utv News pakistan

utv News pakistan Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from utv News pakistan, Media/News Company, chuhar jamali sindh, Chuhar Jamali.

21/04/2024
شاھبندر فرٽيلائيزر  ايگريڪلچر فائونڊيشن (شفاف ) shahbunder fertilizer agriculture foundation  سماجي ڀلائي غير منافہ بخش ...
11/04/2024

شاھبندر فرٽيلائيزر ايگريڪلچر فائونڊيشن (شفاف ) shahbunder fertilizer agriculture foundation سماجي ڀلائي غير منافہ بخش تنظيم آھي جيڪا تعلقي شاھبندر ۾ زراعت جي سڌاري ترقي وڌاري لاء جوڙي وئي آھي جنھن ۾ خاص طور تي زراعت سان لاڳاپيل وچولي ۽ ھيٺين طبقي سان تعلق رکندڙ آبادگارن زميندارن ھارين کي سپورٽ ڪرڻ ۽ انھن جي سھائتا ڪرڻ لاء (شفاف ) شاھبندر فرٽيلائيزر ايگريڪلچر فائونڊيشن سرڪاري غير سرڪاري سماجي ڀلائي کاتن وارين ادارن کان مالي سھڪار طور مدد وٺي شاھبندر تعلقي جي زراعت سان لاڳاپيل وچولي ۽ ھيٺين درجي اباگادرن زميندارن ھارين کي سپورٽ ڪندي
1999 واري سائيڪلون جي تباه ڪارين ۾ خاص طور ضلعي سجاول جو ساحلي پٽي وارو تعلقو شاھبندر متاثر ٿيو آھي جنهن سبب جي ڪري ھتان جي معاشيات کي ڌڪ لڳو ھو ھن علائقي ۾ زراعت ماهيگيري ڪرنگھي جي ھڏي جئنان آھي ان کانپوء سال 2022 ۾ آيل برساتن وڏي تباھڪاري آندي آھي جنھن ۾ پڻ شاھبندر تعلقي جي زراعت وڌيڪ متاثر ٿي آھي
سماجي تنظيمن ايس پي او. ۽ اين آر ايس پي. PPAF ) پاڪستان پاورٽي ايليويشن فنڊ جي سروي مطابق ضلعي سجاول جي سڀني تعلقن مان ساحلي پٽي وارو تعلقو شاھبندر پاورٽي اسڪور مطابق. 0 زيرو کان 22 پرسنٽ غربت جي لڪير جي ريشي ۾ آھي
انھي لاء شاھبندر تعلقي ۾ زراعت جي ترقي وڌاري سڌاري آڻڻ لاء. شاھبندر فرٽيلائيزر ايگريڪلچر فائونڊيشن (شفاف) shahbunder fertilizer agriculture foundation جي نالي سان ھتان جي وچولي ھيٺين درجي جي آبادگارن زميندارن ھارين جي سھائتا مدد سپورٽ ڪرڻ لاء ھي تنظيم جوڙي وئي آھي جئين شاھبندر جي ھٺين وچولي درجي جي آبادگارن زميندارن ھارين جي سپورٽ ڪري سگھجي

عاجز عبدالستار سنجراڻي
چيف آرگنائيزر (شفاف)
شاھبندر فرٽيلائيزر ايگريڪلچر فائونڊيشن
Shahbunder fertilizer agriculture foundation
Email [email protected]
Contact us 923123756867
923053472741

22/03/2024

چوهڙجمالي: مختيار ڪارشاه بندر اميربخش شيخ ڊگهي موڪل تي روانو نئون مختيار ڪار مقرر نه ٿي سگهيو آفيس جو ڪم رولڙي جو شڪار

01/02/2024

اطلاعات کاتو سنڌ ضلعو سجاول

ڊپٽي ڪمشنر ۽ ضلعي رٽرننگ آفيسر سجاول جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران عام چونڊن 2024ع لاءِ جاري ڪيل ضابطہ اخلاق تي عملدرآمد بابت اهم اجلاس.

سجاول، پهرين فيبروري 2024 (ھ آ): ڊپٽي ڪمشنر ۽ ضلعي رٽرننگ آفيسر عبدالواجد شيخ جي صدارت هيٺ عام چونڊن 2024ع دوران سياسي پارٽين، اميدوارن، اليڪشن ايجنٽن ۽ پولنگ ايجنٽن لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران جاري ڪيل ضابطه اخلاق تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ بابات دربار ھال سجاول ۾ اهم اجلاس منقعد ٿيو، جنهن ۾ ايس ايس پي شهلا قريشي، ضلعي مانيٽرنگ آفيسر سيد وجاهت علي، ضلعي اليڪشن ڪمشنر افتخار حسين، قومي ۽ صوبائي سيٽن جي اميدوارن ۽ سندن نمائندن، ريٽرننگ آفيسرن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ضلعي رٽرننگ آفيسر عبدالواجد شيخ چيو ته چونڊون پرامن، شفاف ۽ منصفاڻيون ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران جاري ڪيل ضابطه اخلاق تي مڪمل عملدرآمد ڪرڻ اُميدوارن، اليڪشن ايجنٽن ۽ پولنگ ايجنٽن تي لازمي آھي، خلاف ورزي ڪندڙن تي اليڪشن ضابطن موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. هُن چيو ته اسان لاءِ سڀ اميدوار برابر آهن، سڀني لاءِ آزاد ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن ڪنهن بہ اميدوار کي شڪايت آهي ته هو لکت ۾ آگاهه ڪري، ثابت ٿيو ته ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته سڄي ضلعي ۾ صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا، ڪنهن کي به امن امان خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هُن چيو ته سمورن اُميدوارن کي اليڪشن کان اڳ ۽ بعد ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هُن چيو ته مڪاني ادارن جا نمائندا ۽ سرڪاري ملازم چونڊ مهم جو حصو بڻجڻ کان پاسو ڪن ٻي صورت ۾ ثبوت مليا ته ڪارروائي ڪئي ويندي. اجلاس ۾ مختلف اميدوارن پاران شڪايتون ڪيون ويون جنهن تي هُن شڪايتون حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو. ان موقعي تي ايس ايس پي شهلا قريشي چيو ته صاف، شفاف ۽ پرامن چونڊون ڪرائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا ۽ ان ڏس ۾ سڪيورٽي جي حوالي سان موثر ڪانٽيجنسي پلان پڻ جوڙيو ويو آهي. بعد ۾ ضلعي مانيٽرنگ آفيسر سيد وجاهت علي عام چونڊن جي ضابطه اخلاق بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته چونڊ مهم دوران گاڏين ۽ ڪار ريلي تي مڪمل پابندي هوندي جڏهن ته عوامي جلسن ۽ جلوسن ۾ ۽ پولنگ واري ڏينهن ڪنهن به قسم جي هٿيارن جي نمائش يا کڻي وڃڻ تي مڪمل پابندي هوندي. هن چيو ته بل بورڊز، وال چاڪنگ ۽ پينافليڪس تي مڪمل پابندي هوندي جڏهن ته ضابطہ اخلاق تحت مقرر ڪيل سائيز جا پوسٽر، هينڊ بل ۽ پمفليٽ لڳائڻ جي اجازت هوندي ۽ سرڪاري عمارتن تي ڪنهن به قسم جو چونڊ مواد لکڻ يا لڳائڻ تي مڪمل پابندي هوندي. هن چيو ته سياسي پارٽيون ۽ اميدوار پنهنجي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ريليون ۽ جلوس ڪڍڻ کان اڳ ڊي آر او ۽ لاڳاپيل آر اوز کي آگاهه ڪرڻ جا پابند ھوندا، عوامي گڏجاڻين ۽ جلسن جي باقاعدہ اجازت وٺڻي پوندي، سياسي پارٽيون ۽ اُميدوار ان ڳالھ جا پابند ھوندا تہ اهي پنھنجا جلسہ مقررڪيل ھنڌ ۽ وقت اندر ختم ڪندا. جلسن ۾ چڙ ڏياريندڙ، گستاخي، توهين آميز ۽ فرقيواراڻي ٻولي ڳالهائڻ جي سختي سان پابندي هوندي، جلسن دوران ڪو به روڊ يا گلي بلاڪ نه ڪئي ويندي ۽ ٽريفڪ جي رواني متاثر نه ڪئي وندي، سموريون سياسي پارٽيون ۽ اميدوار ڏينهن جي روشني ۾ ريليون ڪڍندا، لائوڊ اسپيڪرز کي صرف چوديواري تائين محدود رکيو ويندو، جلوسن لاءِ سيڪيورٽي ۽ ٽريفڪ پلان تي مڪمل عمل ڪيو ويندو. ان کان علاوه ڪارنر گڏجاڻين لاءِ هڪ ڏينهن اڳ لاڳاپيل پوليس اسٽيشنن کي آگاهه ڪيو ويندو ۽ ڪوشش ڪئي وڃي تہ ڪارنر گڏجاڻيون چار ديواريءَ جي اندر منعقد ڪيون وڃن جڏهن ته اليڪشن کان 48 ڪلاڪ اڳ هر قسم جي مهم بند ڪئي ويندي.

05/01/2024

22 جمادالثاني دسترخوان حضرت امام حسن عسڪري عليہ السلام جي پر مسرت بابرڪت ڏھاڙي جون تمام مومنين کي مبارڪون

13/11/2023

۾

12/11/2023

03/11/2023
01/10/2023

چوھڙجمالي :
ضلعي سجاول جي روينيو کاتي جي بئراچ اسٽيٽ مختيار ڪار آفيس ۾ 11 سالن کان ٽي او فارمن جي جاري ۽ داخلا تي غير قانوني بندش تعلقي شاھبندر جا کاتيدار پريشان چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ کان ٽي او فارمن تان بندش ھٽائڻ جو مطالبو

تفصيل موجب گذريل 2010۽ 2011 کان روينيو کاتي جي بئراچ اسٽيٽ مختيار ڪار آفيس سجاول ۾ ٽي او فارم جي جاري۽ داخلا تي گذريل 11سالن کان غيرقانوني طريقي سان پاببندي مڙھيل آھي جيڪا اڃاتائين ختم نه ٿي سگھي آھي

انھي سلسلي ۾ احمد خان زنگيجو. علي بخش سنجراڻي عبدالعزيز خاصخيلي محمد آمين مندرو محمد موسي مندرو علي محمد ملاح
فقير محمد عرس ملاح ء ٻين ميڊيا سان گالھائيندي چيو ته روينيو کاتي جي بئراچ اسٽيٽ مختيار آفيسن سجاول ٺٽو مان T.O فارم جاري ڪرايا ھئا جن کي 11سال گذري چڪا آھن جيڪي نه رجسٽري ٿي سگھن ٿا نه وري داخلا ٿي سگھن ٿا غير قانوني بندش سبب ٽي او فارم جاري ٿي نه سگھيا آھن جيڪا غير قانوني بندش آھي

کاتيدارن جو چوڻ ھو ته اسان ھارپن جي شرطن تي بئراچ اسٽيٽ مختيار روينيو آفيس سجاول ٺٽو مان لينڌ رجسٽرڊ ڪتاب مان گرانٽ ڪرائي انھن جا سرڪاري واجبات به ادا ڪيا آھن ان جي باوجود ٽي او. فارم مٿان غير قانوني بندش ھئڻ ڪري اسان کي ٽي او فارم جاري نه ڪيا ويا آھن

ٻئي پاسي کاتيدارن جو چوڻ آھي ته ٽي او فارم جن کي جاري ڪيا ويا آھن انھن جي حد جي مختيار ڪار آفيسن ۾ داخلا نه ٿي سگھي آھي

شاھبندر تعلقي جي زميندارن کاتيدارن سپريم ڪورٽ پاڪستان جي چيف جسٽس. قاضي فائز عيسي کان مطالبو ڪيو آھي ته ضلعي سجاول ۽ ٺٽو جي روينيو کاتي جي پئراچ اسٽيٽ مختيار ڪار آفيسن ۾ ٽي او فارم جي جاري گرانٽ ۽ انھن جي داخلا تان غير قانوني بندش ختم ڪرائي مالڪاڻا حقوق ڏئي اسان سان انصاف ڪيو وڃي

16/09/2023

چوھڙجمالي: سنڌ صوبي اندر سنڌ جي سرڪاري کاتن ۾ بدلين مقررين جو سلسلو جاري اي سي شاھبندر وجاھت علي بـــدلـــي
زاھد حـــسين اي سي شاھبندر مقرر

23/08/2023

اڳوڻي پ پ سنڌ حڪومت پاران 2022برسات ٻوڏ جي تباه ڪارين ۾ ڪريل گهرن جا پئسا متاثرين کي نه ملي سگهيا ڏيڊ سال کان متاثرين پريشان

Address

Chuhar Jamali Sindh
Chuhar Jamali
73070

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when utv News pakistan posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to utv News pakistan:

Videos

Share


Other Media/News Companies in Chuhar Jamali

Show All

You may also like