Village Dhoor Gadhro

Village Dhoor Gadhro جئے ماتا ڏيول
شڪتي شيوا منڊلي ڌوڙگڍڙو

31/10/2023
18/10/2023

دنيا جو خوف ۽ ڊپ ڪري ڪوڙ ڪڏهن به نه ڳالهايو، پر الله سائين کان ڊڄي سدائين سچ ڳالهايو۔

21/06/2023

Most WellCome My New Follower

Dileep Kumar Jogoo Rathore, Chaman Jan, Moti Ram, Hameed Manganhar, Khero Khero, P R Sodha Sodha, Hamraj Maghani, Virji Kolhi Kolhi, Pihlaj Migwar, Abdul Rehman Laghari, Rajo Kumar, Ramchand Kohli, Hameer Kumar, Vadhau Bheel, Shabir Ali, Partab Kumar, Lal Muhammad Brohi, Kewal Kumar, Atam Mk, Partab Kohli, Tulsi Das, کلجی کلجی, Geno Mal, Mabiob Ali, Yar Muhammad, Kirshan Bheel, AShok Kumar

28/05/2023

ڪڏهن به هلڪي طبیعت جي ماڻھون سان دوستي نه رکو
ڇو ته اهي وقتي طور دوست
۽ بعد ۾ توهان جا خطرناڪ دشمن بڻجي ويندا آھن..!

01/05/2023

*مزدورن جي عالمي ڏينهن تي به مزدور ڪم تي هوندا، روز ڪمائيو ۽ روز کائو واري اصول تي زندگي جيئندڙ مزدورن کي انهن جو* *عالمي ڏينهن مبارڪ هجي...!!*

*‎ *
* *

لاٽ ٻرندي رھي ساٿ ھلندو رھي👍🌹ميگھ نوجوان اتحاد ڌوڙگڊڙو  سماج سڌارڪ تنظيم جي ساتوين گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ عھديدارن, ميمبر...
09/03/2023

لاٽ ٻرندي رھي ساٿ ھلندو رھي👍🌹

ميگھ نوجوان اتحاد ڌوڙگڊڙو

سماج سڌارڪ تنظيم جي ساتوين گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ عھديدارن, ميمبرن ۽ ڳوٺاڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

صدر #ڌارومل خاڪواڻي گڏجاڻي جي ڪاروائي ھلائيندي ھيٺيان ھدايتون پيش ڪيون ويون,

* سڀني ميمبرن کي سڀ کان پھرين هولي جون مبارڪون ڏنيون ويون,

گڏجاڻي ۾ وقت تي پھچڻ ۽ ڏنل ھدايتن تي پورو لھڻ جون ھدايتون ڏنيون,

بچت ڪم سر تي جمع ڪرائڻ کپي, جيئن ته ڪنهن امرجنسي يا ڪنهن گنڀير صورتحال ۾ ڪم آڻي سگھجي

هولي ,ڏياري يا ٻئي ڪنهن تھوار تي اڪثر نوجوان شراب گھڻي تعداد ۾ واپرائيندا آهن انھن کي سختي سان اھڙي حرڪتن کي روڪڻ جون ھدايتون ڪيون ويون

ڳوٺ ۾ امن امان سان رھڻ کپي ھر ڪنهن ڳوٺاڻي کي ضرورت مھل مدد ڪرڻ کپي, ڪنهن ڳوٺاڻي سان پيش آيل ڪنهن مجبوري کي پنهنجي مجبوري سمجھڻ کپي

پنهنجي ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ۽ انهن کي اعليٰ تعليم ڏياريو

تنظيم جي ميمبرن جي سليڪشن ڪئي وئي اھي ڳوٺ ۾ پاڙي وائز ڊيٽا گڏ ڪري ايندڙ گڏجاڻي ۾ پيش ڪندا ان تحت وڌيڪ ضرورتمند ماڻهن جي مدد ڪري سگھجي

نون آيل ميمبرن کي چڱي نموني آڌرڀاء ڪيو ويو ۽ تنظيم جي اھم مقصدن کان آغا ڪيو ويو

اسان جو منشور آهي ته ڳوٺ ۾ امن امان ۽ ڀائيچاري سان رھڻ کپي, ايندڙ وقت جي لاء پاڻ ۾ ٻڌي ڀائيچارو ۽ تعليم جي سخت ضرورت آهي

ڌارومل خاڪواڻي
صــدر ميگھ نوجوان اتحاد ڌوڙگڊڙو🌹❤

22/10/2022

🪔 ڏياري 🪔
ڏياري جو ڏينھن ھنڌو جاتي لاء وڏي ۾ وڏو ڏينھن آھي
اسان سڀ پنھنجا ڪاروبار بند ڪري ان خوشي جي موقعي تي لڇمي ماتا جو ڪانو ٻاريندا آھيون ۽ پنھنجي گھرن کي ڏيئن کي ٻاري روشن ڪندا آھيون
ان ڏينھن ھر گھر ۾ لڇمي ماتا جو بسترو لڳائي نئي چادر وڇائي ماتا راني جي تصوير رکي پوجا پاٺ ڪيو ويندو آھي ۔ ٽي ڏينھن اھو بسترو ماتا راني جو لڳل ھوندو آھي ۔ لڇمي ماتا سڀ جي گھر ايندي آھي ۽ برڪتون ڇڏي ويندي آھي ۔۔
ڏياري کان ھڪ ميھنو پھرين سڀڪو پنھنجا گھر کولي ان جي صاف سٿرائي جاري رکندو آھي ۔ گھر جا سڀ رشتيدار اچي گڏ ٿيندا آھن ۔ پوجا پاٺ ٿيندي آھي ھڪٻئي کي ڏياري جون مٺائي کارائي واڌايون ڏيندا آھيون ۔ وڏي خوشي جا ٽي ڏينھن ھوندا آھن
پر ھاڻي ڏياري ڏياري ناھي رھي
ڳوٺ جا گھر سالن کان بند آھن ۔ ويران لڳا پيا آھن
گھڻن ماڻھن کولي به ناھن ڏٺا ۔
پاڻ ۾ ميلاپ ختم ٿي ويو آھي ۔ ڏياري جي موقعي تي تقريبن ديوانن جا دوڪان کلل ھوندا آھن ھڪ ڏينھن به بند ناھن ڪندا ۔ رات جو آيا ڏياري جو ڪانو ٻاري صبح جو ڪاروبار تي سوير پھچي ويندا ۔۔۔۔
اسان تقريبن شھرن ۾ منتقل ٿي ويا آھيون
ڳوٺ جا گھر وساري ڇڏيا آھن
ھتي ڪي بنگلن ۾ ڪي فليٽ ۾ رھن ٿا ۔ ھر ڪو گھر ۾ ڪانو ٻاري سمھي صبح جو ڪاروبار تي لڳيو وڃي ۔۔
ڳوٺ به گھٽ پريوار وڃن ٿا ۔
آخر ڇا ٿي ويو آھي ۔۔۔
ڏياري جيڪو لڇمي ماتا جي اچڻ جو ڏينھن آھي ۔ ان ڏينھن ڏيئا ٻاري روشن ڪيا ويا ھئا ھر گھر ۾ ٽي ڏينھن ڏيئا ٻاريندا رھياسين ۔ انھن خوشين کي اسان ڇو وساري ويٺا آھيون ۔۔۔۔۔
جڏھن ميلن لاء 3 ڏينھن ڏيون ٿا ۔ ھر سائي تي تيار آھيون ۔
پوء ديوالي جي ڏينھن موڪل ڇو ناھيون ڪندا ۔ پاڻ ۾ رشتيداري کان پري ڇو ھوندا آھيون ۔ ھڪٻئي جي اولاد کي ناھيون سڃاڻندا ۔
ڳوٺ جا وڏا وڏا گھر کولي انھن جي صفائي ڪرائي اتي ئي ڏياري ڪجي ۔ سڀ پاڙي جا گھر کولي ڳوٺ ۾ ڏياري ڪن ۔ ھڪ ٻئي سان ملن ۔ پنھنجن اولادن کي ھڪٻئي سان تعارف ڪرائين ۔۔۔
ان خوشي جو مزو ئي پنھنجو آھي
ماتا راني به وڌيڪ خوش ٿيندي آھي
ھينئر ڪوشش ڪري ڏياري ڳوٺ پنھنجن سان گڏجي ڪجي ۔
ڪاروبار ٻارائي ميھنا پيا ھلن
ماتا راني سالن ۾ ھڪ دفعو درشن ڪرائڻ ايندي آھي
ان جو درشن ڪري زندگي جو سڪون وٺون ۔۔۔۔۔۔۔۔
زندگي جا ڪم گھٽ ناھن ٿيندا
ھر وقت وڌندا رھندا آھن ۔
ان ڪري رشتن کي بچايون ۔ پنھنجي سڃاڻپ ھڪٻئي کان ختم نه ڪيون
🙏🙏🙏🙏🙏

23/09/2022

تون سپڙ آئون سيڪڙو تون پارس آئون لوھہ
تون ڏاتار آئون ڏوھہ جي سڃين تہ سون ٿيان
(لطيف)

18/09/2022
21/05/2022

Namsty Dosto

Address

Chachro

Telephone

+923480267823

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Village Dhoor Gadhro posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share


Other Digital creator in Chachro

Show All