18/05/2024
ڇا وري ٻيھر جتوئي_مهر تڪرار ڀڙڪائڻ جي سازش پئي ٿئي؟؟؟؟
اسان جي علائقي شڪارپور خصوصن تعلقي لکيءَ ۾ وري ٻيھر جتوئي_مهر تڪرار ڀڙڪائڻ جي سازش ڏسجي پئي ۽ ڪجھ وقت کان اھڙي قسم جا مسلسل اشارا به ملن پيا خدا نا خواسته جيڪڏھن اھو وري ساڳو جھيڙو اٿلي پيو ته ان جو اثر يا ان جو نتيجو لوفرن تائين رهڻ جو نه پر تمام ڪاروباري , هاري , سرڪاري, پرائيوٽ نوڪري ڪندڙ , مزدور طبقو ۽ شاگردن جي حالات زندگي تائين اثر پوندو ۽ حالت تنگ ٿي سگهي ٿي ان م شريف هجي يا لوفر،چڳا،امير يا آفيسرن تائين هر طبقو متاثر ٿيندو هي جهيڙو پهرين جهيڙن کان تمام گهڻو نقصانڪار ثابت ٿي سگهندو ان جا مختلف ڪارڻ آھن جنھن ۾ سڀ کان وڏو ڪارڻ سوشل ميڊيا آھي جيڪو جھيڙي تي تيل ھارڻ وارو ڪم ڪندو ۽ ٻيو ته سنڌ پهريان ئي بري دور مان گذري رهي آهي جنهن جا اثر پوئين نسلن لاء خطرناڪ ثابت ٿيندا سو اسان وس وارن کي اپيل ڪيون ٿا عام نوجوان ذھنن کي ٽيڪر ڏئي تڪرار کي نه وڌايو، طاقتورن هٿن کي اپيل ڪجي ٿي ٻئي ڌريون پاڙيسري آهن ويڙهائڻ بدران ڳالهيون ڪرايون وڃن اھو به ياد رکڻ گھرجي ته ڪيترو به وڙھو اڳي پوءِ نيٺ ڳالھين تي اچڻو پوندو تنھن کان بھتر آھي ته ٿوري ۾ ئي ڳالھيون ڪري کير کنڊ ٿيجي ته جيئن وڏي سانحي کان بچي سگهجي
Text copied...