وقت ھنن سان عوام نه پر ڪامورن جو لشڪر گڏ ھيو پر پپلزپارٽي سان ڪالھ به اڄ به عوام گڏ آھي ھر اليڪشن ۾ پپلزپارٽي جي مخالفن وٽ اليڪشن ۾ نئين رنگ جو جھنڊو ھوندو آھي جنھن ڪري ھنن کي دادو جي عوام مسلسل رد ڪيو آھي 8 فيبروري تي اليڪشن ۾ پپلزپارٽي جي جيت جو جشن جڏھن دادو ۾ ٿيندو تڏھن مخالف ھر ڀيري وانگر ھن دفعي به پنھنجي شڪست جو تڏو وڇائي اھئي رڙيون ڪندا ته اسان سان ڌانڌلي ٿي آھي .

فخر پاڪستان پپلزپارٽي سردار رفيق احمد جمالي سان تڪ جي عوام جي محبت ۽ ٻي پاسي مخالفن جا نوان جھنڊا،نوان راڳ،نوان نشان، ڪا...
29/01/2024

فخر پاڪستان پپلزپارٽي سردار رفيق احمد جمالي سان تڪ جي عوام جي محبت ۽ ٻي پاسي مخالفن جا نوان جھنڊا،نوان راڳ،نوان نشان، ڪانٽو هوندو 100 تي ،فيبروري 8 تي مخالف هوندو پٽ تي ،ٺپو هوندو تير تي.

عبدالرحمٰن مستوئي ..
دادو ضلعي ۾ ننڍن ،وڏن ،نوجوانن،پارٽي ورڪرن ،ھارين ،مزدورن ،سياسي، سماجي،صحافين ،استادن،ڊاڪٽرن،ٻارڙن۽ سماج جي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻھن ۾ وڌ کان وڌ سياسي مقبوليت ماڻيندڙ سردار رفيق احمد جمالي پاڪستان پيپلزپارٽي، ضلعي دادو جو صدر سردار رفيق احمد جمالي پارلياماني سياست جي شروعات 2002ع کان ڪئي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي دادو- جوهي تڪ مان قومي اسيمبليءَ جي چونڊ وڙهيو جنھن ۾ 56814 ووٽ کڻي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيو وري اليڪشن 2008ع ۾ 87467 ووٽ کڻي قومي اسيمبليءَ جي سيٽ کٽي ان کانپوءِ سال 2013 جي اليڪشن ۾ 76876 ووٽ کڻي مخالفن کي بُري شڪست ڏني . 2018 ۾ سردار رفيق احمد جمالي قومي اسيمبلي جي سيٽ تي 81215 ووٽ کڻي 4 دفعا مسلسل اليڪشن وڏي ليڊ سان کٽيون . سردار رفيق احمد جمالي مسلسل ھڪ ئي سياسي تنظيم پپلزپارٽي سان گڏ رھيو ۽ ھڪ ئي جھنڊي ،ھڪ ئي انتخابي نشان تير تي مسلسل اليڪشنون وڙھيو ۽ کٽيندو رھيو جڏھن ته مخالفت ۾ بيھندڙ اميدوار ھر دفعي الگ انتخابي نشان ۽ الگ جھنڊي ۽ الگ پارٽي جي سيٽ تان اليڪشن وڙھندا رھيا ۽ ھارائيندا رھيا دادو ضلعي جي عوام انھن کي اليڪشن ۾ ھميشه پنھنجي ووٽ ذريعي شڪست ڏيندا رھيا پاڪستان پپلزپارٽي جي مخالفن جا ارادا ھميشه ڪمزور سازشي ،مطلبي ،مفادن تي ٻڌل نظريه عوام جي ووٽ جو اعتماد حاصل نه ڪري سگھيا اليڪشن دوران ظاھر ٿيندا اليڪشن ھارائڻ کانپوء ڌانڌلين جا راڳ ڳائڻ پوء وري اليڪشنن ۾ ظاھر ٿي نوان منشور نوان راڳ،نوان جھنڊا ،نوان انتخابي نشان کڻي عوام ڏي ويندا ۽ پنھنجي پراڻي پارٽي ۽ پراڻن جھنڊن ۽ پراڻن انتخابي نشان جي پاڻ مخالفت ڪري انھن کي رد ڪندا ۽ وري چوندا اسان کي ووٽ ڏيو دادو جي عوام ھنن کي چڱي طرح سڃاڻي وئي آ ته جيڪي پنھنجي پارٽي سان ئي سچا ناھن روز نوان جھنڊا کڻي اچن ٿا انھن وٽ عوام جي ڀلائي لاء ڪھڙو پروگرام ھوندو اھيو ئي سبب آھي جو انھن کي ھر اليڪشن ۾ بُري شڪست ملي ٿي . پپلزپارٽي جي خلاف ھميشه کان سازشي ٽُولي سازشون ڪيون پر سندس رُسوائي کان سواء انھن کي ڪجھ به حاصل نه ٿيو پوري پاڪستان ۾ بيروزگار نوجوانن کي ھميشه پپلزپارٽي نوڪريون ڏنيون ،روزگار ڏنو ،سرڪاري ملازمن جون پگھارون به پپلزپارٽي پنھنجي حڪومتي دور ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏنيون پپلزپارٽي وٽ عوام جي ڀلائي لاء ھزارين پروگرام آھن پپلزپارٽي جمھوريت جي سونھن آھي پپلزپارٽي جا مخالف صرف چور دروازي کان اقتدار حاصل ڪري عوام جي حقن تي ڌاڙو ھڻڻ جي ڪوشش ۾ آھن جيڪي ڪوششون سدائين ناڪام ٿيون آھن پپلزپارٽي ھڪ نظرياتي پارٽي آھي ۽ شھيدن جي پارٽي آھي ھن پارٽي ۾ شھيدن جو رت شامل آھي ھن پارٽي جا ورڪر ،اڳواڻ ،ووٽر ،ھمدرد پارٽي سان سچا آھن اھي لوٽا يا غدار آھن سرداررفيق احمد جمالي کي ماضي ۾
اڳوڻي وزيراعظم مير ظفر الله جمالي کيس مسلم ليگ (ق) ۾ شموليت جي آڇ ڪئي ۽ سندس وڏي منسٽري جي پڻ آفر ڪئي ، پر هن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان وفاداريون قائم رکيون پاڻ پپلزپارٽي جي صف ۾ بيٺل رھيو . سياسي مخالفتن باوجود پارٽيءَ سان گڏ بيٺو رهيو. جڏھن ته شھيد محترمه بينظير ڀٽو جا اھي لفظ ڪنھن کان وسرڻ جھڙا ناھن جنھن ھڪ سوال جي جواب ۾ اھيو چيو ھو ته پپلزپارٽي عوامي پارٽي آھي سندس پارٽي ۾ رفيق احمد جمالي جھڙا وفادار موجود آھن پارٽي ڪڏھن به ختم نه ٿيندي مونکي رفيق احمد جمالي تي فخر آھي سردار رفيق احمد جمالي پنھنجي تڪ جي ماڻھن جي دلين ۾ ايتري ته جاء ٺاھي ويو آھي جو اڄ تائين ڪڏھن به کيس اليڪشن ۾ شڪست نه ملي آھي سدائين سوڀ ماڻي سڄي ضلعي مان سيٽون کٽيندو پيو اچي سندس پپلزپارٽي کي دادو ۾ ايترو ته مضبوط ڪيو آھي جو دادو ضلعو پ پ جو قلعو سڏيو وڃي ٿو جتي پوري دنيا ڪرونا وائرس جھڙي بيماري سبب سخت پريشان آھي اتي پاڪستان به ھن خطرناڪ بيماري سان جنگ وڙھي رھيو آھي عوام لاڪ ڊائون سبب بک ,بدحالي جو شڪار آھي روزگار ڪندڙ طبقو جتي بي روزگار بڻجي چڪو آھي اتي ڪي عوامي نمائيندا پنھنجا بنگلا بند ڪري پاڻ لاڪ ڊائون جو بھانو ڪري عوام کي ھن ڏکئي وقت ۾ اڪيلو ڇڏي ڏنو آھي پر ڪي اھڙا به نمائيندا آھن جيڪي اڄ به پنھنجي عوام سان ھن ڏکئي وقت ۾ گڏ بيٺل آھن جنھن ۾ دادو جي ڳالھ ڪجي ته سردار رفيق احمد جمالي جو نالو سڀ کان اول آھي جيڪو ڏينھن رات عوام سان سڌو رابطي ۾ آھي سردار رفيق احمد جمالي جي وڏي خوبي اھيا به آھي ته ھو ڪڏھن به انتقامي ڪاروائي تي يقين نه رکڻ بغير ڪنھن سياسي فرق جي عوام جا مسئلا به ٻڌي ٿو انھن جي مدد به ڪري ٿو ڪرونا وائرس ۽ ٻي طرف لاڪ ڊائون سبب ھتي جو عوام سخت بک ,بدحالي کي منھن ڏئي رھيو آھي اتي سردار رفيق احمد جمالي سرڪار جي امداد جو آسرو نه ڪندي پنھنجي مدد پاڻ فاروق جمالي فائونڊيشن طرفان ھزارين ماڻھن کي گھر گھر راشن پھچايو سردار رفيق احمد جمالي جي بنگلي تي متاثر ماڻھن جون لسٽون کڻي شھر جا سماجي ورڪر جڏھن پھچن پيا ته انھن کي راشن به ملي پيو ، دادو ۾ مھا ٻوڏ دوران سردار رفيق احمد جمالي اٽل ارادن سان ھماليه جي جبلن جيان بندن آڏو جبل وانگر بيھي رھيو پنھنجي نگراني ۾ انھن جي حفاظت ڪئي ۽ دادو کي ٻڏڻ کان بچايو دادو تڪ تمام وڏو آھي ان باوجود به سردار رفيق احمد جمالي کي جس ھجي جو ھو ڪنھن سان به ڪاوڙ نٿو ڪري ھتي عام ماڻھو به اھڙي مرحلي ۾ بيزاري ڏيکاريندا آھن جڏھن دادو ۾ ٻيا نمائيندا موجود آھن ۽ وڏا سرمائيدار به آھن پر پنھنجو پئسو خرچ ڪرڻ ۽ پنھنجو ٽائيم ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو آھي عوام جي دلين ۾ گھر ڪرڻ سولو ڪم ناھي گھٽ وڌايون به ھونديون ائين نٿو چوان ته سڀ ڪجھ صحيح ٿي ويو آھي پر ڳالھ خدا ڪارڻ ڪجي ته سردار رفيق احمد جمالي پنھنجي حصي جو ڪم ڪري پيو سردار رفيق احمد جمالي تمام حساس ,محبتي ۽ سادو انسان آھي سردار رفيق احمد جمالي جي اھيا وڏي خوبي آھي ته کيس ڪير پارٽي جو ھجي يا نه به ھجي ڪير ووٽر ھجي به يا نه به ھجي پر ھو کيس سڀني کي عزت به ڏيندو آھي ۽ کيس ھر عام ماڻھن جي جائز ڪمن لاء ڪوشش به ڪندو آھي سردار رفيق احمد جمالي جا ڪيترائي مخالف سندس جي بھترين ڪردار مان متاثر ٿي سردار رفيق احمد جمالي وٽ ھلي وڃي پارٽي ۾ شامل ٿيا آھن سردار رفيق احمد جمالي سان ماضي کان وٺي مخالفن ھميشه انتقامي ڪاروايون پڻ ڪرايون پر سندس بھادري ۽ بردباري سان انھن چيلنجز کي منھن ڏنو ۽ سدائين پارٽي سان ھر ڏکي سکئي وقت ۾ پارٽي سان بيٺو رھيو سردار رفيق احمد جمالي ھر سال عيد جي ڏھاڙن ۾ معذورن ۾ ڪپڙا پڻ ورھائيندو آھي پپلزپارٽي کان ھٽي ڪري سندس سماجي تنظيم فاروق فائونڊيشن جو بنياد وجھي سندس ان پليٽ فارم تان غريب ,مسڪين ماڻھن کي راشن ۽ ٻي مالي مدد پڻ ڪري ٿو سندس ھڪ ٽيم ٺاھي وئي آھي جنھن جا انتظام سندس ڀائيٽيو سردار عامر فاروق جمالي سنڀالي ٿو سردار رفيق احمد جمالي گورک ڊولپمينٽ جو چيئرمين پڻ آھي گورک ماڳ تي پھريان سھولتن جي تمام گھڻي کوٽ ھئي تفريحي لاء ايندڙ ماڻھن کي ڪافي مشڪلاتون پيش اينديون ھيون سردار رفيق احمد جمالي ٿوري ئي وقت ۾ گورک جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيو آھي ھاڻي گورک تي ڪافي سھولتون موجود آھن ڪافي ترقياتي ڪم ٿيا جنھن ڪريڊٽ به سردار رفيق احمد جمالي ڏانھن وڃي دادو شھر لاء تازوئي شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي نالي تي وڏو پبلڪ پارڪ پڻ ٺھرايو آھي، طالب المولا ھاء اسڪول جي شاگردن لاء پيئڻ جي صاف پاڻي فلٽر پلانٽ ڏنو ،استاد بخاري ڊگري ڪاليج کي ميگا سولر سسٽم ڏنو پولو ٽيڪنيڪل ڪاليج کي ڪمپيوٽر ليب سميت سٺا ڪم ڪيا دادو ضلعي ۾ سندس جمالي ھائوس ھميشه عوام لاء کليل رھي ٿو جنھن ۾ کيس دادو جا عام ماڻھون ,پارٽي ورڪر ,ووٽر ,۽ ھر مڪتب فڪر جا ماڻھو اچي پنھنجا مسئلا حل ڪرائن ٿا پپلزپارٽي ضلعي دادو جي صدر سردار رفيق احمد جمالي بغير ڪنھن فرق جي ڪيترن ئي غريب ماڻھن کي روزگار ڏنو سندس دادو شھر,ڳوٺن ,محلن جا سڀ روڊ رستا نيئن سر تعمير ڪرايا ڪافي ڳوٺن ۾ گئس ,بجلي پھچائي ڪيترن ئي ڳوٺن کي سولر ڏنا پاڻي جي مسئلي تي روز نيون اسڪيمون منظور ڪرائي عام ماڻھن کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراھم ڪرڻ لاء واٽر سپلاء اسڪيمن جي منظوري سان گڏ آبادگارن لاء پاڻي جي فراھمي کي يقيني بڻائڻ لاء ڪوششون ڪري پيو کيس جون عوام جي ڀلائي لاء ڪافي جدوجھدون آھن تنھن ڪري کيس پپلزپارٽي جي قيادت ۽ ورڪر مڪمل اعتماد ڪن ٿا ۽ دادو جي عوام کيس پنھنجو ووٽ به ڏئي ٿي

سردار رفيق احمد جمالي جو اليڪشن 2002 کان 2018 تائين جيت جو سفر ۽ سندس سياسي ڪردار .. عبدالرحمٰن مستوئي .. پاڪستان پپلزپا...
28/01/2024

سردار رفيق احمد جمالي جو اليڪشن 2002 کان 2018 تائين جيت جو سفر ۽ سندس سياسي ڪردار ..

عبدالرحمٰن مستوئي ..
پاڪستان پپلزپارٽي ضلع دادو جي صدر سردار رفيق احمد جمالي سال 2002 کان وٺي سال 2018 تائين 4 دفعا وڏي اڪثريت سان اليڪشن کٽي قومي اسيمبلي جو ميمبر بڻيو سردار رفيق احمد جمالي پرويز مشرف جي ڪاري دور سال 2002 کان پاڪستان جي وڏي جمھوري پارٽي پاڪستان پپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تان قومي اسيمبلي جي سيٽ تي اليڪشن وڙھڻ جي شروعات ڪئي سال 2002 ۾ اين اي 232 دادو/جوھي ۾ ان وقت 6 اميدوارن اليڪشن ۾ حصو ورتو پاڪستان پپلزپارٽي طرفان سردار رفيق احمد جمالي جنھن 56814 ووٽ کڻي وڏي ليڊ سان ڪاميابي ماڻي جڏھن ته مخالفت ۾ بيھندڙ اميدوارن ۾ 1- احمد خان لنڊ پاڪستان مسلم ليگ قائد اعظم پارٽي کي 41982 ووٽ مليا.
2-حسين بخش سولنگي ايم ڪيو ايم پارٽي کي 1249 مليا. 3- ظفر علي ڀنڊ مسلم ليگ ن پارٽي کي 133 مليا .4-آزاد اميدوار اصغر علي پنھور کي 247 ووٽ مليا. 5- آزاد اميدوار بشير احمد چنه کي 448 مليا. ان کان پوء سال 2008 اين اي 232 تان ھڪ دفعو ٻيھر وڏي اليڪشن ٿي جنھن ۾ پاڪستان پپلزپارٽي ضلعي دادو جي صدر سردار رفيق احمد جمالي سميت سياسي ۽ آزاد 10 اميدوارن قومي اسيمبلي جي اليڪشن ۾ حصو ورتو جنھن ۾ 1- سردار رفيق احمد جمالي پاڪستان پپلزپارٽي جي اميدوار ھڪ دفعو ٻيھر 87467 ووٽ کڻي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي 2 - پاڪستان مسلم ليگ پارٽي جي اميدوار لياقت علي خان جتوئي 34019 ووٽ کنيا .3- شمس الدين پنھور پ پ شھيد ڀٽو جي اميدوار 173 ووٽ کنيا .4- غلام مرتضٰى سولنگي ايم ڪيو ايم پارٽي اميدوار 57 ووٽ کنيا. 5 - رشيده اختر پنھور آزاد اميدوار 272 ووٽ .6- زبير احمد جمالي آزاد اميدوار 20 ووٽ .7- شفيع محمد چنه آزاد اميدوار 32 ووٽ .8 -شفيع محمد ميمڻ آزاد اميدوار 97 ووٽ .9- شير محمد سومرو آزاد اميدوار 27 ووٽ 10- نثار احمد پنھور آزاد اميدوار 12 ووٽ کڻي ھارائي ويا .
سال 2013 اين اي 232 دادو /جوھي جي وڏي اليڪشن ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽ تي 16 اميدوارن حصو ورتو جنھن ۾ 1- ٽيون دفعو پاڪستان پپلزپارٽي ضلع دادو جي صدر سردار رفيق احمد جمالي 76876 ووٽ کڻي سڀني کي زبردست شڪست ڏني جڏھن ته 2- ڪريم علي جتوئي 56838 ووٽ کنيا .3- چاڪر خان شاھاڻي 13665 ووٽ .4- جنيد احمد سميجو 44 ووٽ 5- محمد امين خان جمالي 220 ووٽ 6- مولا بخش لنڊ 53 ووٽ 7- علي انور پنھور 150 ووٽ 8- شمس پنھور 719 ووٽ 9- محمد پرويز ڀرٽ 5465 ووٽ. 10- رضوان علي شاھ 391 ووٽ .11- محمد چنه 247 ووٽ .12- ممتاز لغاري 500 ووٽ. 13- سردار منظور علي خان پنھور 99 ووٽ .14-شاھد حيدري 293 ووٽ .15- اشفاق حسين 73 ووٽ .16- دلشاد ڀٽو 298 ووٽ کنيا . سال 2018 واري وڏي اليڪشن اين اي 235 دادو /جوھي قومي اسيمبلي ۾ 10 اميدوارن حصو ورتو جنھن ۾ 1- سردار رفيق احمد جمالي پاڪستان پپلزپارٽي اڳواڻ 81215 ووٽ کڻي ڇوٿون دفعو وڏي ليڊ سان اليڪشن کٽي ويو ۽ پنھنجي مخالفن کي بُري شڪست ڏني جڏھن ته 2- ڪريم علي جتوئي 63032 ووٽ کنيا.3- احسان علي جتوئي 1355 ووٽ .4- احمد خان لنڊ 522 ووٽ. 5- جنيد احمد خان 338 ووٽ 6- زبير احمد جمالي 84 ووٽ 7- سعيد احمد جمالي 76 ووٽ .8- فاطمه 1941 ووٽ. 9- محمد چنه 1013ووٽ. 10- مير جان محمد خان پنھور 19906 ووٽ کنيا . پاڪستان پپلزپارٽي ضلع دادو جي صدر سردار رفيق احمد جمالي جي مسلسل وڏي اڪثريت سان 4 دفعا قومي اسيمبلي ۾ جيت جو سفر پنھنجي سياسي ڪردار سان اھڙي طريقي سان ڪيو جو سندس مخالفت کيس اليڪشن ۾ ھارائي نٿا سگھن سردار رفيق احمد جمالي سدائين پنھنجي پارٽي ،ووٽرن ،ھمدردن ، ۽ پنھنجي تڪ جي عوام سان ڏک ۽ سک ۾ سدائين گڏ رھيو سندس جي اھئي خاص خوبيون آھن ته ھو پنھنجي تڪ جي عوام سان سدائين رابطي ۾ رھي ٿو سردار رفيق احمد جمالي سان ملڻ تمام سولو تڪ جا ماڻھو پنھنجا ننڍا وڏا مسئلا حل ڪرائڻ لاء جمالي ھائوس پھچن ٿا ۽ انھن کي تمام سٺي موٽ ملي ٿي دادو ،جوھي ۾ سردار رفيق احمد جمالي ڪافي ترقياتي ڪم ڪرايا ھزارين نوجوانن کي روزگار پڻ ڏياريو تعليم ،صحت،صفائي ،پيئڻ جي صاف پاڻي ،سولر اسڪيمون ،روڊ رستن جا ڄار وڇايا گورک ماڳ تي ترقياتي ڪم ڪرايا تعليمي ادارن ۾ سولر ،فلٽر پلانٽ ،ڪمپيوٽر ليب سمت دادو ۾ تفريحي پبلڪ پارڪ جھڙيون اسڪيمون ڏنيون دادو ضلعي جي عوام کيس محبت ڪري ٿي سردار رفيق احمد جمالي جي سياسي ڪرادر مان متاثر ٿي دادو مان ڪافي سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ ورڪرن کيس پپلزپارٽي ۾ شموليتون پڻ ڪيون آھن مختلف ڪارنر گڏجاڻين ۾ سردار رفيق احمد جمالي جو چوڻ آھي ته پپلزپارٽي عوامي پارٽي آھي پپلزپارٽي عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي پپلزپارٽي وٽ عوام جي ڀلائي لاء تمام گھڻا پروگرام آھن . سال 2024 جي اليڪشن ۾ موجوده تازي صورتحال اھيا آھي ته سردار رفيق احمد جمالي جا شھر توڙي ڳوٺن ۾ شاندار استقبال ٿين پيا ۽ ھر طرف سندس جي حمايت ۾ وڏا پروگرام ٿين پيا سردار رفيق احمد جمالي جي جي جيت جو جائزو وٺجي تي سال 2002 کان وٺي مسلسل وڏي ليڊ سان ڪاميابيون ماڻيون آھن ايندڙ اليڪشن 8 فيبروري سال 2024 ۾ به سردار رفيق احمد جمالي پنجون دفعو وڏي اڪثريت سان اليڪشن کٽندو ڇو جو ماضي کان وٺي سردار رفيق احمد جمالي کي دادو جوھي جو عوام تمام گھڻا ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري ٿو.

✌️ جیت اسان جی ریت ✌️8 فيبروري اين اي 228 دادو _جوھي پپلزپارٽي جي بھادر ضلع صدر سردار رفيق احمد جمالي جي فتح ٿيندي ✌️ورھ...
21/01/2024

✌️ جیت اسان جی ریت ✌️
8 فيبروري اين اي 228 دادو _جوھي پپلزپارٽي جي بھادر ضلع صدر سردار رفيق احمد جمالي جي فتح ٿيندي ✌️
ورھايون پيار محبت ٿا اھا ريت اسان جي آ.. وڃي چئو مخالفن کي ھاڻ جيت اسان جي آ..✌️✌️✌️✌️
عبدالرحمٰن مستوئي ...
سردار رفيق احمد جمالي صدر پاڪستان پپلزپارٽي ضلع دادو ھڪ بردبار ،بھادر سچو سياسي ليڊر آھي جنھن پنھنجي تڪ جي ھميشه سچائي ،ايمانداري سان نه صرف اڳواڻي ڪئي آھي پر ھميشه ڏک سک ۾ انھن سان گڏ ھوندو آھي ھڪ سُٺي سياسي اڳواڻ جون اھئي ئي خوبيون ھونديون آھن جنھن ڪري ھتان جي عوام سندس اليڪشن ۾ سدائين ووٽ ڪري ان کي کٽرائينديون آھن سردار رفيق احمد جمالي جي مخالفت ۾ جيڪي بيھندا آھن انھن جو ته ڪو دين ايمان ئي ڪونھي ھر اليڪشن ۾ ھڪ نئون جھنڊو کڻي ايندا آھن ۽ ھر اليڪشن ۾ ڪنھن نئين پارٽي جي ٽڪيٽ وٺي ايندا آھن اھي سياسي لحاظ کان نه پاڻ ڪنھن سياسي پارٽي سان سچا آھن نه ئي انھن تي ڪا سياسي پارٽي اعتماد ڪري ٿي ھو صرف اقتدار جي لالچ ڪري سياست ڪن ٿا ھو سدائين عوامي مسئلن ۽ ھر عام ماڻھن کان پري ھوندا آھن پر ان جي ڀيٽ ۾ پاڪستان پپلزپارٽي جي بھادر صدر سردار رفيق احمد جمالي ھميشه پنھنجي پارٽي سان ڏک سک ۾ گڏ رھيو سندس پارٽي کي ڇڏڻ لاء ماضي ۾ ڪيتريون ئي ھن کي سڻڀيون آفرون مليون جيڪي سردار رفيق احمد جمالي ٿُڏي ڇڏيون جنھن تي پپلزپارٽي جي قيادت کي به فخر آھي ماضي ۾ ھڪ سوال جي جواب محترمه بينظير ڀٽو اھئي لفظ وڏي فخر سان چيا ھئا ته جيستائين پپلزپارٽي ۾ سردار رفيق جمالي جھڙا سچا اڳواڻ اسان وٽ موجود آھن تيستائين پپلزپارٽي کي ڪير به ھارائي نٿو سگھي سردار رفيق احمد جمالي جي وڏي خوبي اھيا آھي ته حالات ۽ مسئلا ڪھڙا به ھجن ھو ھميشه پنھنجي ضلع جي عوام سان گڏ ھوندو آھي دادو جي ھر ننڍي وڏي کي اھيا خبر آھي ته ڪرونا جھڙي خطرناڪ وباء دوران به ھي پنھنجي عوام سان گڏ بيھي رھيو ۽ پنھنجي وس آھر ھتان جي ماڻھن جي وڌ کان وڌ مدد ڪئي ٻوڏ دوران ڪمزور بندن جي نگراني به ھن پاڻ ڪئي ۽ پنھنجو شھر بچايو ٻوڏ متاثر ماڻھن جي مدد لاء انھن کي راشن ،ٽينٽ سميت ضرورت واريون شيون مھيا ڪيون ترقياتي ڪمن ۾ تعليم ،صحت ،نوان روڊ رستا ، پئيڻ جي صاف پاڻي جي فراھمي لاء سولر واٽر سپلاء اسڪيمون ڏنيون ڪيتيرن ئي بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون ڏئي روزگار سان لڳايو پپلزپارٽي پاڪستان جي ھڪ وڏي سياسي جماعت آھي پپلزپارٽي وٽ عام ماڻھن کي فائدي ڏيڻ لاء وڏا پروگرام ۽ جديد پلان آھن جمھوريت جو اصل نالو ئي پپلزپارٽي آھي سردار رفيق احمد جمالي پپلزپارٽي ضلع دادو جو سپھ سالار آھي ان کي اليڪشن ۾ ھارائڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن آھي ھن دفعي 8 فيبروري تي وري دشمن جي دل ۾ تير ھوندو ۽ جيت اسان ريت جو نئون باب وري شروع ٿيندو ووٽ صرف تير جو ھوندو ۽ پپلزپارٽي جي ڪاميابي ھتان جي مظلوم ،غريب ،مزدور ،شاگرد ،ھاري ، سميت ھر مڪتب فڪر جي اھيا ڪاميابي ھوندي .

پپلزپارٽي صدر ضلع دادو سردار رفيق احمد جمالي اميدوار اين اي 228 طرفان دادو ۾ ڪرايل ترقياتي ڪمن جو مختصر جائزو. عبدالرحمٰ...
15/01/2024

پپلزپارٽي صدر ضلع دادو سردار رفيق احمد جمالي اميدوار اين اي 228 طرفان دادو ۾ ڪرايل ترقياتي ڪمن جو مختصر جائزو.

عبدالرحمٰن مستوئي

دادو ضلعي ۾ پپلزپارٽي جي بھادر صدر سردار رفيق احمد جمالي تمام گھڻا ترقياتي ڪم ڪرايا آھن جنھن جو مڪمل تفصيل لکڻ ته ڏکيو آھي پر جيڪي اسڪيمون ۽ پراجيڪٽ اسان جي نظر مان گذريا آھن انھن جو مختصر تفصيل لکون ٿا . دادو سٽي ۾ گرلس ڪاليج سان گڏ پيونگ بلاڪ روڊ ،ورڪشاپ روڊ ،انڊس ھاء وي کان درگاھ مخدوم بلاول تائين پيونگ بلاڪ ،سولر لائيٽس ،ڳوٺ محمد اسماعيل ٻٻر تائين روڊ،يوسي اميناڻي ڳوٺ الھڏتو مستوئي سي سي بلاڪ ۽ پيونگ بلاڪ روڊ ،بي ايڇ يو سيتا وليج مان آر ايڇ سي سيتا وليج اپگريڊ ڪرائڻ ،سيتا وليج کان ڀنڊ ماڙي تائين روڊ مڪمل ،ڪنسٽريڪشن اسڪيم آف روڊ فرام گورنمينٽ ھاء اسڪول سيتا ،سوئمنگ پول جيم خانه دادو ،ڪاڇي جي ڳوٺ ڇني ،ڳوٺ ڇپر جمالي ،ڳوٺ مراد خان جمالي ،ڳوٺ ٽنڊو رحيم خان ،ڳوٺ ٽوڙي ۽ آس پاس جي ڳوٺن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي ،سولر سسٽم ،واٽر سپلاء جون اسڪيمون ڏنيون ، ڳوٺ شير محمد سولنگي محلا سومر خان سولنگي روڊ ۽ ڳوٺ سرائي اسماعيل ٻٻر تائين روڊ جو ڪم مڪمل ،ٽنڊو رحيم خان کان ھليلي تائين روڊ اسڪيم مڪمل ،يوسي ٿرڙي جادو شھيد تعلقه جوھي جي ڳوٺن ميراوال قمبراڻي ،ڪوٽ باجو ۽ ڳوٺ گولو فقير واٽر سپلاء اسڪيمون مڪمل ڪراڻ ،دادو شھر جي صفائي کي بھتر ڪرڻ لاء صفائي لاء جديد مشينري مھيا ڪرڻ جنھن ۾ نئين فائربرگيڊ،ٽريڪٽر ،ٽراليون ،سڪر مشينن جو افتتاح به سردار رفيق احمد جمالي ڪيو .سردار رفيق احمد جمالي جي ڪوششن سان سول اسپتال دادو جي ٻارن واري وارڊ لاء انڪيوبيٽر ،وارمر مشينون پڻ ڏياريون ،سول اسپتال دادو ۾ سنڌ گورنمينٽ جي تعاون سان معذورن لاء مصنوئي ٽنگون ،ٻانھون مفت لڳرائڻ جون ڪئمپون لڳرائڻ ،ڳوٺ چارو يوسي ڪمال ڳوٺ حافظ دلشاداڻي يوسي ساوڙو ،ڳوٺ مريد ٻٻر يوسي ٿرڙي جادو شھيد ۾ واٽر سپلاء اسڪيمون ڏيڻ ،ڳوٺ مراد خان جمالي ۾ گرلس مڊل اسڪول ڏيڻ ،دادو ۽ موندر ناڪو ۽ چاندني چونڪ تي اسم پاڪ جا جا ٽاور لڳرائڻ ،ڪاري موري ۽ ايم اين وي ڊرين تي پمپنگ اسڪيم ،ڪاڇي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ سولر سسٽم تي ھلندڙ واٽر سپلاء اسڪيمون ڏيڻ ،دادو ۾مفت اکين ۽ ميڊيڪل جون ڪيمپون لڳرائڻ ،گورڪ تي ترقياتي ڪم ڪرايا جڏھن ته وفاق طرفان ڪابه بجيٽ نه ملڻ باوجود سردار رفيق احمد جمالي طرفان گورڪ تي ھوٽل ،ريسٽ ھائوس ،اسٽريٽ لائٽون ،پاڻي جون خراب لائينو، ٽانڪيون ٺھرائي لڳرائڻ ،گورڪ تي 10 ڪمرن جو سرڪٽ ھائوس ،واٽر سپلاء جي مڪمل فراھمي ،خوبصورت مسجد ،خوبصورت پارڪ ،35 اسٽاپ کان گورڪ تائين سيفٽي وال ۽ لوھي گرلون ،ھيلي پيڊ ،پارڪنگ جي تعمير سميت گورڪ تي تفريح لاء ايندڙ ماڻھن لاء وڌ کان وڌ سھولتون ڏيڻ لاء جاکوڙيندڙ سردار رفيق احمد جمالي پاران دادو ۾ اين آء سي وي ڊي جو بنياد رکرائڻ ،ھيپاٽائيٽس سينٽر جو بنياد رکڻ دادو جي ماڻھن جي تفرح لاء شھيد محترمه بينظير ڀٽو پبلڪ پارڪ ٺھرائڻ دادو جي ماڻھن جون ڏکئي وقت ۾ خدمت ڪرڻ لاء سماجي تنظيم فاروق جمالي فائونڊيشن جو بنياد رکي عوام جي بغير ڪنھن لوڀ لالچ جي خدمت ڪرڻ ،ھر سال معذورن ۾ عيد جا ڪپڙا ،سوئيٽر ورھائڻ ، ٻوڏ ۽ ڪرونا دوران پنھنجي دادو جي ماڻھن سان گڏ ٿي بيھڻ انھن کي راشن ،ٽينٽ سميت سڀ سھولتون ڏيڻ ڏينھن رات ٻوڏ دوران پاڻي جي بندن آڏو اٽل ٿي بيھڻ ۽ پنھنجي ضلعي جي عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ سردار رفيق احمد جمالي جي مشن ۾ شامل آھي دادو ضلعي مختلف برادرين جا مختلف مسئلن تي ھلندڙ ننڍا وڏا تڪرارن جا فيصلا سٺي طريقي سان سردار رفيق احمد جمالي حل ڪيا آھن ، سردار رفيق احمد جمالي تعليم جي بھتري لاء دادو پولو ٽيڪنيڪ انسٽيٽيوٽ دادو ۾ مرحوم سردار فاروق احمد جمالي ايڊوانس ڪمپيوٽر ليب پڻ ڏني .سردار رفيق احمد جمالي جي اَڻ ٿَڪ ڪوشش سان طالب المولا هاء اسڪول دادو جو تمام پراڻو مطالبو پورو ٿيو سردار رفيق احمد جمالي طرفان گورنمينٽ طالب المولا ھاء اسڪول جي شاگردن ۽ استادن لاء پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ واري مسئلي کي حل ڪندي مٺي پاڻي جو فلٽر پلانٽ ڏنو.
سردار رفيق احمد جمالي پاران استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو کي ميگا سولر پراجيڪٽ ڏنو جنھن سان نہ صرف استاد بخاري ڊگري ڪاليج جا ڪلاس آرام سان ھلندا پر سائنسي ليبارٽين جي اندر شاگردن کي پنهنجي تعليمي سرگرمين لاءِ بهترين موقعو ۽ وقت ملندو تعليمي ادارا ھجن يا ٻيا ترقياتي ڪم ھجن سردار رفيق احمد جمالي سدائين دادو ضلعي جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي لاء ھر قدم اڳتي تڏھن ته سندس دادو جي عوام کيس محبت ڪري ٿي. سردار رفيق احمد جمالي پاران ھزارين نوجوانن کي نوڪريون پڻ ڏنيون آھن جيڪي مختلف کاتن ۾ ھن وقت ڪم ڪري رھيا آھن ۽ پنھنجن ٻچڙن سان خوشحال زندگي گذاري رھيا آھن ،سردار رفيق احمد جمالي پاران دادو ضلعي جي ترقي لاء سندس ڪيترائي پلان انڊر پراسيس ۾ انشاالله ھر دفعي وانگر ھن دفعي به 8 فيبروري تي وڏي اڪثريت سان اليڪشن کٽي دادو ضلعي جا رھيل ترقياتي ڪم پورا ٿيندا اچو ته 8 فيبروري تي گڏجي پنھنجو قيمتي ووٽ سردار رفيق احمد جمالي کي ڏئي ٺپو تير تي ھڻي سندس ڪامياب ڪريون .

دادو يوسي اميناڻي پولنگ اسٽيشن دواٻو ڳوٺ الھڏتو مستوئي اين اي 228 وارو ووٽ سردار رفيق احمد جمالي کي سرعام ڏيڻ جو اعلان ڪ...
14/01/2024

دادو يوسي اميناڻي پولنگ اسٽيشن دواٻو ڳوٺ الھڏتو مستوئي اين اي 228 وارو ووٽ سردار رفيق احمد جمالي کي سرعام ڏيڻ جو اعلان ڪيون ٿا .رمضان مستوئي .عبدالرحمٰن مستوئي ،عبدالرحيم مستوئي ،نظر مستوئي ، عمران مستوئي ، ڪامران مستوئي ، قربان مستوئي ۽ مستوئي برادري

جھان کي ڏيو مبارڪون اسين پيا ڪاھيندا اچون عبدالرحمٰن مستوئي دادو سردار رفيق احمد جمالي  تعليم جي بھتري لاء ھر قدم اڳتي پ...
11/01/2024

جھان کي ڏيو مبارڪون
اسين پيا ڪاھيندا اچون

عبدالرحمٰن مستوئي
دادو سردار رفيق احمد جمالي تعليم جي بھتري لاء ھر قدم اڳتي پولو ٽيڪنيڪل جي شاگردن کي جديد ڪمپيوٽر ليب ڏني تعليم جي ڀلائي لاء سندس جون ڪوششون وساري نٿيون سگجھن پر ڳائي ضرور سگھجن ٿيون
سردار رفيق احمد جمالي صدر پاڪستان پيپلزپارٽي ضلع دادو پولو ٽيڪنيڪ انسٽيٽيوٽ دادو ۾ مرحوم سردار فاروق احمد جمالي ايڊوانس ڪمپيوٽر ليب جو افتتاح ڪرڻ دوران چيو ته انسٽيٽيوٽ ۾ درپيش مسئلن جي حل لاء سنڌ گورنمينٽ کان اسپيشل فنڊس رليز ڪرڻ لاء ڪوشش جاري رھندي .

جھان کي ڏيو مبارڪون اسان پيا ڪاھيندا اچونعبدالرحمٰن مستوئي سرار رفيق احمد جمالي جي اَڻ ٿَڪ ڪوشش سان طالب المولا هاء اسڪو...
10/01/2024

جھان کي ڏيو مبارڪون
اسان پيا ڪاھيندا اچون

عبدالرحمٰن مستوئي

سرار رفيق احمد جمالي جي اَڻ ٿَڪ ڪوشش سان طالب المولا هاء اسڪول دادو جو تمام پراڻو مطالبو پورو ٿيو سردار رفيق احمد جمالي طرفان گورنمينٽ طالب المولا ھاء اسڪول جي شاگردن ۽ استادن لاء پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ واري مسئلي کي حل ڪندي مٺي پاڻي جو فلٽر پلانٽ ڏنو ۽ اسڪول کي سولر سسٽم ۽ ٻيون سھولتون ڏيڻ لاء پڻ چيو ته تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ اتي سھولتون ڏيڻ پپلزپارٽي جي مشن ۾ شامل آھي انشااللّٰه تعليمي ادارن کي وڌ کان وڌ سھولتون ڏنيون وينديون جيئي سردار رفيق احمد جمالي .

عبدالرحمٰن مستوئي سردار رفيق احمد جمالي جي خلاف ڪجھ شر پسند آڱرين تي ڳڻڻ جيترا منعافق جنھن جو نه ڪو ايمان آھي نه ئي ڪو م...
08/01/2024

عبدالرحمٰن مستوئي

سردار رفيق احمد جمالي جي خلاف ڪجھ شر پسند آڱرين تي ڳڻڻ جيترا منعافق جنھن جو نه ڪو ايمان آھي نه ئي ڪو مذھب نه ئي ڪا ذات آھي اھي سدائين پنھنجي ساڙ حسد بيماني جي ڪري پنھنجي اوقات ظاھر ڪندا آھن ھن سماج ۾ اھڙا ڪيترائي فرد موجود آھن جيڪي صرف پنھنجي فائدي ۽ پنھنجي حق ۾ فيصلا پسند ڪندا آھن حقيقت اھيا به آھي ته ڪنھن سان به ناجائزي نه ٿئي ۽ ھر ماڻھو کي پنھنجو حق گھرڻ جو اختيار به آھي ۽ جتي ناجائزيون ۽ ناانصافيون عروج تي ھجن تڏھن انھن مسئلن جا شڪار اسان جي معاشري ۾ رھندڙ فرد پنھنجو حق حاصل ڪرڻ لاء شھر توڙي ڳوٺن جا ماڻھو ڪنھن معزز ۽ چار چڱن وٽ پنھنجو فرياد کڻي کيس انصاف جي اميد رکندا آھن جنھن ۾ امين ،شاھد ۽ مختلف برادرين جا ماڻھو پڻ شامل ھوندا آھن ۽ جيڪو فيصلو ٿيندو آھي ان کي مان ڏيندي قبول ڪندا آھن فيصلو ڪھڙي به ذات جو ھجي ھر ذات وارو اسان لاء قابل عزت آھي تازو ئي تاريخ 6 جنوري تي محترم سردار رفيق احمد جمالي (اڳوڻو ايم اين اي دادو ) جي سر پئنچي ۾ جمالي هائوس تي ھڪ فيصلو ڪيو ويو جنهن ۾ رئيس بابن خان پنهور صدر پ پ پ تعلقه دادو ، عرفان علي سولنگي (صدر سولنگي اتحاد ) امين طور موجود هئا ، ڌر نمبر نمبر 1 علي گوهر سومرو ۔ ڌر نمبر 2 حسين جمالي ۽ محبوب سومرو ۔
تفصيل موجب علي گوهر سومرو طرفان سال 1996 ۾ هارون سومرو کان زرعي زمين خريد ڪئي هئي جنهن جو قرآن پاڪ تي 17 مارچ 2023 تي رئيس بابن خان فيصلو ڪيو هو جيڪو علي گوهر سومرو جي حق ۾ ٿيو جيڪا زمين حسين جمالي جي قبضي ۾ هئي رئيس رفيق احمد جمالي طرفان حسين جمالي کان اها زمين علي گوهر سومرو جي حوالي ڪئي وئي اڄ ڏينهن کان پوء هارون سومرو کان خريد ڪيل زمين علي گوهر سومرو جي رهندي ڪا به ڌر انهي زمين تي دعوه نه ڪندي جڏهن ته ٻي 10 ايڪڙ زمين پڻ علي گوهر سومرو کي حسين جمالي ڪڍي ڏيڻ جو پابند رهندو انهي لاء رئيس بابن خان کي امين مقرر ڪيو ته سرزمين تي وڃي اها زمين علي گوهر سومرو کي ورهاست ڪري ڏيندو ۔ فيصلو ٻنهي ڌرين قبول ڪيو آخر ۾ دعا گهري وئي ۔ فيصلي ۾ سومرا اتحاد جو ضلعي صدر ڪائونسلر حاجي لياقت علي سومرو پڻ موجود هئا . ان کان پوء ھاڻي سوشل ميڊيا تي ڪجھ شرپسند ماڻھو سردار رفيق احمد جمالي خلاف اليڪشن جي آڙ ۾ سندس خلاف غلط پوسٽون ھلائي سومرا برادري جو نالو استعمال ڪري رھيا آھن جنھن ۾ ڳوٺ شادڻ ۾ سومرا برداري جو نالو استعمال ڪيو پيو وڃي جنھن پوسٽن جو وجود ڪوڙ تي مُبني آھي ڳوٺ شادڻ سميت سڀ ڳوٺ سردار رفيق احمد جمالي جا پنھنجا آھن مخالفن کي گھرجي تي اھڙيون غلط پوسٽون ھلائڻ سان توھان کي ڪجھ به حاصل نه ٿيندو توھان ڪنھن کي به بليڪ ميل نٿا ڪري سگھو ذاتيات جي بنياد تي نفرتن جي سازش ڪرڻ ڪنھن سٺي انسان جو ڪم ناھي .

جھان کي ڏيو مبارڪون اسين پيا ڪاھيندا اچونعبدالرحمٰن مستوئي ...دادو سردار رفيق احمد جمالي صدر پاڪستان پپلزپارٽي دادو پارا...
02/01/2024

جھان کي ڏيو مبارڪون

اسين پيا ڪاھيندا اچون

عبدالرحمٰن مستوئي ...

دادو سردار رفيق احمد جمالي صدر پاڪستان پپلزپارٽي دادو پاران استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو کي ميگا سولر پراجيڪٽ ڏنو جنھن سان نہ صرف استاد بخاري ڊگري ڪاليج جا ڪلاس آرام سان ھلندا پر سائنسي ليبارٽين جي اندر شاگردن کي پنهنجي تعليمي سرگرمين لاءِ بهترين موقعو ۽ وقت ملندو تعليمي ادارا ھجن يا ٻيا ترقياتي ڪم ھجن سردار رفيق احمد جمالي سدائين دادو ضلعي جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي لاء ھر قدم اڳتي تڏھن ته سندس دادو جي عوام کيس محبت ڪري ٿي.

Address

Dadu
76200

Telephone

+923003258266

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Pure Dadu posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Pure Dadu:

Videos

Share


Other Media/News Companies in Dadu

Show All